Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_dd7iig3tpchf7fri23m8dse5vg, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... ٽرمپ يا جوبائيڊن کيٽندو؟ سوشل ميڊيا تي شرطون لڳي ويون، دلچسپ تبصرا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... ٽرمپ يا جوبائيڊن کيٽندو؟ سوشل ميڊيا تي شرطون لڳي ويون، دلچسپ تبصرا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اشو آف دي ڊي … ٽرمپ يا جوبائيڊن کيٽندو؟ سوشل ميڊيا تي شرطون لڳي ويون، دلچسپ تبصرا

سوشل ميڊيا جو محور به آمريڪي صدارتي چونڊون ئي رهيون، صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن جي حوالي سان جتي حمايت ۽ مخالفت ۾ پوسٽون شيئر ڪيون ويون اتي سوشل ميڊيا تي انهن بابت دلچسپ تبصرا به ٿيندا رهيا، سوشل ميڊيا صارفين ٽرمپ يا جوبائيڊن جي کٽڻ تي شرط به لڳائيندا رهيا ته انهن جي هارائڻ ۽ کٽڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ سميت نتيجا به شيئر ڪندا رهيا. سوشل ميڊيا تي وڌيڪ دلچسپ صورتحال ان وقت پيدا ٿي وئي جڏهن صدارتي اميدوار ٽرمپ پاران چونڊن کي فراڊ قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان حوالي سان حبيب جمالي مزاحيه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊونلڊ ٽرمپ شڪايت ڪندي چيو آهي ته اسان جي پولنگ ايجنٽس کي فارم 45 نٿو ڏنو وڃي، مير خان چانڊيو لکيو ته آمريڪي اليڪشن ۾ جوبائيڊن کٽي به ڀلو آهي نه ته ٽرمپ مان دنيا اڙجي ويندي. عبدالله سومرو لکيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان ڌانڌلي نه پر ڌانڌلو ٿي رهيو آهي. شمس مڱريو لکيو ته مون کي جوبائيڊن جي کٽڻ جي خوشي کان وڌيڪ ٽرمپ جي ٽرڻ جي خوشي ٿيندي. ذوالفقار سولنگي لکيو ته جوبائيڊن ٽرمپ کان اڳتي آهي، ٽرمپ شڪست ڏسي نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪندي سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. حڪيم زنگيجو لکيو ته ٽرمپ چيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهي، لڳي ٿو ته اتي به ڪو جج ڊيم فنڊ گڏ ڪرڻ چاهي ٿو. ستار زنگيجو جوبائيڊن ۽ ٽرمپ ۾ مقابلي جا نتيجا شيئر ڪيا. بشير آريسر لکيو ته آمريڪي چونڊون پوري دنيا تي اثر ڇڏينديون، جنهن تي شاهنواز منڌرو لکيو ته ڪو به اثر نه پوندو، صدر جي ڪرسي تي ڪير به ويٺل هجي پاليسز ٿنڪ ٽينڪ ئي ٺاهيندو. تاج رند لکيو ته جيڪڏهن ٽرمپ کٽي ويو ته وڌيڪ بيرحم ۽ سخت هوندو، ٽرمپ جي سليڪشن ٿي چڪي آهي، لڳي شرط ٽرمپ ئي کٽي ويندو، نديم بوزدار لکيو ته لڳي شرط ٽرمپ هارائي ويندو، اسد ممتاز رڏ لکيو ته سخت مقابلو آهي. مير ظهور بروهي مزاحيه ڪمينٽ ڪيو ته ٽرمپ چونڊن ۾ هارائڻو لڳو، خواجه آصف کي فون ڪري نمبر گهري ورتو آهي. مشتاق چانڊيو لکيو ته ٽرمپ نتيجا مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي پاڻ کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، جاويد کوسو لکيو ته ٽرمپ ۽ جوبائيڊن ۾ سخت مقابلو هلي رهيو آهي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟ دليپ رتناڻي لکيو ته ٽرمپ جا هٿياربند تيار آهن جيڪڏهن هارائي ويو ته آمريڪا کي باهيون ڏئي ڇڏيندو، سميت جهمناڻي لکيو ته هيل تائين هر صدر ٻه ڀيرا چونڊون کٽيون آهن ان ڪري ٽرمپ به کٽي ويندو، مشي گن، پينسلوينيا، نارٿ ڪيرولائنا ۽ جارجيا ۾ ٽرمپ کي واضع برتري آهي. ايندڙ آمريڪي صدر ٽرمپ بڻجي ويندو. مختيار عباسي لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجو خيال غلط به هجي، آمريڪا ۾ اليڪشن سسٽم ڪيڏو به سڌريل ڇو نه هجي پر پارٽي اها ئي کٽيندي جنهن کي سي آءِ اي ۽ پينٽاگون جي سپورٽ هوندي. امداد سيلرو لکيو ته جوبائيڊن ۽ ٽرمپ ۾ ڪانٽي جو مقابلو آهي، ٽرمپ ٻيهر کٽي ويو (جيڪا آمريڪين جي روايت رهي آهي) ته اها آمريڪين جي بدقسمتي هوندي. واسع چانڊيو مزاحيه انداز ۾ لکيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو سليڪٽرز کي فون، نتيجا ڪيئن تبديل ڪيا ويندا آهن، مدد جي اپيل ڪئي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *