تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اشو آف دي ڊي … هيلري ڪلنٽن به آخرڪار غدارن جي لسٽ ۾ اچي وئي

آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جتي فوج اقتدار تي قابض هوندي آهي انهن لاءِ ڳجهي رياست يا Deep State جهڙو اصطلاح جڙيو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڳجهي رياست وارو اصطلاح پوليٽيڪل سائنس جي ماهرن جوڙيو ته جيئن پاڪستان جهڙن ملڪن کي واضح ڪرڻ لاءِ جوڙيو. جتي اصل ۾ فوج ۽ انٽيليجنس سروس وارا ملڪ هلائيندا آهن، اتي توڙي چونڊيل حڪومت به هجي پر اها جڏهن انهن جون حدون اورانگهيندي آهي ته ان کي هٽايو ويندو آهي. پوءِ انهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، قتل ڪيو ويندو آهي، انهن جو قتل عام ٿيندو آهي يا وري انهن کي ڦاهي چاڙهيو ويندو آهي. ان اصطلاح جي خاص معنيٰ آهي. اهو اصطلاح ڊونلڊ ٽرمپ يا سندس ساٿي آمريڪا لاءِ استعمال نه ٿا ڪري سگهن. اهڙي بيان تي محسن رند لکيو ته هيلري ڪلنٽن جي بيان کانپوءِ سمجهڻ گهرجي ته عالمي سطح تي نواز شريف جي بينانيي کي اهميت ملي چڪي آهي، نواز شريف ۽ هيلري ڪلنٽن جي بيانيي جو پسمنظر ساڳيو ئي آهي. اهڙي پوسٽ تي هوش محمد لکيو ته مطلب ته هن حڪومت جي صورت ۾ تجربوناڪام رهيو ملڪ جي عوام سان آخر ڪيستائين مشڪري هلندي. سليم مگسي لکيو ته آئون اوهان جي اهڙي ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪريان ٻنهي جي بيانيي جو هڪجهڙو پسمنظر سمجهڻ کي آئون سادگي ڪو نه چوندس.شان کوسو ۽ جوکيو عيسيٰ پڻ ڪمينٽس ڪيا. همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا جي صدارتي اميدوار بل ڪلنٽن جي گهرواري هيلري ڪلنٽن به آخرڪار غدارن جي لسٽ ۾ اچي وئي. يحيٰ ٻپڙ پڻ هيلري جي ان بيان واري وڊيو شيئر ڪئي. ولي ناريجو، مير کوسو، عبدالله حسين قمبراڻي، سليم رضا ڀنگر، ذلفي ڪانڌڙو پڻ هيلري جي بيان جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ۽ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *