Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_jiprj60ojl64rum3bkedapk656, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... سنڌ حڪومت ڪنهن جي چوڻ تي ٻيٽن جو سودو ڪيو؟: سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... سنڌ حڪومت ڪنهن جي چوڻ تي ٻيٽن جو سودو ڪيو؟: سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

اشو آف دي ڊي … سنڌ حڪومت ڪنهن جي چوڻ تي ٻيٽن جو سودو ڪيو؟: سوشل ميڊيا تي بحث

سنڌ سرڪار سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ بابت وفاق کي ڏنل اجازت نامو 3 مهينن تائين سنڌ جي عوام کان لڪائي رکيو، جيڪو وفاقي وزير علي زيدي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سنڌ حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪردار بابت سوشل ميڊيا تي بحث جاري رهيو، ٻيٽن واري معاملي تي جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول ۽ سنڌ ڪابينه صدارتي آرڊيننس ۽ پيڊا جي ته نيٺ عوامي دٻاءُ ۾ اچي مخالفت ڪئي آهي، جيڪا رڪارڊ جي پورائي لاءِ ته ٺيڪ آهي پر اصل حل سنڌ اسيمبلي طرفان ان آرڊيننس کي واضح طور رد ڪرڻ ۽ اهڙو صوبائي ايڪٽ پاس ڪرڻ آهي جنهن ۾ ٻيٽن جي نام نهاد ترقي جو مطلب سامراجي، سرمائيدارانه ۽ اسٽريٽجڪ سيڙپ ڪاري نه هجي پر اها ترقي جيڪا مقامي ماڻهن، سندن سهولتن، ماحولياتي تحفظ ۽ انهن ٻيٽن جي فطري ماحول جي بچاءُ لاءِ هجي. اهڙي پوسٽ تي امير حسن پنهور لکيو ته سنڌ ڪوسٽل اٿارٽي موجود آهي ان کي امپاور ڪن، اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو اعتبار وڃائي چڪي آهي! مسئلو اهو ناهي ته سنڌ حڪومت ٻيٽن تي ڏنل اين او سي واپس وٺڻ لاءِ خط لکيو آهي، مسئلو اهو آهي ته سنڌ جي اجتماعي حقن جي قيمت تي اها اين او سي ڏني ئي ڇو وئي؟ سنڌ جي ماڻهن کان پڇڻ ته ڇا پر کين ٻڌائڻ جي به زحمت نه ڪئي وئي، اهڙو ئي ڪارنامو سنڌ حڪومت جي کاتي ۾ ٻٽي نظام وارو به آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته اسان Good faith تحت اجازت ڏني هئي ته جيئن ترقي ٿئي ته پوءِ ان ساڳئي Good faith تحت ڇا ڪالاباغ ٺاهڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏجي جو ان سان به ترقي ۽ خوشحالي ٿيڻي آهي؟ اهڙو ئي حشر ترقي جي نالي ۾ بحريه ٽائون کي زمينون کپائي ڪيو ويو، سڀاڻي سنڌ حڪومت عوامي مينڊيٽ تي تئو گهمائيندي ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري هاڻ مٿس اعتبار ڪري نٿو سگهجي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي سنڌين کي پاڻ ڪرڻي پوندي. اهڙي پوسٽ تي جامي چانڊيو، سڪندر بلوچ، طارق سنائي، نماڻو نوناري، امداد سيلرو، گلشن لغاري، اعجاز علي ڪلهوڙو، خدا ڏنو شاهه، علي گل ميتلو، مخدوم شمس، طفيل، ماجد حيدري، رياض سولنگي، شفيق سنڌي ۽ ٻين اتفاق ڪيو. ڪامران سهتو ۽ عبدالقدير ميمڻ لکيو ته سنڌ حڪومت صادق ۽ امين ناهي رهي سنڌ حڪومت کي مستعفي ٿيڻ گهرجي.سجاد مهر لکيو ته ڏوهه ڪري پڪڙجڻ بعد معافيون وٺڻ پ پ جي پراڻي روايت آهي. امر شر لکيو ته سنڌي عوام جي اکين تي 18هين ترميم جو پٽو ٻڌي سندن پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي. مجاهد شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت ٻڌائي ته هن اهو ڪم پاڻ ڪيو آهي ته ڪنهن جي زور تي ڪيو آهي، اسان کي پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ اٿڻو پوندو. ارشاد سنجراڻي لکيو ته عوام ۽ صوبي سان دوکو ڪيو ويو آهي، پنهل لاڙڪ لکيو ته انهن سدائين سنڌ دشمني ڪئي آهي. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا وفاق سنڌ سرڪار جي ليٽر کي سولائي سان قبول ڪندو؟ جنهن تي حفيظ ڪنڀر لکيو ته نه ڪندو، آرڊيننس ۾ لکيل آهي ته عدالت سميت ڪو به ادارو ان کي رد نٿو ڪري سگهي،خليل ڀرڳڙي لکيو ته ڪجهه ڦير گير ٿيندي پوءِ وفاق به خوش صوبا به خوش، سعيده گوپانگ لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن بابت سنڌ حڪومت جو وفاق کي اين او سي غيرقانوني آهي، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪندا رهو، ڀاڳيا ٿي جاڳندا رهو ته ڪو ميري اک کڻي نه ڏسندو. سنڌ سرڪار جو تازو ليٽر سامهون آيو آهي توهانجي اٿاريل اعتراض واري آواز جو اثر يا ڊيل نه ٿي سگهي، پر ڪنهن به طريقي سان اهو بهتر ٿيو ته ستل سنڌ سرڪار جاڳي پئي ۽ ليٽر لکي موڪليائين جنهن ۾وفاق کي چيو اٿس ته ڀنڊاڙ ٻيٽ تي ميگا هائوسنگ پروجيڪٽ واري معاهدي تان هٿ کڻون ٿا. جڏهن ته ڌرتي ڌڻين جي سخت ردعمل کانپوءِ سنڌ سرڪار ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ لاءِ وفاق کي جاري ڪيل اين او سي واپس وٺي ڇڏي آهي، سيڪريٽري لينڊ طرفان اين او سي رد ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار ڏانهن اُماڻيل نئين ليٽر ۾ آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس غير آئيني ۽ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو ويو، نئين ليٽر ۾ سنڌ سرڪار چيو آهي ته اسان نيڪ نيتي سان ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي گذارش ڪئي هئي، وفاقي سرڪار غيرآئيني طور آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ڪيو ۽ ٻيٽ ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، 6 جولاءِ تي وفاقي سرڪار ڏانهن اُماڻيل ليٽر کي بي اثر سمجهيو وڃي، سوشل ميڊيا تي وفاقي وزير علي زيدي سنڌ سرڪار جو جولاءِ 2020 ۾ لکيل خط به شيئر ڪري ڇڏيو، جيڪو سنڌ جي لينڊ يوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري اعجاز حسين بلوچ جي صحيح سان وفاقي سرڪار جي ڪيبينيٽ ڊويزن کي مخاطب ٿي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي سرڪار 2 جولاءِ واري خط جي روشني ۾ سنڌ ڪابينا ان ڳالهه جي منظوري ڏني ته ٻيٽن تي وفاقي سرڪار ڀلي ترقياتي ڪم ڪرائي. خط ۾ وفاقي سرڪار کي ان ٻيٽن مٿان ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي مڪمل اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته جولاءِ کان وٺي آڪٽوبر تائين وڏي وزير سميت پ پ جا وزير انڪار ڪندا رهيا ته وفاق هنن ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي حوالي سان ڪو به رابطو نه ڪيو ۽ نه ئي سنڌ حڪومت اجازت ڏني آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *