Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1up2kbge9c028vd27qkakk59ul, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... عاصم باجوا جي استعيفا وزيراعظم اڳ ڇو منظور نه ڪئي ؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... عاصم باجوا جي استعيفا وزيراعظم اڳ ڇو منظور نه ڪئي ؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

اشو آف دي ڊي … عاصم باجوا جي استعيفا وزيراعظم اڳ ڇو منظور نه ڪئي ؟

وزيراعظم عمران خان جي خصوصي معاون عاصم سليم باجوا پاران عهدو ڇڏڻ بعد سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ٽوئيٽر تي ڪالهه عاصم سيلم باجوه، عاصم باجوه، ايس اي پي ايم، سي پيڪ، ميرا فيصلا عمران خان، جمهوريت آزاد ڪرو، ريپسٽ لٽڪائو انسانيت بچائو هيش ٽيگ ٽرينڊز هلندا رهيا. جڏهن ته جسٽس فار فيصل مغيري ٽاپ ٽرينڊ رهيو.
#عاصم باجوا
عاصم سليم باجوا بابت ٽرينڊز ۾ اقرار الحسن ٽوئيٽ ڪيو ته وزيراعظم خصوصي معاون عاصم سليم باجوا جي استعيفا قبول ڪري ورتي، سوال اهو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن عاصم سليم باجوا استعيفا ڏني هئي ته ان وقت ڇو قبول نه ڪئي وئي هئي؟ هاڻي ڪجهه وقت بعد ئي اهڙو ڇا ٿيو جو استعيفا قبول ڪئي وئي؟ وزيراعظم آفيس ۽ عاصم سليم باجوا ٻنهي کي وضاحت ڪرڻ گهرجي. مير محمد علي خان لکيو ته عاصم باجوا جي استعيفا سٺو فيصلو آهي هاڻي هو سمورو ڌيان سي پيڪ اٿارٽي تي ڏيندو. جيڪو منصوبو ملڪ لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. مونا عالم لکيو ته عاصم باجوا وزيراعظم جي صلاحڪار طور عهدو ڇڏيو آهي پر هو سي پيڪ جي اٿارٽي طور ذميواريون جاري رکندو، معصومه ايس هڪ خبر شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي اسٽوري هن اسٽوري کي هارائي نٿي ڪري سگهي، منصور علي خان لکيو ته عاصم باجوا صلاحڪار طور عهدو ڇڏيو آهي، نبيا شاهد لکيو ته سڌ سماءُ واري عهدي تان صلاحڪار طور عاصم باجوا استعيفا ڏني آهي اها ڳالهه تمام دلچسپ آهي، عاجز جمالي لکيو ته عاصم باجوا جي اوچتو استعيفا منظور ٿيڻ مان لڳي ٿو ته ڪجهه ته آهي جنهن جي پردا داري آهي.
#جسٽس فار فيصل مغيري
جسٽس فار فيصل مغيري ٽرينڊ ۾ زاهد جکراڻي، ڪامريڊ علي عمراڻي، سنينا، مير شهريار جکراڻي، شجاعت علي، رضوان اعواڻ، آفرين، شبين رياض، عاصم جکراڻي، مهڪ ماجد، فيصل رمضان، فرهين خان، خرم نصير، طلال، ارسلان راجا، ساقي، عقيل چانگ، عبدالله قمر، طيب ميمڻ، ۽ ٻين ٽوئيٽ ڪيا، سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪندي چيو ويو ته جيڪب آباد ۾ 13 سيپٽمبر تي پراسرار نموني فوت ٿيل فيصل مغيري جي گھرڀاتين جو موقف آهي ته کيس دل جو دورو پيو هو پر شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آھي. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته فيصل مغيري کي اڻڄاتل ماڻهن پاران قتل ڪيو ويو، ان ڪيس ۾ جاچ جا منتظر آهيون، اميد ته قاتلن کي ڦاهي تي ٽنگيو ويندو، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي، شفاف رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، ميڊيڪل بورڊ ۾ هن وقت تائين ڪو به سينئر ڊاڪٽر شامل ناهي ڪيو ويو اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪراچي، حيدرآباد يا سکر جو ڪو سينئر ڊاڪٽر شامل ڪيو وڃي ۽ شهيد فيصل مغيري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *