تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اشو آف دي ڊي … جيل ڪير ويندو عمران خان يا نواز شريف…؟

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن لنڊن وڃڻو پوي ته به ويندس پر نواز شريف کي واپس ڏيهه آڻيندس ۽ جيل ۾ وجهندس، جڏهن ته ڪالهه پي ڊي ايم جي جلسي ۾ نواز شريف چيو آهي ته عمران خان بچي نه سگهندو ۽ جيل ويندو، سو اتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان يا نواز شريف جيل ويندو؟ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي. صحبت ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيل ڪير ويندو عمران خان يا نواز شريف يا سڀ پنهنجي جاءِ تي خوش هوندا؟ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي قاسم حيدر لکيو ته نواز شريف جيل ويندو، خالد حسين لکيو ته صورتحال خطرناڪ آهي پنجاب جو عوام جيڪڏهن نڪري پيو ته ماحول نواز شريف جي حق ۾ رھندو، ڀلي پوءِ اسٽيبلشمنٽ ڪيتري به طاقت ۾ ڇو نه ھجي، پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جي ڪري اسٽيبلشمنٽ سان گڏ ھوندي، مھانگائي، بيروزگاري جي ڪري عمران خان عوام ۾ مڪمل طور ناڪام ويو آھي، جيل مشڪل ٿو لڳي باقي جن عمران خان کي آندو آهي اهي کيس ٻاهر ڪڍي ويندا.شهباز لطيف لکيو ته نواز شريف جيل ويندو، منصور نثار لکيو ته ٻئي جيل ويندا،سعادت حسن لکيو ته عمران خان جو پنجاب وارا برو حال ڪندا، ممتياز علي پتوجو لکيو ته ٻنهي مان ڪنهن به ڪُڻو نڪري سگهي ٿو، جبار آزاد منگي ۽ ايم ڏنو وڳڻ لکيو ته عمران خان ويندو، وسايو هاليپوٽو لکيو ته هي ملڪ ڳجهارت آهي، زاهد حسين سمون لکيو ته جيل ويندڙ ۽ جيل موڪليندڙ به گهٽ ناهن، ڄام عبدالرزاق لکيو ته ڪو به جيل نه ويندو عمران خان ملڪ مان ڀڄي ويندو، اعجاز ڪٽپر لکيو ته ڪجهه به نه ٿيندو وري ڪو نئون تيار ڪيو هوندن، رسول بخش ٿيٻو لکيو ته هن ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، محمد ياسين ڀيو لکيو ته مارشل لاء لڳندو، محمد عثمان پنهور لکيو ته اهي جيل کان اڳتي نڪري ويندا، سليمان سولنگي لکيو ته گهڻو امڪان ته عمران خان جو آهي پر ٿي سگهي ٿو ته يورپ جا واپاري کيس بچائي وٺن ڇو ڪراچي جا بندر، بازارون، ٻيٽ انهن کي گهرجن. زبير پيرزادو لکيو ته ٻئي ٻيو دڳ پيا ڳولهن، منير ڀرڳڙي لکيو ته نواز شريف ته جيل ويو، سزا به کاڌي هاڻي فرار ٿيل آهي تنهن ڪري سوال ئي غلط آهي، عمران خان اتي ئي رهندو هن ڪرپشن ناهي ڪئي، رضا سهاڳ لکيو ته عمران خان ڀڄي ويندو يا وري سياست تان رٽائر ٿي ويندو، يعقوب پنهور، گل حسن چانڊيو لکيو ته ڪير به جيل نه ويندو، ان کانسواءِ مختيار عباسي، سيد آفتاب علي شاهه، توصيف ملڪ، موسيٰ ڪنڀر، زين الله ابڙو، طارق زنگيجو، اظهر ڀٽو، عبدالمالڪ، مظفر قاضي، محمد خان سيال، لياقت عباسي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *