فيض گنج (رپورٽر) هائير سيڪنڊري جي پرائمري ڪيمپس پڪاچانگ جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 3 معصوم شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون
زبون حال عمارت جي ٽن ڪمرن جا چاپڙ ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙي طاهره، ذڪيه ۽ اقرا زخمي ٿي پيون، جن کي مرهم پٽي ڪرائڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو
اسڪول جي پرنسپل مسرت فاطمه جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي کي لکڻ باوجود عمارت جي مرمت نه پئي ڪرائي وڃي، ٻارڙا خوف واري ماحول ۾ تعليم پرائي رهيا آهن
هن اعليٰ اختيارين کان اسڪول جي عمارت جي جلد مرمت ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو