تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … ميرپورخاص عورتن لاءِ مقتل قرار: هفتي اندر 3 نياڻيون قتل: سوشل ميڊيا پاران قاتلن کي سزائون ڏيڻ جو مطالبو

گلشن شر جي خون سان انصاف لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر تي جسٽس فار گلشن شر ٽرينڊ هلايو ويو، فيس بوڪ تي به وڏي انگ ۾ صارفين پوسٽون شيئر ڪندي انصاف جي گهر ڪئي. فيس بوڪ تي صنم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان ڪاري ناھيان، دنيا جو ڪو ملڪ ھجي يا پاڪستان عورتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيون تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون پر افسوس ٿو ٿئي جڏهن ڪنهن عورت کي ڪارو ڪاري، جنسي تشدد، گھريلو تشدد يا معمولي ڳالهه تان قتل ٿي ٿئي ته انھن تنظيمن جو نالو نشان ئي ناهي ھوندو.سنڌ جون مظلوم عورتون به ائين بي ڏوهه قتل ٿي وينديون آهن پر عورتن جي تنظيمن کي مذمت ڪرڻ جي لاءِ به وقت ناهي ھوندو.حڪومتي ادارا جتي ھزارين قانون پاس ٿيل پڻ رولڙي جا شڪار آهن سخت سزائون ۽ قانون لاڳو نه ٿيڻ ڪري اھڙا واقعا روز وڌندا ٿا وڃن.گلشن شر ڪجهھ ٽائيم اڳ پنهنجي ويڊيو بيان ۾ انصاف ۽ بچاءَ جي گهر ڪندي رهي پر سڄي سنڌ کان ڪو ھڪ آواز به ھن مظلوم لاءِ نه اٿيو..! اڄ اچانڪ سان ھن ڀيڻ جو رت سان لال لاش ڏسي خيال آيو ته اسين واقعي وحشت واري عروج دور ۾ آهيون جتي اڄ به عورت ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي. نياڻي گلشن شر کي ڪاري ڪري ڇنڇر واري ڏينهن تي تي ماريو ويو ان مارڻ ڪارو ۽ قاتل وڏيرو ان جا سھولتڪار ۽ پوليس ھن ڪيس ۾ مڪمل ڀائيوار آهن سڀ کان پهرين ته اسان مذمت ٿا ڪريون ۽ گهر ٿا ڪريون ته ان قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.اهڙي پوسٽ تي مرڪ منان لکيو ته مذهب توڙي ملڪ جي قانون ۾ ڪنهن به هڪ ماڻهو کي ٻئي ماڻهو کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڏاني، اختر ٻرڙو لکيو ته ظالم وڏيري نياڻي کي ڪاروڪاري جو الزام هڻي قتل ڪيو آهي، سنڌو ڏاهري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، ثناءُالله شر واقعي جي مذمت ڪئي، حضرت احسان لکيو ته نائلا رند، تانيه خاصخيلي، رمشا سميت اڄ تائين ڪنهن کي به انصاف ناهي مليو، شبير چانڊيو لکيو ته کاهي جي نياڻي گلشن شر کي برادري جي ڪوڙن چڱن مڙسن ڪارنهن تمت مڙهي قتل ڪرايو آهي. سيما شيخ لکيو ته واقعي تي انتهائي ڏک ٿيو، آصف کوسو، صداقت علي، جي ايم آريسر، علي محمد کوسو ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي چونڊيل حڪومت قانون ادارا ڪورٽون پوليس سياسي سماجي تنظيمن ھوندي به ايڏي وڏي بدماشي ۽ ڏاڏ مڙسي ؟ اسان ته چئون ٿا ھي وڏيرڪو نظام قاتل زھر آھي اسان جي سماج لاءِ ناسور آھي ھنن وڏيرن کي پٺڀرائي نه هجي نه پوليس ايمانداري سان ڪري ها ته يقينن اهو وڏيرو جيل جي سلاخن پٺيان ھجي ھا، وڏيرو سري عام جرڳو ڪري گلشن شر کي ڪارو ڪاري ڪرڻ جي فتوا ڏئي ٿو، نياڻي جي پي ۽ خود نياڻي جي دانھن باوجود به ڪجھه نه ٿيو، وزيراعلي سنڌ، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان مطالبو ٿو ڪجي ته بيگناھ ڪاري ڪري ماريل گلشن شر جي قاتلن کي( جنھن جي نشاندھي خود گلشن شر ) وڊيو بيان ۾ ڪئي هئي انهن کي سرعام ڦاهي تي ٽنگيو وڃي ۽ نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.اهڙي پوسٽ تي شميم مري، حميرا آريسر، پرڀات هاليپوٽو، اقبال جکراڻي، ايوب خاصخيلي، خادم کوسو، رشيد سڌايو، ذاڪر راڄپر ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جي گهر ڪئي. راحيلا شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پڇون ته پڇون ڪنھن کان ڏوھ ڪھڙو آهي، گلشن شر شھيد ڪري ھميشھ جيان ڀوتارن ڀڀ ڀريا پر منھنجي سڀني کي اپيل آھي اچو ته سنڌ مٿان لڳل ڪارو ڪاري جي بدنما داغ کي ڌوئڻ لا۽ وک وڌايون، گلشن شر سان انصاف لاءِ جدوجهد ڪريون وڏيرا قاتل آھن، سنڌ جي نياڻين جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي، ان لاءِ اسيمبلي ۾ به آواز اٿارڻ گهرجي.شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ڀيڻ هن مئل سماج کي توکان ۽ تنهنجي وجود کان به خوف هو!. شهناز راهو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گلشن شر جون ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهيون ۽ سندس قتل ڏسي دل ۽ اکيون رت جا ڳوڙها روئن ٿيون ڇا هن ظالم سماج ۾ عورتن جو ڪو اوهي واهي ڪونهي؟ بي حسي جي انتها ته اها آهي جو هن ميڊيا تي اچي دانهيو پوءِ به هن کي تحفظ نه مليو. عورتن کي ننڌڻڪو سمجهي جڏهن مائٽ يا وڏيرا چاهين ڪارنهن تهمت مڙهي ماري ٿا ڇڏن ان ظلم ۽ ناانصافين جو حڪومت کي ۽ ڪورٽن کي تدارڪ ڪرڻ گهرجي آخر عورتن تي اها مارا ماري ڪيستائين هلندي؟ ان کانسواءِ ٽوئيٽر تي سعيد سانگري لکيو ته هن قتل جو ذميوار ايس ايس پي سانگهڙ آهي جنهن ڪيترائي ڀيرا اپيل باوجود گلشن جو تحفظ نه ڪيو. لال مالهي لکيو ته ميرپورخاص ضلعو عورتن لاءِ مقتل بڻجي ويو آهي، هڪ هفتي دوران ضلعي ۾ فهميدا شر، گلشن شر، گل بانو کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، صادق ڀنڀرو، وينگس، عمير نواز، افسر علي خان، عمران شهزاد، ثاقب، مهاخان، راڪيش موراڻي، مجتبيٰ زهرا، لاريب شهزادي، رزاق شر، رميش ڪولهي، صدف حيات خان، ضمير احمد، ثاقب عباسي، منيش ڪمار، عبدالله ميراڻي، بشير ميراڻي ۽ ٻين اهڙي ٽرينڊ ۾ حصو ورتو جڏهن ته 7 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽ ڪيا ويا مطالبو ڪيو ويو ته گلشن شر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.واضح رهي ته 3 مهينا اڳ فهميدا شر پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن کي 10 ڏينهن اڳ سنڌ ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪرڻ جون خبرون سامهون آيون.تعلقي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد ۾ ٽي ڏينھن اڳ 17سالن جي گل بانو سامي کي ڪارنهن الزام هيٺ گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو هو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *