تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

اشو آف دي ڊي … حيدرآباد جي شمع سان مڙس جو ظلم: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل

                         حيدرآباد جي شمع تي مڙس جي تشدد خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان عرفانه ملاح شمع جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي نئين پرڻيل ڪنوار آهي جنهن کي گهوٽ ٻه ماڙ عمارت کان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، هن جو ڏوهه صرف اهو هو ته بيمار والد سان ملڻ جي اجازت گهري رهي هئي، هي شمع آهي جنهن جون اکيون هن سماج جي اوندهه طرف ڏسي رهيون آهن، پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو، سخي پير ٿاڻي تي هي ڇوڪري پاڙيسري وٺي آيا هئا، اهڙي ٽوئيٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي عروسه کٽي لکيو ته هي دنيا عورت لاءِ ڪنهن جهنم کان گهٽ ناهي، امين سومرو لکيو ته صرف عورت نه پر انسان لاءِ دنيا جهنم جهڙي آهي، وقار عباسي لکيو ته ظلم جي انتها آهي، جويريه صديق لکيو ته ان جي مڙس کي به ساڳئي عمارت تان هيٺ اڇلايو وڃي، نوره جميل لکيو ته ان جي مڙس کي سزا ڏيڻ سان معاشري جي اصلاح نه ٿيندي اهڙو شعور اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي قانونسازي جي ضرورت آهي جنهن سان اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. ناياب گوهر جان لکيو ته دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي. انيلا رفيق ملاح، شازيه سنڌي، امير جان چانڊيو، آڪاش ملاح پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد ۾ ڪُنوار کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پَنهنجو ڄڻ ته سَڄو معاشرو رفيق مَلڪن ۽ خيرو بُگٽين حوالي ٿي ويو آهي. هر روز ظلم جو ڪونه ڪو وڏو واقعو پيش اَچي رهيو آهي. هِي نياڻي حيدرآباد سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو نالو شمع آهي. ڪُجهه عرصو اڳ سندس شادي ٿي هئي، جنهن کي گهوٽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شمع تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. سَندس چوڻ آهي ته مُنهنجو والد بيمار آهي، جنهن جي عيادت لاءِ اجازت گهريم ته مڙس سخت مارڪٽ ڪئي ۽ ٻه ماڙ تان اُڇلائي هيٺ ڪيرايو. مظلوم نياڻيءَ انصاف جي گهر ڪئي آهي. هوڏانهن حد جي سَخي پير پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران شمع کي ڪوڙا آسرا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. انيلا رفيق جي پوسٽ تي عرفان علي جنجهي، وسيم احمد، گل حسن ميربحر، پپن جاگيراڻي، محمد صالح، وفا برهماڻي، منوهر داس ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. شازيه سنڌي جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي قمر الدين ڪلهوڙو، شفيع محمد جسڪاڻي، منصور علي راڄپر، سليم نهڙي، اشتياق قريشي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. اشرف آزاد لکيو ته مسئلو اهو آهي ته ڏوهاري کي سزا نٿي ملي کيس ڪٿان نه رليف ملي ٿو وڃي،عروسه شرف، اعجاز انصاري، زبيده ماروي، شفا قاضي، جي فاطمه اديبه، ظفر علي، دلدار ڀٽي، منصور علي اعواڻ، دعا شاهه، نسرين ميمڻ، غلام سرور ميتلو، شبير شاهه، وقار سومرو ۽ ٻين پڻ افسوس جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *