تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ گهرجي: سوشل ميڊيا تي مهم

سوشل ميڊيا تي ڪالهه به ٻيٽن واري معاملي تي سخت ردعمل جاري رهيو، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي پوسٽون شيئر ڪندي سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري عمل ۽ آئلينڊ اٿارٽي جي قيام کي رد ڪيو ويو جڏهن ته ڀرپور احتجاجي تحريڪ لاءِ مهم پڻ هلائي وئي. ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا گيري خلاف وزيراعليٰ هائوس يا گورنر هائوس آڏو هڪ گڏيل سگهارو ڌرڻو هڻڻ جي تياري شروع ڪرڻ گهرجي جيڪو مرڪز جي وفاقيت دشمني، قبضاگيري ۽ سنڌ حڪومت جي مجرماڻي ماٺ يا ڪمپرومائيز ٻنهي خلاف هجي. اهڙي پوسٽ تي نورالهديٰ شاهه لکيو ته بلڪل اسان اوهان سان گڏ آهيون، قاسم راڄپر لکيو ته والار وفاق ڪئي آهي ته ريلي گورنر هائوس کان شروع ٿي سي ايم هائوس آڏو ختم ٿئي، قاضي آصف، نصير گوپانگ، علي رند، فاروق سومرو، وشنومل، محمد کهاوڙ، ڀائو درمحمد ٻرڙو، دين محمد ڪلهوڙو، ذلفي ناٿن شاهي ۽ ٻين اهڙي تجويز سان اتفاق ڪيو، اسحاق سمجيو لکيو ته مختلف پارٽين، فورمن سان رابطا ڪري گڏيل صلاح ۽ تاريخ جو تعين ڪيو وڃي، عاجز جمالي لکيو ته گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ گهرجي ڇو ته سڀئي فيصلا گورنر هائوس ۾ ٿيا گورنر وفاق جو نمائندو آهي.اظهار سومرو لکيو ته اهو ڌرڻو آرڊيننس جي واپسي تائين جاري رهي.اشو ٿاما لکيو ته 2006ع ۾ پاڪستان حڪومت دبئي جي پراپرٽي فرم عمار سان 43 بلين ڊالرز جو ڪراچي جي ٻنهي ٻيٽن ڀنڊاڙ ۽ ڏني تي ترقياتي پراجيڪٽس جو 13 سالن جو معاهدو ٿيو هو پراجيڪٽ پيرڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڳئين مرحلي لاءِ هي ماحول جوڙيو ويو آهي. پنهل ساريو لکيو ته سڄي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا مهم هلائي وڃي پوءِ ڪراچي ۾ ڀرپور احتجاج ٿيڻ گهرجي. ابوالحسين شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وطن پرست ڌرين سان سنڌ جو باشعور ماڻھو اخلاقي توڙي شعوري طور گڏ آھي ، جنھن جو اندازو ڪراچي ۾ ھڪ ئي ھفتي اندر ٻن پارٽين جيئي سنڌ محاذ ۽ عوامي تحريڪ جي ريلين کي ڏسي ڪري سگھو ٿا جيڪڏھن ھي سڀ قومپرست ڌريون گڏجي جدوجھد ڪن ته ڪنھن سنڌ دشمن ۾ ھمٿ به ناھي جو سنڌ ڏانھن ميري اک ڪري ڏسي. خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن لينڊ مافيا سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي ٿو ته سنڌ جي دانشورن سول سوسائٽي جي ماڻهن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي سنڌ جو ڪيس سمجهائڻ گهرجي. ريحانه نذير لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو منظور ناهي، سني خاصخيلي لکيو ته سنڌ مان چونڊيل وفاقي وزير ان وقت ڇو خاموش رهيا جڏهن آرڊيننس جاري ڪيو پئي ويو ڇا اهي پاڻ به ان سازش ۾ ملوث آهن؟ منصور ٿيٻو لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.محسن رند لکيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن کانپوءِ سنڌ جي وڌيڪ ٽن ٻيٽن بابا ڀٽ، شمس پير ۽ صالح آباد کي به وفاق پاران پنهنجي ماتحت ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي سڀني سنڌ پرست ڌرين کي گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ٻيٽ ته صرف شروعات آهن وفاق جيڪڏهن ان منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ڪراچي کي به هڪ آرڊيننس تحت سنڌ کان ڌار ڪري وٺندو، خرم سنديلو لکيو ته پيپلزپارٽي ٻيٽن واري مامري تي وفاق سان گڏ بيهي رهي آهي، پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت به خاموش آهي، شفيق سنڌي لکيو ته پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي وارن کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ ماڻهن جو ردعمل ڇا هوندو آهي ٻٽي نظام وارو ردعمل ياد رکڻ گهرجي جنهن ۾ ماڻهن انهن جي درن تي توا ٽنگيا هئا. منظور آزاد سومرو لکيو ته ڇا ترقي جي نالي تي سنڌ جا ٻيٽ غيرن کي ڏئي سگهجن ٿا؟ جنيد انصاري لکيو ته سڀ کان وڌيڪ ترقي جا خواهشمند اسان آهيون، پر جيڪڏهن ان ترقي ۾ اسان جو اختيار ناهي ته اها ترقي قبول ناهي، هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي واضع ڪرڻو پوندو ته اهي سنڌ جي وجود سان سلهاڙيل ترقي چاهين ٿا يا انٽرنيشنل ۽ مقامي مافيائن سان گڏجي ”ذاتي“ حصيداري واري ترقي چاهين ٿا؟ خليل چانڊيو لکيو ته جي ڊي اي کي سنڌ ووٽ ناھي ڪيو، سوال ان کان جڙندو آهي جنھن کي ووٽ ڪيو ھجي ۽ جنھن کان سوال ڪرڻ جو حق جڙندو ھجي، سنڌ جي وجود جي وحدت جي ذميواري خاص الخاص پ پ جي آھي، پ پ جا اسان بہ سڄڻ آھيون پر حق ڳالھ بہ لازمي چونداسون ۽ شدت سان چونداسون، ٻيٽن معاملي تي پ پ کان ڪوتاھي ٿي آھي، ان کي جسٽيفاءِ ڪرڻ بجاءِ فوري طور ان غلطي جو ازالو ڪري ۽ اسيمبلي اندر قرارداد ذريعي صدارتي آرڊيننس رد ڪري. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ڏيڍ لک ايڪڙ سرڪاري زمين ۽ سنڌ جا ست ٻيٽ وڏي سرڪار جي حوالي ڪندڙ حڪمران چون ٿا ته ھُو سنڌ جي ورھاست ٿيڻ نه ڏيندا. سنڌ جي ستر سيڪڙو ڪمائي وفاق جي حوالي ڪندڙ چون ٿا ته ھُو سنڌ جي حيلن ۽ وسيلن جا مالڪ آھن. سنڌ جي ستر سيڪڙو زرعي معيشيت تباھ ڪندڙ چون ٿا ته ھُو خوشحال سنڌ جي ضمانت آھن. عمران مري لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ڇا ان تي سنڌ حڪومت ايئن خاموش رهندي؟

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *