تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … سنڌ جي يونيورسٽين ۾ گلگت ۽ آزاد ڪشميرين جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ تي ردعمل

سنڌ جي 9 يونيورسٽين ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي شاگردن جون سيٽون وڌائڻ تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته اترين علائقن ۾ اليڪشن جي ڪري پ پ سرڪار سنڌ جي 9 سرڪاري يونيورسٽين ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي شاگردن جون سيٽون وڌائي ڇڏيون، وڌيڪ 16 يونيورسٽين ۾ سيٽون وڌائڻ لاءِ پي ايم ڊي سي کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان فقير سليم مرتضيٰ وهاب جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي 23 ضلعن جا شاگرد ڪراچي ۾ داخلا لاءِ پريشان آهن پر سنڌ سرڪار کي گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڳڻتي ورائي وئي آهي، مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽ ۾ لکيو ته گلگت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير لاءِ شاگردن جون سيٽون 162 مان وڌائي 220 ڪيون پيون وڃن. ايڊووڪيٽ امر حسيب پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري گلگتي شاگردن جون سنڌ جي 9 يونيورسٽين ۾ 100 سيٽون وڌايون آهن جڏهن ته سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اڳ ئي داخلائون نٿيون ملن، سوال اهو آهي ته ڀلا ڪي پي يا پنجاب ۾ سنڌين لاءِ سيٽون ڇو نٿيون وڌايون وڃن؟ عبدالسلام ڀٽو، توحيد مڱريو، محمد جمن پنهور، آڪاش ٻرڙو لکيو ته بلاول جي اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي. عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هتي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون نٿيون ملن ۽ بلاول صاحب گلگت جي شاگردن لاءِ الڳ ڪوٽا جو اعلان ڪيو آهي، پهريان پنهنجن جي مالڪي ڪريو، ڪراچي يونيورسٽين ۾ پاليسي ڪي ايس پي ڪيٽيگري آهي، ڪراچي، سنڌ، پاڪستان، پهريان ڪراچي جي انٽر، بعد ۾ بچيل سيٽون سنڌ جي ٻين بورڊن مان ٿيل ۽ آخر ۾ پاڪستان يعني ڪوٽا جو سڀ سيٽون گلگت، بلوچستان ۽ ٻين شاگردن لاءِ، جنهن ۾ به ايئن ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٻين بورڊن مان انٽر ڪندڙ شاگردن کي ميرٽ ته پري جي ڳالهه پر انهن جي ڪوٽا جون سيٽون به ٻين صوبن وارا کڻي ٿا وڃن، گلگت ۾ اليڪشن کٽڻ لاءِ سيٽون وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. امان الله سومرو، خادم حسين سومرو، احمد نواز بلوچ، سعيد شر، شبانه عالماڻي، حب علي ڪلهوڙو اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، غوث ٻگهيو لکيو ته ان معاملي تي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وڃي، علي رضا سنڌيار پڻ گگلت جي شاگردن جون سيٽون وڌائڻ بابت پوسٽ شيئر ڪئي، محسن علي ٻگهيو، عبدالرشيد ميمڻ، ضياءَ ڪانڌڙو، محمود شاهه پڻ سيٽون وڌائڻ جي مذمت ڪئي. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منھنجي خيال ۾ گلگتين، ڪشميرين، بلوچن، پنجابين يا پٺاڻن کي سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سنڌ جي ڪنھن به يونيورسٽيءَ ۾ ڪوٽا ڏيڻ سان سنڌ جي شاگردن جي حق تلفي نٿي ٿئي. دنيا جون بھترين يونيورسٽيون به مختلف ملڪن، مختلف قومن ۽ مختلف نسلن جي شاگردن کي داخلا ڏين ٿيون ته جيئن سندن وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿئي. ضرورت صرف ان ڳالھه جي آھي ته ڌارين جي ڪوٽا سان سنڌي شاگردن جو انگ نه گهٽجي، سنڌي شاگردن جي بدران ڪوڙن ڊوميسائيلن تي ڌاريا نه اچن ۽ موٽ ۾ ڪشمير، اسلام آباد، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي يونيورسٽين ۾ پڻ سنڌي شاگردن جي لاءِ مخصوص ڪوٽا ڏني وڃي. پر ان کان اڳ سنڌ جي سڀني ضلعن جي شاگردن کي ڪراچي شھر جي ھر ھڪ تعليمي اداري ۾ داخلا جو حق ڏياريو وڃي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالرزاق ٽالپر لکيو ته ڪشمير، گلگت، پنجاب مان ايندڙ شاگرد واپس ايندا ئي ناهن اهي هتي مستقل رهي پوندا آهن ان جي واپسي ۽ اهڙي ضمانت تائين اهو قبول ناهي. تنوير حسين لغاري لکيو ته ٻاهران ايندڙ شاگرد ڪراچي جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائيندا آهن ۽ پوءِ اهي نوڪري به وٺي ٿا وڃن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *