تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اشو آف دي ڊي … ن ليگ جي اڳواڻن تي غداري جو ڪيس ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي جو بيان: سوشل ميڊيا تي بحث

اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي انٽرويو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ ڊي جي ايف آءِ اي ايڪسپوزز عمران خان هيش ٽيگ ٽرينڊ پاڪستان ۾ ٽاپ ٽرينڊ رهيو. جنهن ۾ هزارين ٽوئيٽ ڪيا ويا. اڪثر ماڻهن لکيو ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ وزيراعظم عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ نواز شريف، مريم نواز، شاهد خاقان، راجا فاروق حيدر ۽ ٻين ليگي اڳواڻن مٿان غداري بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ واري معاملي تي پڻ سوشل ميڊيا تي بحث جاري رهيو، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو آهي ته شريف خاندان خلاف هن وقت جيڪو ڪجهه نيب ڪري رهيو آهي، اُهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مون کي چيو ويو هو، اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪندي چيو ته شهباز شريف، سندس ڪٽنب، رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر ۽ شاهد خاقان عباسي سوڌو ٻين خلاف ڪارروائي لاءِ چيو ويو هو، مون انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو ايف آءِ اي جي اختيارن ۾ نٿو اچي، بشريٰ بيبي جي سوشل ميڊيا تي تصوير وائرل ٿيڻ تي ملڪ جي اعليٰ ترين آفيس ۾ گهرائي چيو ويو ته دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪريو، مون چيو ته اُن تي دهشتگردي جو ڪيس ٺهي ئي ڪو نه ٿو، انٽرويو دوران بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪ ڪرپشن مامري ۾ ڪلين چِٽ ڏيڻ لاءِ به زور ڀريو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته نواز ليگ مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته بشير ميمڻ جي انڪشافن بعد وزيراعظم خلاف ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، ثابت ٿي ويو ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي جي انڪار بعد نيب نيازي ڳٺ جوڙ وجود ۾ آيو، بشير ميمڻ مٿان شريف خاندان سوڌو اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو، مديني جي رياست هجي ها ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها، ليگي اڳواڻن خلاف غداري جو ڪيس به حڪمرانن جي اختيارين جو ناجائز استعمال آهي. صحافيسليم صافي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته حڪومتون رياستي ادارن لاءِ ڍال جو ڪردار ادا ڪنديون آهن پر زندگي ۾ پهريون ڀيرو اهڙي بزدل حڪومت ڏٺي آهي جيڪا پنهنجي لاءِ ادارن کي ڍال بڻائي رهي آهي ادارن کي ڍال بڻائي اقتدار حاصل ڪيو ۽ هاڻي انهن کي ڍال بڻائي پنهنجو اقتدار بچائي رهي آهي بزدلي جي به ڪا حد هوندي آهي. عامر چيما لکيو ته ادارا پاڻ ان جي ڍال بڻجي رهيا آهن ميمونه لکيو ته عمران خان مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ ۾ ملوث آهي. بلال ڪياني لکيو ته پي ايم ايل اين عمران خان جي فاشزم ۽ رياستي مشينري جي ظلم جو شڪار آهي يقين نٿو اچي ته هي بشير ميمڻ رٽائرڊ ڊي جي ايف آءِ اي جو انٽرويو ثبوت طور موجود آهي.محمد عثمان لکيو ته عمران خان ڪٺ پتلي آهي. شاهه فواد لکيو ته وزيراعظم عمران خان ايئن ڪيئن آهي؟ ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، پي ايم هائوس چاهيو ته بشير ميمڻ اپوزيشن ليڊرز خلاف ڪيس داخل ڪري جنهن کان بشير ميمڻ انڪار ڪيو ته کيس ان جي قيمت ڀوڳڻي پئي. عظيمه لکيو ته اسان جي پاڙي ۾ جمهوري رياست، عمران خان مريم نواز شريف ۽ سندس مڙس تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو ڊي جي ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو. رانا عتيق انور لکيو ته عمران خان ادارن جو ناجائز استعمال ڪري مخالفن کان سياسي انتقام وٺي رهيو آهي. غلام نبي لکيو ته ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. طارق سليم، مهوش ظفر لکيو ته ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ احتجاج طور عهدي تان استعيفا ڏني، عبدالله بن وقاص پڻ ان ٽرينڊ ۾ حصو ورتو. زيب رحمان لکيو ته اعتماد جا مسئلا هجڻ جو سبب ڇا آهي؟ نواز شريف سميت ليگي اڳواڻن تي غداري جو ڪيس داخل ٿيڻ واري سلسلي ۾ حامد مير لکيو ته بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ شهري جا مختلف وزيرن سان گڏ فوٽو شيئر ڪندي طنزيه لکيو ته هي اهو قوم جو هيرو آهي جنهن جي درخواست تي لاهور پوليس ٻن اڳوڻن وزيراعظم، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ فوج جي ٽن رٽائرڊ جنرلن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو آهي هي عظيم محب وطن پاڪستاني ڪيس داخل ڪرائڻ بعد غائب آهي فون به بند آهي گهر وارا چون ٿا ته هو هتان کان هليو ويو آهي.بغاوت ۽ غداري ۾ فرق ناهي هوندو، سياسي ڪارڪنن ۽ صحافي ان الزام کي تمغو سمجهندا آهن. طلعت هسين لکيو ته نواز شريف خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائنيدڙ پاڻ به ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ نڪتو آهي ، ريحان خان لکيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ غداري آهي ته اها غداري اسان هر هر ڪنداسين.جڏهن ته ليگي اڳواڻن تي غداري جي ڪيس کانپوءِ مين ڀي غدار هون هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ عرفان خان، اطهر سليم، منصور علي خان، خان اسلم شاهد، سلمان رزاق، عديل ناصر، احمد نواز بٽ، ڪاشف ميئو، هما سيف ۽ ٻين اهڙي ٽرينڊ ۾ حصو ورتو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *