اشتهار، انفلوئنسرز ۽ سنڌ جي ميڊيا تي وڌندڙ سياسي ڪنٽرول … مسلم ميراڻي

                 سنڌ جي سياست ۾ هاڻي رڳو اقتدار، چونڊن ۽ بيانن جي جنگ ناهي رهي، پر اصل جنگ “بيانيي” تي هلي رهي آهي. اهو بيانيو، جيڪو عوام جي سوچ، احساسن ۽ سياسي راءِ کي شڪل ڏئي ٿو. ماضيءَ ۾ اهو ڪم گهڻو ڪري اخبارون، رسالا ۽ ريڊيو ڪندا هئا، پوءِ ٽي وي چينلن جو دؤر آيو، ۽ هاڻي سوشل ميڊيا ان جنگ جو سڀ کان وڏو ميدان بڻجي چڪي آهي. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران هڪ نئون ۽ منظم رجحان تيزيءَ سان سامهون آيو آهي: پيڊ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز، سرڪاري اشتهارن وسيلي ميڊيا ڪنٽرول، ۽ تنقيدي صحافت کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ.

                 هي رڳو سياسي الزام يا ذمخالفن جي شڪايت ناهي، پر زميني حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ ميڊيا جي بقا جو وڏو دارومدار سرڪاري اشتهارن تي آهي. اشتهارن وارو نظام حڪومت لاءِ رڳو معلومات پهچائڻ جو ذريعو نه رهيو آهي، پر اهو سياسي اثر رسوخ، وفاداري پيدا ڪرڻ ۽ ذتنقيدي آواز کي خاموش ڪرائڻ جو طاقتور اوزار بڻجي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي  اخبارون، ويب ٽي وي، يوٽيوب چينل، فيس بڪ پيجز ۽ ڊجيٽل پليٽفارمز معاشي بحران جو شڪار آهن. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي ادارا، جيڪي حڪومتي پاليسين، ڪرپشن، بدامني، تعليم جي زبون حالي، صحت جي بحران، پاڻي جي کوٽ يا بيروزگاري جهڙن مسئلن کي نمايان ڪن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري اشتهار آهستي آهستي بند ٿيندا وڃن ٿا. نتيجي ۾ اهڙن ادارن لاءِ پگهارون ڏيڻ، پرنٽنگ، آفيس خرچ يا ڊجيٽل آپريشن هلائڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. ٻئي پاسي جيڪي ادارا حڪومتي بيانئي سان هم آهنگ ٿين ٿا، انهن لاءِ اشتهارن جا در کليل رهن ٿا. اهڙي ريت صحافت آهستي آهستي عوامي احتساب بدران “سرڪاري تعلقات عامه” ۾ تبديل ٿيندي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا جي وڌندڙ اثر کان پوءِ صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي. هاڻي رڳو اخبار يا ٽي وي کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪافي ناهي رهيو، پر فيس بڪ، يوٽيوب، ايڪس (ٽوئيٽر)، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي به منظم ڊجيٽل نيٽ ورڪ ٺاهيا ويا آهن. ڪيترائي اهڙا پيج ۽ انفلوئنسرز آهن، جيڪي بظاهر آزاد نظر اچن ٿا، پر عملي طور حڪومتي مهمن جو حصو بڻيل هوندا آهن. ڪنهن وزير جي دوري، ڪنهن منصوبي جي افتتاح، يا ڪنهن سياسي بيان کي اهڙي نموني “ٽرينڊ” ڪرايو وڃي ٿو، ڄڻ عوام پاڻمرادو ان جي واکاڻ ڪري رهيو هجي.

اهو رجحان رڳو سنڌ تائين محدود ناهي؛ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون ڊجيٽل ميڊيا کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪن ٿيون. پر مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن عوام جي ٽيڪسن مان هلندڙ وسيلا سياسي تشهير لاءِ استعمال ٿيڻ لڳن، ۽ عوامي مسئلن تي ڳالهائيندڙ آواز کي ڪمزور ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ ڪيترائي صحافي ۽ ميڊيا ورڪر غير رسمي طور اها شڪايت ڪندي نظر اچن ٿا ته “تنقيدي صحافت” ڪرڻ سان اشتهار بند ٿي وڃن ٿا. ڪجهه ادارن کي مهينن تائين ادائيگيون ناهن ملنديون، جڏهن ته حڪومت نواز پليٽفارمز کي مسلسل اشتهار ۽ اسپانسرشپ ملندي رهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ صحافت جي آزادي نظرياتي نه، پر معاشي مسئلو بڻجي وڃي ٿي.

اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ڪيترن ننڍن ميڊيا ادارن کي مالي بحران سبب پنهنجو ادارتي ڪنٽرول وڃائڻو پيو. ڪجهه ادارا خاموشيءَ سان اهڙن ڪاروباري ماڻهن جي هٿن ۾ ويا، جيڪي سياسي طور طاقتور ڌرين سان ويجها سمجهيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ ساڳيو ميڊيا هائوس، جيڪو اڳ حڪومت تي تنقيد ڪندو هو، هاڻي “غيرجانبداري” جي نالي ۾ خاموش يا حڪومتي موقف جو حامي بڻجي وڃي ٿو.

هي عمل جمهوريت لاءِ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ جمهوريت صرف چونڊن جو نالو ناهي. جمهوريت جو بنيادي روح آزاد صحافت، تنقيدي راءِ، ۽ احتساب آهي. جيڪڏهن صحافي، اينڪر، يوٽيوبر يا ايڊيٽر اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ته “هي خبر هلائڻ سان اشتهار بند ٿي ويندا”، ته پوءِ صحافت پنهنجي اصل ڪردار کان پري ٿي وڃي ٿي. سنڌ ۾ اها صورتحال وڌيڪ حساس ان ڪري به آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ هتي اڳ ئي ڪيترائي بنيادي مسئلا موجود آهن. تعليم جي تباهي، اسڪولن جي کوٽ، اسپتالن جي خراب حالت، پاڻي جي بحران، بدامني، قبيلائي  تڪرار، ڌاڙيل راڄ، منشيات، ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا عوام جي زندگيءَ تي سڌو اثر وجهن ٿا. جيڪڏهن ميڊيا انهن مسئلن کي اجاگر ڪرڻ بدران رڳو سياسي تشهير ۾ مصروف رهي، ته عام ماڻهوءَ جي آواز جو نمائندو ڪير رهندو؟

سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ناانصافيون به انهيءَ وسيع مسئلي جو حصو آهن. ڪيترائي سرڪاري اشتهار، بورڊ، مهمون ۽ سوشل ميڊيا مواد اهڙي سنڌيءَ ۾ جاري ڪيا وڃن ٿا، جيڪا نه صرف لساني غلطين سان ڀريل هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي سڃاڻپ کي به نقصان پهچائيندي آهي. افسوس اهو آهي ته اهڙين غلطين تي به تنقيد گهٽ نظر اچي ٿي، ڇو ته ڪيترائي پليٽفارمز سرڪاري اشتهارن تي ڀاڙين ٿا.

سوال اهو ناهي ته حڪومت پنهنجون ڪاميابيون ڇو ڏيکاري ٿي؛ هر حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿي، ۽ اهو ان جو حق به آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا عوام جي پئسن سان هلندڙ اشتهاري مهمون رڳو هڪ سياسي پارٽي يا مخصوص بيانئي جي خدمت لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن؟ ڇا اختلاف راءِ رکڻ وارو هر صحافي يا ادارو “مخالف” سمجهيو وڃي؟ هڪ صحتمند سماج ۾ حڪومت ۽ ميڊيا جو تعلق “اشتهارن” بدران “احتساب” تي ٻڌل هوندو آهي. حڪومت جو ڪم جواب ڏيڻ آهي، ۽ ميڊيا جو ڪم سوال ڪرڻ. جيڪڏهن سوال ڪرڻ وارو ڪمزور ٿي وڃي، ته پوءِ طاقت جو توازن به ختم ٿي وڃي ٿو.

سنڌ ۾ اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪاري اشتهارن جي ورڇ لاءِ شفاف پاليسي جوڙي وڃي. اشتهار سياسي وفاداري بدران واضح معيار تحت ڏنا وڃن. ننڍن ۽ علائقائي ميڊيا ادارن جي بقا لاءِ به اهڙو نظام هجي، جيڪو انهن کي معاشي دٻاءَ کان بچائي سگهي. ساڳي وقت، صحافتي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ علمي حلقن کي به ميڊيا جي آزادي بابت سنجيده بحث شروع ڪرڻو پوندو.

سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي حوالي سان به شفافيت ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو پيج يا انفلوئنسر اسپانسرڊ مهم هلائي رهيو آهي، ته ان کي واضح طور ظاهر ڪرڻ گهرجي. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اهڙي مواد لاءِ قانوني ضابطا موجود آهن، ته جيئن عوام کي خبر هجي ته ڪهڙي راءِ آزاد آهي ۽ ڪهڙي ادا ڪيل مهم جو حصو. سنڌ جو عوام سياسي نعريبازي کان وڌيڪ هاڻي عملي سچ ڏسڻ چاهي ٿو. ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪول، اسپتال، پاڻي، روڊ، امن ۽ روزگار گهرن ٿا. جيڪڏهن ميڊيا انهن مسئلن بدران رڳو سياسي تصويرڪشي ۾ مصروف رهي، ته عوام ۽ صحافت جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو ڪمزور ٿيندو ويندو.

تاريخ شاهد آهي ته جيڪي سماج آزاد صحافت کي ڪمزور ڪن ٿا، اتي آخرڪار عوامي اعتماد به ختم ٿي وڃي ٿو. طاقتور حڪومتون شايد ڪجهه وقت لاءِ تنقيد کي ڪنٽرول ڪري وٺن، پر سچ کي مڪمل طور خاموش نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي صحافت جو اصل حسن به هميشه اهو رهيو آهي ته هن هر دؤر ۾ ڏکين حالتن باوجود عوامي آواز کي زنده رکيو. اڄ به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحافت کي “اشتهارن جي غلامي” مان آزاد ڪري، ان کي وري عوام جي مسئلن سان جوڙيو وڃي. ڇو ته جيڪڏهن ميڊيا صرف طاقتور ڌرين جي واکاڻ تائين محدود ٿي وئي، ته پوءِ جمهوريت جو روح، عوام جو اعتماد، ۽ سچ جي اهميت، سڀ خطري ۾ پئجي ويندا.