Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fa57r2jbtgiudoagt20i6lvmdm, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... ٻيٽن بابت آرڊيننس خلاف ٺهراءُ جي حمايت نه ڪندڙ ايم پي ايز مٿان تنقيد: شهريار شر جي ساراهه - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... ٻيٽن بابت آرڊيننس خلاف ٺهراءُ جي حمايت نه ڪندڙ ايم پي ايز مٿان تنقيد: شهريار شر جي ساراهه - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … ٻيٽن بابت آرڊيننس خلاف ٺهراءُ جي حمايت نه ڪندڙ ايم پي ايز مٿان تنقيد: شهريار شر جي ساراهه

ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءِ پيش ڪيو ويو، ان ٺهراءُ جي جن به ايم پي ايز حمايت نه ڪئي انهن مٿان سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڪيلي ميمبر شهريار شر ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جنهن ڪري سوشل ميڊيا تي سندس ساراهه ٿي رهي آهي. ٺهراءَ جي حمايت نه ڪندڙن خلاف مختلف طريقن سان احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو، ان حوالي سان نذر پياسي احتجاج طور حليم عادل کي پنهنجي فيس بوڪ فرينڊ لسٽ مان خارج ڪندي لکيو ته حليم عادل اوهان جي سنڌ جي ٻيٽن تي ناجائز قبضي خلاف ٺهراءَ جي مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو آئون احتجاجن ٻيو ته ڪجهه نٿو ڪري سگهان پر آئون اوهان کي پنهنجي فرينڊ لسٽ مان خارچ ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ٿو، انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جن سنڌ اسيمبلي ميمبرن سنڌ جي سامونڊي ٻيتن تي صدارتي آرڊيننس خلاف ٺهراءَ ۾ ڪردار ادا نه ڪيو انهن جي لسٽ جوڙي وڃي ۽ انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪجي، خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ جي سنڌي ميمبرن اسلم ابڙو، ڪريم بخش گبول، سچانند لکواڻي، سنجي گنگواڻي ڌارين جو ساٿ ڏنو ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺهراءَ ۾ ساٿ نه ڏنو، ذوالفقار سولنگي لکيو ته پاڻ کي اصل ڀٽو سڏرائيندڙ ٻيٽن واري معاملي تي دغا ڪئي، منظور چانڊيو پوسٽ شئير ڪندي لکيو ته ڌرتي ماءُ جو سڏ ورنائي ته ڏسو، پوليس جون ڪوتاهيون معاف، پي ٽي آءِ ايم پي اي جو اڳوڻو سياسي سفر معاف، شانل کوسو لکيو ته حليم عادل شيخ ڊڄي انهن ڏينهن کان جڏهن هن کان پنهنجا ووٽر ئي پڇاڻو ڪندا. منير مگسي لکيو ته شهريار خان شر کي سلام ڪريون ٿا. گلشن لغاري شهريار شر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جون مائرون جڏهن پنهنجي ٻارن کي سنڌ جي هيروز جا نالا ٻڌائينديون ته هن سنڌ جي سپوت کي نه وسارينديون. مختيار عباسي دعا ڀٽو جي تصوير شيئر ڪندي هن به ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي. صدام سنڌي حليم عادل شيخ ۽ دعا ڀٽو جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هي ٻئي پاڻ کي سنڌ دوست سڏرائيندا آهن پر صدارتي آرڊيننس خلاف ٺهراءِ پاس ڪرائڻ وقت ٻئي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. محسن خاصخيلي شهريار شر سان وزيراعليٰ جي ملڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اختلاف ختم ناهن ڪيا، ڌرتي جي حفاظت لاءِ گڏ آهيون. مسرور کهڙو لکيو ته شهريار جو جهڙو نانءُ آهي تهڙو ئي تاريخي ڪردار لکي ڇڏيائين، حليم عادل شيخ جون ايڪتا تي وڏيون ريليون وڏا پٽڪا ڌرتي لاءِ ڪنهن نه ڪم جا رهيا. قادر مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ اسيمبلي مان سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي واري آرڊيننس خلاف ٺهراءَ پاس ٿيڻ سنڌ جي شعور جي فتح آهي، جدوجهد جاري رهندي. صحبت ٻرڙو لکيو ته حليم عادل شيخ ٻيٽن تي ناجائز قبضي خلاف ٺهراءَ جي مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. منيش ڪمار لکيو ته جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ اسيمبلي ميمبر ٻيٽن واري آرڊيننس خلاف ٺهراءَ جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا انهن جي لسٽ پڌري ڪئي وڃي. خادم رند لکيو ته انهن جي لسٽ پڌري به ٿي ويندي ۽ تاريخ جو حصو به ٿي ويندي. ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻيٽن بابت آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ رٿ جي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن مخالف ڪئي پي ٽي آءِ جو اڪيلو شهريار شر سنڌ سان گڏ بيٺو رهيو. حليم عادل شيخ جي نالي واري فيس بوڪ آءِ ڊي تان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪالهه کان منهنجي خلاف پيپلزپارٽي پاران پروپيگنڊا شروع ڪرائي وئي آهي، ٿوري دير ۾ ان جو جواب ڏيندس، اهڙي پوسٽ کي 184 ڀيرا شيئر ڪيو ويو ۽ 1400 کان وڌيڪ ڪمينٽس ڪيا ويا، اڪثر اهي ڪمينٽس هئا جن ۾ حليم عادل شيخ خلاف ئي راءِ جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ صدارتي آرڊيننس رد ڪرڻ خلاف ٺهراءَ جي حمايت نه ڪرڻ تي کيس غلط قرار ڏنو ويو. جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کانپوءِ به غيرآئيني صدارتي آرڊيننس واپس نه ٿيو ته ان کي رياست، وفاق ۽ آئين سان بغاوت ۾ شمار ڪيو ويندو سنڌ اسيمبلي کي ان ڏس ۾ پنهنجو بل به پاس ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *