Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_c5503v5fecg7q8tnub7j4u7f72, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... معصوم عليشا سان انصاف ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... معصوم عليشا سان انصاف ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اشو آف دي ڊي … معصوم عليشا سان انصاف ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

ڪشمور ۾ ماءُ ۽ معصوم ڌيءُ سان لڄالٽ واري واقعي تي عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي معصوم عليشا سان انصاف لاءِ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، سانحه ڪشمور ۽ جسٽس فار عليشا هيش ٽيگ ٽرينڊ سوشل ميڊيا تي هلايا ويا. سچل مڱريو لکيو ته هن ازيت جو ڪو به ازالو نه ٿو ڪري سگهي پر ضرورت آهي ته حڪومت اهڙن وحشي درندن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، اسد نور لکيو ته اوهان شايد هي ٻڌي موٽروي سانحو وساري ڇڏيو، ڪمشمور ۾ ماءُ ۽ معصوم ڌيءُ سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي، سميع الله لغاري لکيو ته جيڪڏهن اوهان جي گهر ۾ نياڻيون آهن ته معصوم عليشا جو چهرو ضرور اوهان آڏو ايندو هوندو تنهن ڪري بدڪردارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي، راجا سهتو لکيو ته معصوم نياڻي سان ظلم ڪندڙ کي موت جي سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي ڪير به ڪنهن ٻارڙي ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي، صدام سنڌي لکيو ته انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي، ڪشمور واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ايڊووڪيٽ مصطفيٰ شيخ لکيو ته معصوم عليشا ۽ امڙ سان ٿيل اجتماعلي زيادتي جي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن ها، ايس ايس پي کي گذارش آهي ته ايف آءِ آر کي اي ٽي سي ۾ ڪنورٽ ڪرائي. جڏهن ته حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي احتجاج جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون. ذيشان نظاماڻي لکيو ته ان واقعي تي اسان شرمسار آهيون، نعيم شيخ، علي آفتاب، حسنين علي، محمد اقبال ڪلهوڙو، انور علي مهر، نديم بوزدار، اجمل مهيشوري، رميش ڪمار، اياز علي ٻرڙو، صدام سنڌي، جنت خاتون، ماريا علي، ماهم خالد، توبه سيد، جاويد چانڊيو سميت هزارين ماڻهو ان واقعي تي پوسٽون شيئر ڪندي متاثر ماءُ ڌيءُ سان انصاف جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. حسين مسرت لکيو ته ڪشمور واقعي جي ايف آءِ آر عام عدالت ۾ داخل ڪئي وئي جڏهن ته هي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو آهي، ايس ايس پي کان گهر ڪجي ٿي ته ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ موڪليو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *