Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mk4bg8mbmht8p4klh5kv1brhmj, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... ورزش ڪندڙ عورت مٿان تنقيد: سوشل ميڊيا جو ردعمل - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... ورزش ڪندڙ عورت مٿان تنقيد: سوشل ميڊيا جو ردعمل - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اشو آف دي ڊي … ورزش ڪندڙ عورت مٿان تنقيد: سوشل ميڊيا جو ردعمل

سوشل ميڊيا تي هر روز ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪندي مختلف سوال اٿاريا ويندا آهن، هڪ اهڙو سلسلو ان وقت به شروع ٿي ويو جڏهن صحافي انصار عباسي پاران هڪ وڊيو شيئر ڪندي وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو جنهن تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاريندي انصار عباسي مٿان به تنقيد ڪئي وئي. انصار عباسي پي ٽي وي جي هڪ شو جي ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم صاحب هي پي ٽي وي آهي؟ 17سيڪنڊن جي ان ڪلپ ۾ جنهن تي انصار عباسي اعتراض ڪيو آهي ان ڪلپ ۾ هڪ عورت ورزش وارن ڪپڙن ۾ ورزش ڪري رهي آهي ۽ هڪ مرد ٽرينر ورزش جا مختلف طريقا ٻڌائي رهيو آهي، جيڪو عمل انصار عباسي کي شايد پسند نه آيو، ان کان اڳ تجزئي نگار اوريا مقبول جان به هڪ ٽي وي اشتهار ۾ بالنگ ڪندڙ عورت رانديگر بابت سوال اٿاريا هئا جنهن بعد ان مٿان به تنقيد ڪئي وئي هئي. انصار عباسي جي ٽوئيٽ بعد به ڪجهه صورتحال اهڙي ٿي. صارفين پاران انصار عباسي مٿان تنقيد ڪندي چيو ويو ته ان ڪلپ ۾ آخرڪار غلط آهي ڇا؟ تنقيد باوجود انصار عباسي لکيو ته جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ موجود ڪنهن به غيراسلامي شيءِ جي مخالفت ڪرڻ تي پوري دنيا منهنجي خلاف ٿي وڃي ٿي ته مون کي ڪو به فرق نٿو پوي، الله اسان سڀني کي هدايت ڏئي. وفاقي وزير فواد چوڌري انصار عباسي تي تنقيد ڪندي کيس نفسياتي علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.عبدالرحمان نالي صارف لکيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان ۾ ڇا غلط آهي؟ نه ته ان عورت کي فحش ڪپڙا پاتل آهن نه وري ڪجهه غلط ڪري رهي آهي، هو ورزش ڪري رهي آهي ۽ ورزش ايئن ئي ڪئي ويندي آهي، اوهان برقعو پائي ته ورزش نٿا ڪري سگهو نه؟ فراز چوڌري لکيو ته اوهان کي عورتن کان چڙ ڇو آهي؟ نه مرد برتر آهي نه عورت، برابري بنياد تي سوچيندا ته اهڙيون ڳالهيون اوهان جي ذهن مان نڪري وينديون. صحافي حمنا زبير لکيو ته روزمره جي ڪم ڪندڙ عورتن کي جنسيت جو رنگ ڏيڻ به ريپ ڪلچر جو حصو آهي، نورين فاطمه لکيو ته اسان ان ٽريننگ کي ٽريننگ وانگر ڇو نه ڏسي رهيا آهيون اسان جون اکيون صاف ڇو ناهن، اسان عورت کي صرف غلط زويي سان ئي ڇو ڏسندا آهيون؟ هي وقت آهي ته اوهان سڀ ماڻهو شين کي مختلف انداز ۾ ڏسو نه ته اسان جي معاشري ۾ هڪ به عورت باقي نه رهندي.صحافي گيتي آرا انيس لکيو ته اوريا ۽ انصار عباسي کي عورتن جي گهمڻ، ورزش ڪرڻ ۽ راندين ۾ حصو وٺڻ سان مسئلو آهي. صارف محمد علي ڪياني لکيو ته جيڪي ماڻهو انصار عباسي تي اعتراض ڪري رهيا آهن انهن کي گذارش آهي ته عورت جي ورزش سان ڪو به مسئلو ناهي پر اهو ئي ڪم هڪ عورت ٽرينر هجي ۽ پردي جو خيال رکي صرف عورتون ئي ڪن ته مناسب آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *