تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

اشو آف دي ڊي… شريف فيملي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي؟

سوشل ميڊيا تي ڪالهه پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ويون جنهن ۾ حڪومت سان گڏ اپوزيشن تي به تنقيد ٿيندي رهي، 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ شهيد بينظير جي آمد واريون تصويرون شيئر ڪندي کيس پڻ ڀيٽا پيش ڪئي وئي. فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي ليگي قيادت جون اهي تصويرون وائرل ٿي ويون جيڪي پيپلزپارٽي پاران آجيان طور لڳايون ويون ۽ تصويرن هيٺان نواز ليگ بدران پيپلزپارٽي ڪراچي لکيل هو، اهي تصويرون شيئر ڪندي جتي پيپلزپارٽي جي ساراهه ڪئي وئي اتي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن کي ماضي جا بيان به ياد ڏياريا ويا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه پي ڊي ايم جلسا ڪراچي، پي ڊي ايم ڪراچي جلسا، مريم نواز، عمران تيري جانثار، تون واپس اچ توکي ڏسان ٿو، ويلڪم ٽو ڪراچي، ناني، عمران خان، پي ڊي ايم سلوٽ ڪارساز مارٽيئرز هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل رهيا. ان سلسلي ۾ مراد علي شاهه شهيد بينظير جي تصوير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته 13 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي عوام کي آمريت مان نجات ڏيارڻ لاءِ واپس آئي هئي، آصفه ڀٽو زرداري لکيو ته ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا جن جمهوريت لاءِ وڙهندي جانيون قربان ڪيون ۽ اڄ به ساڳئي جدوجهد جاري آهي. شرميلا فاروقي مريم نواز جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته پ پ پاران آجيان ڪريون ٿا. اهڙي ٽوئيٽ تي ڪمينٽ ڪندي نعيم خان شرميلا فاروقي جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ شرميلا فاروقي مريم نواز جي مخالفت ۾ ڳالهائي رهي هئي، سمعيه مريم نواز جي وڊيو ڪمينٽ ۾ رکي جنهن ۾ مريم نواز چئي رهي آهي ته زرداري صاحب ۽ عمران خان جڏهن ووٽ گهرڻ اچن ته زرداري-عمران ڀائي ڀائي جي نعري سان انهن جي آجيان ڪجو. وسيم راٺوڙ لکيو ته تبديلي اچي نه رهي آهي پر تبديلي اچي وئي آهي، اسد الله لکيو ته عمران خان جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي ته جڏهن انهن ۾ هٿ وڌو ويندو ته اهي هڪ ٿي ويندا. شمع جوڻيجو نواز شريف جي تصوير شيئر ڪئي جيڪا پ پ پاران آجيان لاءِ لڳائي وئي هئي، جنهن تي هن لکيو ته مون کي هي تصوير وڻي ٿي سياسي جذبن جي به عڪاسي ڪئي وئي آهي، اهڙي پوسٽ تي انيس خان لکيو ته عمران خان هاڻي به هوش کان ڪم وٺي جمهوري قوتن جو ساٿ ڏئي، محمد فاطر پ پ پاران شهباز شريف جي لڳايل تصوير شيئر ڪندي لکيو ته يادِ ماضي عذاب هي، يا رب ڇين لي مجهه سي حافظه ميرا، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي چوندا هئا ته عمران خان کي ووٽ ڏيندا ته زرداري کي ووٽ ملندو، ٻنهي پارٽين جو کيل ختم ٿي چڪو، عمران خان چيو هو ته اسان جيڪو نظام آڻي رهيا آهيون اهو هي برداشت نه ڪري سگهندا. ثبا بچه ٽوئيٽ ڪيو ته پ پ پاران مريم نواز شريف ۽ نواز شريف جون تصويرون هڻي انهن جي آجيان ڪئي وئي آهي، رمشا راجپوت لکيو ته مريم نواز بهادر آهي، باسط علي پ پ پاران نواز شريف، مريم نواز ۽ شهباز جي لڳايل تصويرن تي لکيو ته شريف فيملي پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي، شفا يوسفزئي لکيو ته نواز ليگ پاران آصف زرداري جو فوٽو گوجرانوالا جلسي واري اسٽيڊيم ۾ نه لڳايو ويو هو پر پ پ پاران آجيان ڪندي تصويرون لڳايون ويون آهن. راشد بليدي لکيو ته اصل تبديلي اپوزيشن ليڊرن آندي آهي. علي زيدي ٽوئيٽ ڪيو ته شريف خاندان کي پ پ ۾ شموليت جون مبارڪون، ماضي جا بيان به ياد رکو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *