Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_vi2v62q2l95i1dgj3sggp7qk89, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو؟ سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو؟ سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو؟ سوشل ميڊيا تي بحث

سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ اهڙين ڪوششن تي ردعمل ڏيکاريو ويو، ان سلسلي ۾ امتياز چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئير ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جنهن تي نادر مغيري لکيو ته سنڌي ماڻهو اهڙي عمل جي مزاحمت ڪندا، نديم مهر لکيو ته اهو ممڪن ئي ناهي، غلام مرتضيٰ ڪيريو لکيو ته اهو تصديق ڪندا، لياقت جهتيال لکيو ته آئين ۾ ان جي اجازت ناهي، واسع چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، فيصل بجير لکيو ته اهو ڪيئن لڳائيندا اسيمبلي مان قرارداد منظور ڪرائڻي هوندي آهي ڪوڙيون خبرون نه هلايو، غفران خان لکيو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي ڪاوڙيل آهي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، انجنيئر غلام شبير راڄڙ لکيو ته اهو ممڪن ئي ناهي، جاويد ملاح لکيو ته بلڪل اها حقيقت آهي فيصلو اتل آهي هڪ مهينو به وڏو آهي شايد هفتي يا ٻن ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويندو، سارنگ ٻپڙ لکيو ته اهو حوال آهي، علي ڪيريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، گلشن لغاري صحافي طلعت حسين جو ٽوئيٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ لکيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي، حڪومت ڪو فيصلو نه ڪيو آهي پر قانون پهلو مڪمل ڪيا ويا آهن.خليل چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ اندر گورنر راڄ لڳائي ٻيٽن کي هڙپ ڪرڻ جي سازش خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. مير مرتضيٰ جمالي لکيو ته گورنر راڄ هڻي سنڌي قوم جي مينڊيٽ سان هٿ چراند ڪئي ويندي ته مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو، عبدالسلام انڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ واري شروع ڪيل هلچل کي روڪڻ ۽ ٻيٽن کي ڳڙڪائڻ لاءِ انهن وٽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو هڪ ئي رستو بچيو آهي. ربنواز ڀيو لکيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ کان اڳ انهن کي سوچڻو پوندو، غلام حسين سومرو لکيو ته گورنر راڄ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو. ارشاد سومرو پڻ طلعت حسين جو ٽوئيٽ شيئر ڪيو. قاسم راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي، اهڙي پوسٽ تي گل ميتلو لکيو ته ان لاءِ سنڌ صوبائي اسيمبلي جي اپروول کپندي، نثار شيخ لکيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اهو ممڪن ناهي، پرويز جروار لکيو ته عوامي حڪومت آهي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، دليپ ڪمار لکيو ته گورنر راڄ لڳو ته سپريم ڪورٽ غيرآئيني قرار ڏيندي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *