تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

اشو آف دي ڊي … سنڌ آئلينڊ اٿارٽي کي رد ڪري ڇڏيو، ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، اڪثر ماڻهن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي ۽ ان لاءِ جوڙيل اٿارٽي کي رد ڪندي اٿارٽي جي قيام لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان کانسواءِ ٻيٽن واري معاملي تي پ پ اڳواڻن، جي ڊي اي اڳواڻن ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن مٿان پڻ تنقيد ڪئي وئي. ڪالهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سنڌ رجيڪٽس آئلينڊ اٿارٽي هيش ٽيگ ٽرينڊ ٽاپ ٽين ۾ ٻئي نمبر تي رهيو. شام 6 وڳي تائين هڪ لک کان وڌيڪ ٽوئيٽ ڪيا ويا، ٻيٽن خلاف سوشل ميڊيا تي هلايل مهم ۾ اقصيٰ ڪينجهر جمالي، سجاد ڀٽي، رابيل سيال، فيصل سومرو، محب سنڌي، زبير احمد، زويا اصغر، سرمد پليجو، سنتوش ڪمار، سعيد ساگري، علي وقاص ميمڻ، سنڌو جويو، شاهزمان راڄپر، اربيا جلباڻي، نصير ميمڻ، سسئي ظفر راڄپر، امتياز سومرو، منظور علي، ناز سولنگي، سجاد حسين بڙدي، انجنيئر شعيب احمد، ذيشان جوڻيجو، مير سهراب خان مري، مختيار عباسي ۽ ٻين هزارين ماڻهن پاران اهڙي ٽرينڊ ۾ حصو وٺندي پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ آئلينڊ اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪيو ويو. ٻيٽ بچايو، سنڌ بچايو ٽرينڊ پڻ هلندو رهيو. ان کانسواءِ سنڌ حڪومت جي حوالي سان پڻ خبر جون تصويرون ٽوئيٽ ڪيون ويون جنهن ۾ سنڌ حڪومت جو موقف ڄاڻايل هو ته ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ سان ملڪ ترقي ڪندو، نثار کهڙو جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي، جنهن مٿان شديد تنقيد ڪئي وئي. ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ تي ٻيٽن واري معاملي تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون جنهن ۾ عرفانه ملاح لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت جلد اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد منظور ڪري، انعم ٽالپر لکيو ته سنڌ جي ملڪيت وفاق حوالي ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي، فاروق سومرو شعر لکيو ته مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، آرڊيننس کي سنڌ اسيمبلي ذريعي ختم ڪرڻ جو قانوني رستو موجود آهي ته سنڌ حڪومت ڇو خاموشي سان سنڌ حڪومت پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي رهي آهي، نورالهديٰ شاهه لکيو ته ڇا پاڪستان ان لاءِ ٺاهيو ويو هو ته قديم مقامي آبادين جي پيرن هيٺان زمين کسي ٻاهرين طاقتن کي وڪرو ڪئي وڃي؟ عاجز جمالي لکيو ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن قبضو ڪافي عرصي کان ٿي چڪو آهي آرڊيننس ته هاڻي جاري ٿيو آهي، سمنڊ ۾ ٻيٽن تي ويندڙ مهاڻن کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، 8 لک مهاڻا بيروزگار ٿيندا، تمر جي ٻيلا ۽ آبي جيوت تباهه ٿي ويندي.ٻيٽن جي حفاظت ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. مهراڻ ميمڻ لکيو ته آئلينڊ اٿارٽي سنڌ مٿان نئون ون يونٽ آهي. ٻيٽن جي حوالي سان جاويد قاضي لکيو ته اهو قدم آئين جي خلاف آهي، ملڪ خلاف آهي. شهنيلا زرداري لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور، بشرا گوهر لکيو ته اسان سنڌ سان گڏ آهيون، ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيو وڃي. امر سنڌو لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن خلاف وفاقي آرڊيننس تي پي ٽي آءِ جي سنڌي قيادت احتجاج ۾ ڪٿي آهي؟ اياز لطيف پليجو لکيو ته آئلينڊ اٿارٽي آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، آئيني ۽ قانوني طور ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن. عبدالله ميراڻي جلال شاهه جو حوالو ڏيندي لکيو ته سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن سنڌ جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ هر مزاحمت ڪنداسين. سورٺ سنڌو لکيو ته سنڌ ايوب خان، ضيا، مشرف سان ويڙهه ڪئي هاڻي عمران خان سان ويڙهه ڪري رهي آهي، جي ڊي اي جي خاموشي به سواليه نشان آهي. مرتضيٰ سولنگي لکيو ته آئلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس صدر علوي صحيح ڪيو آهي جنهن ذريعي سنڌ جا ٻه ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ واري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. دودو چانڊيو لکيوته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جن بابت صدارتي آرڊيننس غيرقانوني آهي تنهن ڪري اسان آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. نفيسه شاهه ٽوئيٽ ڪيو ته پ پ آرڊيننس کي رد ڪري ٿي، اهو آرڊيننس غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي، ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. قربان بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت ٻيٽن واري معاملي تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. غلام حسين چانڊيو لکيو ته سوال اهو آهي ته جڏهن وفاقي ڪابينا ۾ سنڌ دشمن بل جي سمري تي صحيح ٿي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزيرن ۽ مشيرن اعتراض نه ڪيو نه ئي سنڌ جي عوام کي اهڙي آگاهي ڏني؟ علي خواجه لکيو ته سنڌ حڪومت جي واضح حڪمت عملي اچڻ تائين سندن وزيرن جو پڇاڻو جاري رکيو وڃي، بيرسٽر ضمير گهمري چواڻي ته سنڌ اسيمبلي وٽ 18هين ترميم بعد اهي سڀ اختيار آهن جن سان هو ٻيٽن بابت قانونسازي ڪري آرڊيننس کي رد ڪري سگهن ٿا پر اڃا اهڙو ڪم انهن ناهي ڪيو. سنيتا راٺوڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي ڊولپمينٽ اٿارٽي اصل ۾ قبضاگيري آهي، هي وقت اٿڻ جو آهي.جنهن تي منير مگسي لکيو ته سنڌي ۽ بلوچن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ وارو منصوبو قبول ناهي، گلزار سومرو لکيو ته ٻيٽن بابت جوڙيل اٿارٽي کي رد ڪريون ٿا، لال اظهر پٺاڻ پڻ ٻيٽن واري منصوبي جي مخالفت ڪئي.شاهنواز ڪامريڊ، ممتاز راهمون، مدد علي بلوچ، اصغر ساگر، منور سومرو ۽ ٻين پڻ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ جي مخالفت ڪئي.مسرور کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاق طرفان سنڌ جي جاڙن ٻيٽن تي لڳل ڌاڙو منظور ناهي، اهڙي پوسٽ تي معظم علي ڀٽو، اياز ڏاهري، محسن ملاح، اسرار گهمرو، امير علي، ساجد علي جويو، ڪشور ڪمار ۽ ٻين پڻ چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو قبول نه ڪيو ويندو. علي ڪامران سهتو لکيو ته ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ سان مقامي ماڻهن جي ترقي ٿيندي اهو چوڻ نثار کهڙي جو آهي، پر نثار کهڙو صاحب ! بحريا ٽائون سميت ٻين ڪيترن ئي جاين تي سنڌ کي اهڙا لالي پاپ ڏئي چڪا آهيو. سنڌ جا ڀڳل ٽٽل روڊ ۽ اسڪول توڙي اسپتالن جي حالت نه سڌاري سگهندڙ پ پ حڪومت جا ذميوار ماڻهو ٻيٽن تي شهر اڏڻ کي سنڌ جي ترقي ٿا قرار ڏين.ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ذڪيه اعجاز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ فيصلو ڪري سنڌ کپي يا حڪومت؟ اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منير ڀرڳڙي لکيو ته اهو ڪنهن ڪو نه سوچيو هو ته سنڌ جا ٻيٽ کپائڻ واري معاملي تي پيپلزپارٽي ايترو ڪري پوندي، علي رفيق دايو لکيو ته پ پ حڪومت جي چونڊ ڪندي، ميراڻي ذوالفقار پڻ لکيو ته پ پ کي حڪومت کپي، سرفراز احمد، ثناءُالله عتيق، احد سوهو، نذير احمد ڀٽي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هنن بحريا ٽائون جي نالي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وڪڻي ڇڏي جنهن بعد ڪرپشن ڪيسن مان بچڻ لاءِ سنڌ جي ورهاست جو سودو ڪيو آهي. جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو روڪيو وڃي، ڪراچي جي ٻيٽن ۽ مجموعي طرح ڪراچي تي انتظامي قبضي سميت مرڪز جي سنڌ خلاف سياسي دهشتگردي خلاف سنڌ جي وطن دوست ۽ ترقي پسند جماعتن جو هڪ گڏيل پليٽ فارم جڙڻ گهرجي، جنهن ۾ سنڌ جا سمورا باضير ماڻهو ساٿ ڏيندا. پ پ پ حڪومت تي به سخت دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته اها سنڌ اسيمبلي، ڪابينه، مرڪزي پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ ۾ سخت ۽ واضع موقف سان سامهون اچي.ٻي صورت ۾ انکي به هن مجرمانه قبضه گيري ۾ شامل سمجهيو ويندو. هي مرڪز جي سنڌ خلاف سياسي دهشتگردي ۽ سنڌ حڪومت جي مجرمانه ماٺ آهي، جنهنجي سخت مزاحمت ٿيڻ گهرجي. اهڙي پوسٽ تي حريف چانڊيو لکيو ته اوهان جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪريون ٿا، ظفر هڪڙو، مراد پندراڻي پڻ اتفاق ڪيو، ذوالفقار واهوچو لکيو ته سنڌ سرڪار وفاق کي ٻيٽ لکت ۾ ڏئي چڪي آهي، اعجاز انڙ لکيو ته ڇا ان ۾ سنڌ حڪومت جي مرضي شامل ناهي؟ ڇا ان پنهنجي ملڪيت تي ناجائز قبضي تي احتجاج ڪيو آھي؟؟ ڇا ان غير آئيني عمل جي مخالفت ڪئي وئي آھي؟؟ جي نه ته پوءِ اهو قبضو نه چئبو؟؟ ڇا سنڌ جي تيل، گيس ۽ معدنيات تي وفاق جي مالڪي تي ڪنهن به سنڌ حڪومت اعتراض واريو آھي؟؟ اهو قبضو گهٽ ڊبل گيئر ڊيل آھي، ستار مهر لکيو ته سنڌ جا سمورا ٻيٽ قانوني ۽ آئيني طور سنڌ جي ملڪيت آهن صدارتي آرڊيننس ذريعي ٻيٽن تي قبضو غيرقانوني ۽ غيرآئيني هوندو. شهلا گل ٽوئيٽ ڪيو ته هنن سنڌ کي الائي ننڌڻڪو سمجهي رکيو آهي اسين جيسين زنده آهيون سنڌ جي بقا خاطر وڙهندا رهنداسين. رخسانه هاليپوٽو لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ بچايا وڃن. مهينو اڳ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو پر پ پ ان تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي؟ حڪيم زنگيجو لکيو ته غيرقانوني آرڊيننس نامنظور آهي. ايس ٽي پي سربراهه قادر مگسي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي سازشن جو عوامي طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو،

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *