تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … سنڌ جا ماڻهو جذباتي آهن: ٻيٽن بابت صدر علوي جي بيان تي ردعمل

صدر عارف علوي پاران ٻيٽن بابت بيان ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ردعمل شروع ٿي ويو،صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جا آهن، 1974ع ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي ايڪٽ هيٺ ۾ ذوالفقار ڀٽو جي دور ۾ اهي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي کي ڏنا ويا هئا، جنهن جو نقشو به موجود آهي. انهي باوجود اسان چئون پيا ته گڏجي ڪم ڪيو وڃي، سنڌ جا ماڻهو جذباتي آهن، ٻيٽن وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ ناهي، سڀاڻي جيڪڏهن وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ مفاهمت ٿي ويندي ته سڄو قصو ئي ختم ٿي ويندو. ان حوالي سان امتياز فاران پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدر عارف علوي چوي ٿو ته ”سنڌ جا ماڻهو جذباتي آهن“ صرف جذباتي ناهن ڌرتي لاءِ سورهيه بادشاهه جا حر، هوشو شيدي جا سپاهي، روپلو ڪولهي جا ساٿي به آهن، اهڙي پوسٽ تي مير ڪيريو، صداقت ميمڻ، مجتبيٰ جوکيو، ڌڻي بخش باريجو، گلزار احمد ۽ ٻين امتياز فاران جي پوسٽ سان اتفاق ڪيو.رزاق عاصي پڻ اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *