تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اشو آف دي ڊي … حڪومت جنوري کان اڳ هلي ويندي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جنوري کان اڳ ئي هلي ويندي ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر ساديه ڪمال ٽوئيٽ ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز دعويٰ ڪئي آهي ته موجوده حڪومت جنوري کان اڳ هلي ويندي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالقيوم چاچڙ لکيو ته اهو بيان به ايئن آهي جيئن منهنجي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي ناهي، حاجي عبدالله لکيو ته انشاءَالله جنوري کان اڳ حڪومت هلي ويندي، ملڪ لکيو ته مريم نواز گهران سوچي ايندي آهي ڇا اڄ ڪهڙي غلط ڳالهه ڪرڻي آهي، محمد حنيف ڇا اها نجومي آهي جو اهڙي ڳالهه ڪري ٿي؟ ثاقب حنيف لکيو ته حڪومت سان گڏ کيس آڻيندڙ به ويندا. نديم لکيو ته اهي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.غلام سرور لکيو ته ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي، فرحاد نذير اهڙي ڳالهه ڪرڻ تي مريم نواز کي دعائون ڏنيون.منصور خان لکيو ته مريم نواز گذريل ٻن سالن کان اهڙو خواب ڏسي رهي آهي.شاهد لغاري پڻ راءِ جو اظهار ڪوي، احمد مسعود حيدر لکيو ته ان کي ڪنهن ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي، اويس ظفر لکيو ته حڪومت ڪيڏانهن ويندي؟ زاهد بروهي لکيو ته بلڪل حڪومت جنوري کان اڳ هلي ويندي. سلوت تارڙ لکيو ته پر حڪومت ڪيڏانهن ويندي؟ظفر حسن رضا، ملڪ احسن، سهيل سرفراز پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، مبشر لطيف لکيو ته هي حڪومت ويندي ته پوءِ ڪنهن جي حڪومت ايندي؟احمد شڪيل، چوڌري قاسم، سيد محمد بشير، فاطمه حسن، آصف اقبال، نويد قاضي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. جڏهن ته حنا پرويز بٽ سهيل وڙائچ جا لفظ لکيا ته حڪومت چاهيندي ته مريم نواز لاهور کان جلوس ڪڍي گوجرانوالا رواني نه ٿئي ڇو ته ان ڳالهه جو انديشو آهي ته ڪٿي جلوس يا ريلي وڏي نه ٿئي، انتظاميا جي ڪوشش هوندي ته رنڊڪون وجهي، گرفتاريون ڪري رستا بند ڪري صرف محدود تعداد ۾ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي. واضح رهي ته مريم نواز پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته نوازشريف پاڻ قيادت جي ڪري رهيو آهي، پي ڊي ايم وقت جي ضروت آهي، ملڪ جنهن رستي تي هلي پيو ان کي روڪڻ ضروري آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سميت سموري اپوزيشن قيادت سان معاملا بهتر انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، حڪومت جنوري کان اڳ ختم ٿي ويندي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته استعيفا به ڏينداسين. شهباز گل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مريم نواز پنهنجي انٽرويو ۾ تسليم ڪيو ته سندس والد ۽ هوءَ پاڻ ان ڪري خاموش هئا جو شهباز شريف ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو اهو پهريون اڌ سچ آهي جيڪو مريم نواز ڳالهايو اڌ سچ اهو آهي ته مريم پاڻ ڊيل جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڪوششون ڪيون.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *