تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اسڪيچ اسٽوري يا هڪ خاڪي تي ٻڌل ڪهاڻي … علي رضا قاضي

انگريزي ادب ۾ اسڪيچ اسٽوريءَ جي صنف سورهين صدي ۾ايجادڪئي وئي،جڏهن ته اسڪيچ اسٽوريءَجواصطلاح اوڻويهين صديءَ ۾ گهڻي استعمال هيٺ اچڻ شروع ٿي ويو هو. پاڻ ڄاڻون ٿا ته سنڌي ادب ۾ اڪثر نثري صنفون انگريزي ادب جي معرفت ئي داخل ٿيون آهن، ان ڪري اسڪيچ اسٽوري به پنهنجي اصطلاحي نالي ساڻ اسان وٽ پهتي. سنڌيءَ ۾ اسڪيچ ياخاڪاگهڻوڪري سفري ياشخصي لکيا ويندا رهيا آهن،جڏهن ته انسائڪلو پيڊيا برٽينيڪا موجب، اسڪيچ اسٽوري گاڏڙساڏڙٿئي ٿي. هن ۾ پلاٽ ننڍي پئماني تي يانه هوندوآهي. جنهنجي جاءِتي ماڻهن ۽ جڳهن کي علامتي طورپيش ڪيوويندوآهي. اسڪيچ اسٽوريزجي هڪ ٻي خاصيت غيررواجي طريقوآهي. اوڻويهين صديءَ ۾ انگلينڊ اندر رسالن ۾ وڏي پئماني تي اسڪيچ اسٽوريون شايع ٿينديون رهيون. جديد دور ۾ ’شارٽ اسٽوري‘جي اصطلاح سان ٻئي مشهوراصطلاح ’دي اسڪيچ‘سان ملائي ’اسڪيچ اسٽوري‘ جو ٽرم وجود ۾ آيو. منهنجو مان وارو استاد ڊاڪٽر مهر خادم صاحب چوندو هو ته ”اسڪيچ اسٽوريءَ ۾ جيسيتائين توهان کي لفظن ۾ تصويرون نظر نه ٿيون اچن، تيسيتائين اهي ڪهاڻيون معاشري لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهنديون.“
اسڪيچ اسٽوريز جي مشهور ليکارين ۾ روسي ليکڪ اينتنچيخوف،آمريڪي ليکڪ واشنگٽن ارونگ، آسٽريلياسان تعلق رکندڙهينري لاسن،ساڪي ۽ سعادت حسن منٽوشامل آهن.اسڪيچ اسٽوريز ڇا هونديون آهن؟ انهن کي بهتر سمجهڻ لاءِ اردوءَ جي مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽو جي خاڪن جي ڪتاب ’سياه حاشيي‘ مان ٻه اسڪيچ اسٽوريون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي اردو ادب جي معرفت عالمي ادب ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪيون آهن.

کرامات
”لوٹا ہوا مال برآمد کرنے کیلیے پولیس نے چھاپے مارنے شروع کئے۔لوگ ڈر کے مارے لوٹا ہوا مال رات کے اندھیرے میں باہر پھینکنے لگے، کچھ ایسے بھی تھے جنہوں نے اپنا مال بھی موقع پا کر اپنے سے علیحدہ کردیا تاکہ قانونی گرفت سے بچیں رہیں۔ ایک آدمی کو بہت دقت پیش آئی۔ اس کے پاس شکر کی دو بوریاں تھیں جو اس نے پنساری کی دکان سے لوٹی تھیں۔ ایک تو وہ جوں کی توں رات کے اندھیرے میں پاس والے کنوئیں میں پھینک آیا لیکن جب دوسری اٹھا کر اس میں ڈالنے لگا تو خود بھی ساتھ چلا گیا۔ شور سن کر لوگ اکھٹے ہوگئے۔ کنوئیں میں رسیاں ڈالی گئیں۔ دو جوان نیچے اترے اور اس آدمی کو باہر نکال لیا۔ لیکن چند گھنٹوں کے بعد وہ مرگیا۔ دوسرے دن جب لوگوں نے استعمال کیلیے اس کنوئیں میں سے پانی نکالا تو وہ میٹھا تھا۔ اسی رات اس آدمی کی قبر پر دیئے جل رہے تھے۔“

خاڪي جي صورت ۾ هيءَ ڪهاڻي پنهنجي ڪمال تي پهتل آهي. مختصر لفظن ۾ ليکڪ سڄي سماج جي چٽي تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري ته اهي لکڻيون خاڪن يا اسڪيچ اسٽورين جي نالن سان سڃاتيون وڃن ٿيون. ورهاڱي کانپوءِ ننڍي کنڊ جي حالتن کي جهڙي ريت سعادت حسن منٽو پنهنجي ڪتاب ’سياه حاشيي‘ ۾ مختصر صورتن ۾ قلمبند ڪيو آهي، ان جو ڪو ثاني نه آهي. هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي، جيڪو لٽيل مال گهر ته آڻي ٿو، پر قانون کان خوفزده پڻ آهي، نتيجو ان جي مرڻ ۽ قبر تي ڏيئا ٻرڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
سعادت حسن منٽو هن اسڪيچ ۾ 160 لفظ استعمال ڪيا آهن، پڪ آهي ته جڏهن هو هيءَ تحرير لکي رهيو هوندو، ته هن جي اڳيان لفظن جي ڳڻپ جو مسئلو نه هوندو، پر اهو خيال ضرور آيو هوندو ته ان ڳالهه کي جيترو ٿورن لفظن ۾ لکجي ته بهتر ٿيندو. نتيجي ۾ هڪ اهڙي تصوير جڙي وئي، جيڪا ’پئي پراڻي نه ٿئي‘ جي مصداق آهي. مُني صدي گذرڻ باوجود هينئر به جڏهن اهي 160 لفظ پڙهجن ٿا، ته ان وقت جو ماحول ۽ معاشرو سامهون اچي وڃي ٿو.
فني لحاظ کان هن تحرير ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جا سڀ لوازمات موجود آهن. پلاٽ پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻو سگهارو آهي، جڏهن ته اسڪيچ اسٽوريءَ ۾ ليکڪ جي اڳيان پلاٽ جي حيثيت ثانوي هوندي آهي؛ جيڪڏهن پلاٽ نه به هجي ته به ڪهاڻيءَ ۾ واقعو، ڪردار، مرڪزي خيال، نقطه نظر ۽ پڄاڻي ايترا ته ڀرپور هوندا آهن، جو پلاٽ جي نه هجڻ جو احساس نه ٿيندو آهي.اسڪيچ اسٽوريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ توجهه واقعي طرف هوندو آهي، جيڪو مٿين ڪهاڻيءَ ۾ ڳالهائيندي نظر اچي ٿو، ساڳي وقت انهن حالتن جو ڀرپور عڪاس پڻ آهي، جيڪي ان دؤر ۾ رهيون. ان ڪري ته سعادت حسن منٽو جو نالو تمام مٿاهون آهي. منٽو جي هڪ ٻي اسڪيچ اسٽوري به مضمون ۾ شامل ڪجي ٿي، جنهن جو پسمنظر به ساڳيو ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ئي آهي.

مناسب کارروائی
جب حملہ ہوا تو محلے میں سے اقلیت کے کچھ آدمی تو قتل ہوگئے، جو باقی تھے جانیں بچا کر بھاگ نکلے۔ ایک آدمی اور اس کی بیوی البتہ اپنے گھر کے تہہ خانے میں چھپ گئے۔ دو دن اور دو راتیں پناہ یافتہ میاں بیوی نے قاتلوں کی متوقع آمد میں گزار دیں، مگر کوئی نہ آیا۔ دو دن اور گزر گئے۔ موت کا ڈر کم ہونے لگا۔ بھوک اور پیاس نے زیادہ ستانا شروع کیا۔ چار دن اور بیت گئے، میاں بیوی کو زندگی اور موت سے کوئی دلچسپی نہ رہی۔ دونوں جائے پناہ سے باہر نکل آئے۔ خاوند نے بڑی نحیف آواز میں لوگوں کو اپنی طرف متوجہ کیا اور کہا۔ “ہم دونوں اپنا آپ تمھارے حوالے کرتے ہیں ۔۔۔۔۔۔۔۔ ہمیں مار ڈالو۔” جن کو متوجہ کیا گیا تھا وہ سوچ میں پڑ گئے۔ “ہمارے دھرم میں تو جی ہتیا پاپ ہے۔” وہ سب جینی تھے۔ لیکن انہوں نے آپس میں مشورہ کیا اور میاں بیوی کو مناسب کاروائی کیلیے دوسرے محلے کے آدمیوں کے سپرد کردیا.

اسڪيچ اسٽوري، بنيادي طور اها تصوير آهي، جيڪا ليکڪ پنهنجي لفظن ذريعي پني تي اتاري ٿو. هن لکڻي جو ڪمال پنهنجي جاءِ تي پر جهڙي ريت منظرنگاري ڪئي وڃي ٿي، پڙهندڙ ڪجهه دير لاءِ ساهه کڻڻ به وساريو ويهي.مٿين اسڪيچ اسٽوري به ڪجهه ان طرح جي آهي. اهڙن ماڻهن جو درد جيڪي حالتن جي بيرحم سمنڊ ۾ لڙهي، پنهنجي موت کان به بي خطر ٿي وڃن ٿا. بک ۽ اڃ جي منظرڪشي، ڪجهه اهڙي طرح ٿيل آهي، جو پڙهندڙ به ڪردارن سان سهمت ٿيو وڃي. پڙهڻ کانپوءِ ڪٿي به اهو خيال نه ٿو رهي ته زال مڙس جي ڪردارن کي ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي ها، پر بک ۽ اڃ جا لفظ پڙهي، گهڙي کن لاءِ ماڻهو پاڻ به ان ڪيفيت ۾ گرفتار ٿيو وڃي، جتي موت جو ڊپ به ڪا حيثيت ناهي رکندو!هڪ پاسي جتي اهنجن جي ماريل ماڻهن جي ڪهاڻي آهي، اتي نسبتن امن پسند ماڻهن جي روين جي عڪاسي به ملي ٿي. هندستان ۾ جين ڌرم هندومت مان ئي ڦٽل آهي. جين مت ۾ ماڻهو مارڻ مها پاپ لکيو ويندو آهي، پوءِ اهي ڪهڙو رويو اختيار ڪن ٿا؛ اهو تاريخ جو اهڙو سچ آهي، جنهن کان مني صدي گذرڻ باوجود به پنهنجو پاند آجو نه ڪرائي سگهيا آهيون.
سعادت حسن منٽو جي ان اسڪيچ اسٽوريءَ ۾ جتي تاريخي سچايون نظر اچن ٿيون، اتي هيءَ ڪهاڻي پنهنجي فن ۽ فڪر جي حوالي سان به شاندار آهي. هن اسڪيچ اسٽوريءَ ۾ به پلاٽ نهايت مضبوط، واقعو جاندار، ڪردارنگاري پنهنجي عروج تي پهتل، طرز تحرير لاجواب، مرڪزي خيال شاندار ۽ اختتام ڇرڪائيندڙ آهي.هن اسڪيچ اسٽوريءَ ۾ ليکڪ 170 لفظ استعمال ڪيا آهن، جن مان هر لفظ پنهنجي جاءِ تي ڪمال مهارت سان استعمال ڪيو ويو آهي. هر لفظ پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ ڪهاڻي جي حيثيت رکي ٿو. اسڪيچ اسٽورين ۾ منٽو جو نالو عالمي ليکڪن منجهه شمار ٿئي ٿو، جتي هن جون شارٽ اسٽوريون ڪمال جون آهن، اتي اسڪيچ اسٽوريون به فن جي عروج تي نظر اچن ٿيون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *