تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

اشو آف دي ڊي … ووٽ کي عزت ڏيو: ٽرمپ به نعرو هڻي ڇڏيو: سوشل ميڊيا تي مزاحيه تبصرا

پوري دنيا وانگر پاڪستان ۾ به آمريڪي صدارتي چونڊن جا چرچا هلي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي جتي چونڊ نتيجن جو بي چيني سان انتظار ڪيو پيو وڃي اتي سوشل ميڊيا صارفين مزاحيه پوسٽون ۽ ميمز پڻ شيئر ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستاني سوشل ميڊيا صارفين آمريڪي چونڊن جي پنهنجي ملڪ جي چونڊن ۽ سياستدانن سان ڀيٽ ڪري رهيا آهن، اسامه احمد مسٽر بين جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آئون آمريڪي ناهيان پر نتيجن جو انتظار ڪري رهيو آهيان، آمريڪي صدر پاران نتيجن کان اڳ ئي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي جنهن تي اهو چيو ويو ته ٽرمپ به ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون کي ڇو ڪڍيو، هن مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ ڪجهه صارفين پاران مولانا فضل الرحمان ٽرمپ جون تصويرون ايڊٽ ڪري شيئر ڪندي لکيو ته ٻنهي ۾ ملاقات ٿي آهي، شائس احمد لکيو ته جوبائيڊن چيو آهي ته آئون هنن کي روئاريندس، نور اعجاز لکيو ته ٽرمپ ڪنٽينر ڪڏهن گهرائيندو ڌرڻو ڪڏهن هڻندو؟ هارون راشد ٽرمپ ۽ عمران خان جي فون تي ڳالهه ٻولهه واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ٽرمپ عمران خان سان رابطي دوران چيو ته عمران ڪجهه ڪر يار، آئون وڏي مصبت ۾ آهيان، جنهن تي عمران چيو ته ٽرمپ جاني سڀ کان پهريان ته اوهان کي گهٻرائڻو ناهي. حامد راشد لکيو ته ٽرمپ مطالبو ڪيو آهي ته صرف 4 تڪ کوليو.حامد مير لکيو ته ٽرمپ وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ فوج کي مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ فوجي جنرل کيس سليوٽ ڪري وائيٽ هائوس مان ڪڍندا، ياد رهي ته اسان آمريڪا جي باري ۾ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، غريده فاروقي لکيو ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان آمريڪي اليڪشن جا نتيجا به رڪجي ويا آهن ڇا انهن جي به آر ٽي ايس سسٽم ۾ خرابي ٿي آهي. دانش وڙائچ ٽرمپ ۽ سندس گهرواري جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ٽرمپ پنهنجي گهرواري کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وقت ڏسي رهيو آهي، جنهن تي دانش وڙائچ لکيو ته ٽرمپ گهرواري تي به ڀروسو نٿو ڪري سگهي، ووٽ کي عزت ڏيو، ناديه نيازي لکيو ته ايوانڪا ٽرمپ ووٽ کي عزت ڏيو لاءِ نڪرندڙ ريلين جي اڳواڻي ڪندي جتي ٽرمپ اهو چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو، علي لکيو ته ٽرمپ چونڊ هارائڻ کانپوءِ پي ڊي ايم جوائن ڪندو ۽ پي ڊي ايم جي ايندڙ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندو ۽ نعرو هوندو ووٽ کي عزت ڏيو، ثنا آصف لکيو ته ٽرمپ جي اسٽبلشمينٽ کي فون، چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو، آفتاب احمد لکيو ته ٽرمپ به نواز شريف واري ڳالهه ڪندو مون کي ڇو ڪڍيو، سيد عاطف حسين لکيو ته مولانا فضل الرحمان ٽرمپ کي پي ڊي ايم جي ايندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي، ٽرمپ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو، احمد، شهزور حيدر لکيو ته ٽرمپ آمريڪي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج لاءِ پي ڊي ايم ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهزاد بليدي لکيو ته ٽرمپ به ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻي ڇڏيو، سيد عاطف شاهه لکيو ته ٽرمپ مولانا فضل الرحمان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، عاصمه جاويد، نائلا عنايت مزاحيه ٽوئيٽ ڪيا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *