اشتهارين جا بيان قلمبند؟ سانگهڙ جو  ايس پي ڪمپلين سيل طلب

اشتهارين جا بيان قلمبند؟ سانگهڙ جو  ايس پي ڪمپلين سيل طلب

 شهدادپور(ن پ ا) اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري بجاءِ بيان قلمبند، ايس ايڇ او شاهپور چاڪر ۽ ايس پي ڪمپلين سيل  طلب، ان ڏس ۾ شاهپور چاڪر ٿاڻي تي گُٽڪا ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن جا ايس پي ڪمپلين سيل سانگهڙ پاران بيان قلمبند ڪرڻ جو ايڊيشنل سيشن جج شاهد ميمڻ نوٽيس وٺي شاهپورچاڪر ٿاڻي جي ايس ايچ او اشرف زرداري ۽ ايس پي ڪمپلين سيل انچارج رائو واجد علي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران عدالت پوليس عملدارن کي ڇنڊ پٽي ته اشتهاري قرار ڏنل جوابدار اصغر ۽ سائينداد زرداري کي ضمانت رد ٿيڻ باوجود  گرفتار ڇو ناهي ڪيو ويو؟ ڄاڻايل جوابدار شاهپورچاڪر ٿاڻي ۽ ڪمپلينٽ سيل سانگهڙ آڏو پيش ٿيا پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ بدران رڳو بيان قلمبند ڪري آزاد ڪيو،