تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

اشو آف دي ڊي … ٻيٽن وارو معاملو ڪٿي حل ٿيڻ گهرجي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

سنڌ جي ٻيٽن وارو معاملو ڪٿي حل ٿيڻ گهرجي ؟ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ان حوالي سان عبدالقدير ميمڻ شهاب اوستو جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معروف قانوندان ايڊووڪيٽ شهباز اوستو سنڌ جي ٻيٽن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ بدنيتي تي ٻڌل صدارتي آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڊي ڪي اختر لکيو ته اسان جون دعائون شهاب اوستو سان گڏ آهن، يوسف کهڙو لکيو ته شهاب اوستو بهترين قدم کنيو آهي، ارشاد ناريجو لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کان بهتر هو ته سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وڃي ها، محمد اسلم لکيو ته سٺو قدم کنيو ويو آهي، فرحان آصف لکيو ته ڪورٽ ۾ نه وڃڻ گهرجي ها. دودو چانڊيو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته سياسي فيصلا عدالتن ۾ کڻي وڃڻ سان فائدي جي اميد گهٽ نقصان جا امڪان وڌيڪ هجن ٿا. زنگيجو ستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه دوستن موجب ته ٻيٽن وارو معاملو ڪورٽ کڻي وڃڻ جو نقصان ته نه ٿيندو منهنجي قانون موجب ته عدالت تشريح ڪندي ته ٻيٽ اصل ۾ ڪنهن جي ملڪيت آهن. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ دوست شخصيت ايڊووڪيٽ شهباب اوستو طرفان ڪورٽ ۾ ٻيٽن واري معاملي تي صدارتي آرڊيننس چيلينج ڪيو ويو آهي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نثار ٻرڙو لکيو ته عدالت وڃڻ سنڌ کي ئي نقصان پهچائيندو، هي عدالتي معاملو ناهي هي سياسي مسئلو آهي جيڪو سياست جي ميدان تي حل ٿيڻ گهرجي.سارنگ ساگر لکيو ته اهڙا حساس معاملا عدالت ۾ نه کڻي وڃڻ گهرجن، عبدالقيوم جمالي لکيو ته رسول بخش پليجو ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻيا اهڙا اشو ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جو مخالف هو.وزير سولنگي ۽ عبيدالله چانڊيو شهباب اوستي پاران عدالت وڃڻ واري عمل جي ساراهه ڪئي وئي. سچل ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مون کي نه شهاب اوستي جي سنڌ دوستي تي شڪ نه آهي ۽ نه ئي عدالت سڳوري تان ويساھ کڄيل آهي. سمجهان ٿو ۽ ڪيئي ڀيرا عدالتن ۾ مشاهدو به پسيو اٿم ته ڪيئن ڪورٽس مصلحتن ۽ مجبورين جو مثال بڻجن ٿيون!! عدالتي سرشتو به پنهنجن فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٻين ادارن تي نرڀر ڪري ٿو. سنڌ ڏانهن ته هونئن ئي اک ميري آهي سو جي ٻيٽن واري معاملي تي اسين درست هئڻ باوجود ڪنهن مصلحت پسند فيصلي جو شڪار ٿي وياسين ته ناقابل تلافي نقصان ڀوڳڻو پوندو. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ايڊووڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو لکيو ته شهاب اوستو کي پٽيشن واپس وٺڻ گھرجي، عوامي پريشر انھن معاملن ۾ وڌيڪ فائديمند ٿئي ٿو آرڊيننس جو مدو مختصر آھي 120 ڏينھن کانپوءِٔ انجي ڪا حيثيت نه رھندي پر جيڪڏھن عدالت ان مسئلي کي اسيمبلي موڪلي ٿي ته پوءِ کوڙ سارا مسئلا ٿيندا. ابوالحسن شر لکيو ته ان مسئلي تي سياسي جدوجهد جي ضرورت آهي، گلڻ ڀنڊ لکيو ته هن معاملي ۾ عوام جي عدالت کي فيصلو ڪرڻو پوندو. علي بخش نوناري، ذوالفقار نديم، نويد احمد، محمبت ابڙو، جباز آزاد منگي، عالم خان انڙ ۽ ٻين سچل ڀٽي جي پوسٽ سان اتفاق ڪيو. خادم رند لکيو ته ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اسان پنهنجي ڌرتي جا وسيلا بچائڻ لاءِ هر قسم جو فورم استعمال ڪرڻو پوندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *