| اشارو مليو ته 28هين ترميم تي اتحادين سان مشاورت ٿيندي، صدر ۽ وزيراعظم گڏ ويهندا ته معاملو اڳتي وڌندو: وفاقي سرڪار |
لاهور (م ڊ) وفاقي وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته في الحال 28 هين ترميم جا آثار نظر نٿا اچن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پهرين پارليامينٽ ۾ موجود پنهنجن اتحادين سان مشاورت ڪنداسين، اتحادين پاران سگنل ملندو ته پوءِ رهنمائي ۽ مشاورت ٿيندي. وفاقي وزيرِ قانون جو چوڻ هو ته اسان هڪ مخلوط حڪومت آهيون، آئيني ترميم مشاورت کان سواءِ ڪيئن ٿا ڪري سگهون، اتفاقِ راءِ کان سواءِ آئيني ترميم جي عمل کي اڳتي نه وڌايو ويندو، اڃا ڪجهه به واضح ناهي، ڊرافٽ (مسودو) ٺهڻ تي ئي ترميم جا خدوخال واضح ٿيندا آهن. وفاقي وزير چيو ته وفاق کي هلائڻ لاءِ ڪجهه مسئلا درپيش آهن، ايم ڪيو ايم جا ساٿي چون ٿا ته مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪيو وڃي، جيڪا تجويز هو کڻي آيا هئا، وزيراعظم ان تي اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي ذميواري سونپي هئي، اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ پاسي وزيراعظم هڪ جماعت ۽ ٻئي پاسي صدر ٻي جماعت جو آهي، مشاورت کانسواءِ آئيني ترميم ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري گڏ ويهندا ته مشاورت اڳتي وڌندي، اين ايف سي جي فارمولا ۾ بنيادي نقطو وڌندڙ آبادي آهي، سرائيڪي صوبي سميت ڪيترائي علائقائي يا صوبائي مطالبا آهن،