اسڪول کولرائڻ لاءِ  دانهيندڙ ڪائونسلر کي هٿڪڙيون لڳي ويون: عدالت پيش

اسڪول کولرائڻ لاءِ  دانهيندڙ ڪائونسلر کي هٿڪڙيون لڳي ويون: عدالت پيش

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي پوليس ڊي اي او پرائمري کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل ڪائونسلر کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڪائونسلر کي جيل اماڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڄامشوري جي ڊي اي او پرائمري پانڌي خان ٽالپر طرفان هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور حملو ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرايل يونين ڪائونسل منظور آباد جي ڪائونسلر گلشير کوسي کي ڪوٽڙي پوليس هٿڪڙيون هڻي ڄامشوري جي ڪنزيومر ڪورٽ جي جج عبداللطيف ڏاهاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ڪائونسلر گلشير کوسو کي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪائونسلر گلشير کوسو چيو تہ هو گرفتاري يا جيل کان نٿو ڊڄي، ٻن سالن کان ڳوٺ جو اسڪول بند آهي، جنهنڪري ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي. هن چيو تہ ڪنھن بہ دٻاءُ ۾ نہ ايندس ۽ جيل مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڊي اي او پرائمري جا تعليم دشمن ڪرتوت عوام آڏو ظاهر ڪندس.