Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_dmbtcjfpon8ou1jliqp2i08mjd, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... ميهڙ واقعو: سوشل ميڊيا تي به تڪراري صورتحال - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... ميهڙ واقعو: سوشل ميڊيا تي به تڪراري صورتحال - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اشو آف دي ڊي … ميهڙ واقعو: سوشل ميڊيا تي به تڪراري صورتحال

ميهڙ واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي به تڪراري صورتحال آهي، ڪجهه ماڻهو ام رباب جي حمايت ۾ پوسٽون شيئر ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ماڻهو سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي حمايت ۾ پوسٽ شيئر ڪري رهيا آهن، ٻنهي ڌرين جا حمايتي هڪ ٻئي کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن.جڏهن ته ام رباب لاءِ ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن جا در بند ڪرڻ واري عمل تي سوشل ميڊيا تي ردعمل پڻ ڏيکاريو ويو، ان حوالي سان پنهل ساريو ۽ عرفان عالماڻي پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ام رباب جڏهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيدن جي مزار تي پهتي ته مزار جا در بند ڪيا ويا، ايڊووڪيٽ بشير سميجو لکيو ته مزار جي انتظاميا کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها، شهباز سنڌي، اسدالله عالماڻي، نظام سرڪي، ارمان آزاد مريداڻي، ياسين رودناڻي، قربان علي مزاري، رضوان علي، زبير سنڌي، ساجد حسين چنا ۽ ٻين شهيدن جي مزارن جا در بند ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. شهزاد ميمڻ پڻ اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي آفتاب سنڌي لکيو ته چڱو ٿيو جو در بند ڪيا ويا، علي اڪبر سميجو، سائرا نواز سومرو، شيخ عبدالخالق، عبدالستار، خالد امير بخاري، سنڌو ساگر، اصغر علي، نثار شيخ ۽ ٻين شهيدن جي مزارن جا در بند ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.ثاقب سنڌي لکيو ته ام رباب کي شهيدن جي مزارن تي نه وڃڻ ڏنو ويو جنهن کانپوءِ هن ٻاهر روڊ تي ڌرڻو هنيو، مرڪ منان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ام رباب سان منهنجي فون تي ڳالهه ٿي آهي، هوءَ بار بار چئي رهي آهي ته آئون صرف شهيدن جي مزارن تي پنهنجي شهيدن سان انصاف ڪرڻ جي دانهن ڏيڻ وئي هيس پر افسوس جو در ئي نه کوليا ويا.نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻنهي ڌرين جو جهيڙو الائي ڪٿي دنگ ڪندو، پهريان ته ايترا ويجها هئا جو گاڏين ۾ گڏ سيلفيون پئي ٿيون، اهڙي پوسٽ تي زبير ميمڻ لکيو ته 3 ماڻهو قتل ٿيا آهن انهن جي خون ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي، اعجاز علي جوڻيجو لکيو ته سنڌ پوليس انهن جي چوڻ تي گهرن تي ڇاپا هڻي ٿي، سمورا ايس ايچ اوز بدلي ڪيا ٿا وڃن ساڳئي پوليس محترمه جي مزار تي انهن کي ئي روڪي ٿي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، سارنگ چانڊيو لکيو ته مختيار سرداري نظام کي چيلنج ڪيو هو. آڪاش اڪبر زنگيجو لکيو ته ٻنهي ڌرين مان ڪنهن کي سپورٽ ڪجي ڪيترائي ماڻهو ان تي مونجهاري جو شڪار ٿي ويا آهن، نديم جوڻيجو لکيو ته طاقت جو جهيڙو آهي، سعيد شر لکيو ته سياست تي جهيڙو آهي، عبدالله مڱريو لکيو ته هڪ نياڻي انصاف لاءِ اڪيلي سر ڀوتارڪي ڪلچر لاءِ وڙهي رهي آهي ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، مجاهد علي لکيو ته مظلوم سان انصاف ٿئي، ربن خان مارفاڻي چانڊيو لکيو ته اهي الزام آهن ته 3 خونن ۾ سردار چانڊيو مبينا ملوث آهي. سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سردارخان چانڊيو کي غير سنجيده ۽ اموشنل نه ٿيڻ کپي، سوچي سمجھي قدم کڻي، ام رباب پرامن سياسي جدوجھد جو رستو اختيار ڪيو آهي، اھو ئي رستو وٺڻ کپي. ڪنهن به صورت ۾ تشدد وارو رستو نه وٺڻ کپي.ذوالفقار سولنگي لکيو ته ام رباب کي انصاف ملڻ گهرجي.جاويد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ام رباب اشو، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سوين زندگي ۽ موت جهڙن اشوز جي اڳيان هڪ نان اشو آهي. جيڪو سنڌ جي ريئل اشوز تي هلندڙ تحريڪن اڳيان رڪاوٽ طور هٿرادو طريقي سان اڀاريو ويو آهي. ام رباب نه مائي جندو آهي ۽ نه ئي مائي بختاور، نه وري ام رباب جا وڏا ڪي شهيد فاضل راهو جهڙا عوامي هيرا هيا، عبدالغني چانڊيو لکيو ته سردار خان چانڊيو جي بنگلي تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا، سيد مجاهد حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نواب سردار خان چانڊيو سان عوام گڏ آهي، سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *