تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اشو آف دي ڊي … بائيڊن ڪامياب: مون کي ڇو ڪڍيو: ٽرمپ جو نعرو سوشل ميڊيا تي وائرل

آمريڪا ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ جوبائيڊن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ ٽرمپ کي شڪست ٿي آهي ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪالهه به دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري رهيو آهي، ٽرمپ، جوبائيڊ ۽ ڪملا هيرس جي حوالي سان مختلف پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ دلچسپ ڪمينٽس ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪي چونڊن ۾ ڀلي ڪامياب جوبائيڊن ٿيو پر ڪملا هيرس تاريخ ٺاهي ڇڏي.آمريڪا جي تاريخ جي پهرين عورت وائيس پريزيڊنٽ سا به ڪاري رنگ واري سمجهو ته آمريڪا جو اصل روح واپس اچي ويو، نثار احمد ڏيٿو لکيو ته ڪاري رنگ جي ضرور آهي پر اصل ڀارت جي آهي، اعجاز علي پهوڙ لکيو ته ڪملا جي ماءُ ڀارتي ۽ والد آفريڪي آهي، اي ڪي هڪڙو لکيو ته اوباما به ڪاري رنگ جو هو پر پاليسي رنگ ڏسي ناهن مٽائيندا.برڪت نوناري لکيو ته دراوڙي تاملن جي ڏوهٽيءَ کي آمريڪي نائب صدر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا، عزيز راج لکيو ته ٽرمپ ويو هاڻي ان جي ڀاءُ جي وڃڻ جو انتظار آهي. دليپ رتناڻي پوسٽ ڪئي ته باءِ باءِ ٽرمپ، قاسم راڄپر لکيو ته آمريڪا ۾ نسل پرستي ۽ بنياد پرستي جا پير اکڙي رهيا آهن، بائيڊن جي ڪاميابي روشن خيالي جي فتح آهي.ريحان خان لکيو ته پڇڻو اهو هيو ته آمريڪا جو نئون صدر ٿيل بائيڊن ذات جو ڪير آهي، ان کانسواءِ ايڊٽ ٿيل ٽوئيٽ شيئرز ڪيا ويا جنهن ۾ ايوانڪا ٽرمپ پاران لکيو ويو ته رات منهنجي پيءُ کي ٻه ڀيرا دل جو دورو پيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جا ايڊٽ ٿيل ٽوئيٽ شيئرڪيا ويا جنهن ۾ ٽرمپ پاران ڄاڻايو ويو ته مون کي ڇو ڪڍيو، مون سان ڌانڌلي ٿي رهي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *