تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

اشو آف دي ڊي … ٽڪ ٽاڪ تي پابندي: ٽڪ ٽاڪرز جو تڏو وڇائجي ويو، سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر

پاڪستان ۾ چيني سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي صارفين ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترائي ٽڪ ٽاڪرز ڏک واريون پوسٽون شيئرز ڪري رهيا آهن. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته مختلف طبقن طرفان شڪايت ملي ته سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي ۽ غير مهذب مواد موجود آهي، اسان جي هدايتن تي به مڪمل طور عمل نه ڪيو ويو، تنهن ڪري اُن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. پي ٽي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ ايپ کي پاڪستان جي سمورن نيٽ ورڪ تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، موبائل فون ڪمپنيز کي اهڙي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب پي ٽي اي ٽڪ ٽاڪ انتظاميا کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو هو مواد روڪڻ لاءِ هدايتون به ڏنيون هيون پر ان تي عمل نه ڪيو ويو، مستقبل ۾ جيڪڏهن ٽڪ ٽاڪ انتظاميا پاران اهڙو مواد روڪڻ جو ڪو طريقيڪار جوڙيو ويندو ته پابندي جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٽاڪ ٽاڪ تي پابندي جي حوالي سان اينڪرپرسن اقرارالحسن ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجو نه ته ٽڪ ٽاڪ تي ڪو اصل اڪائونٽ هو نه ئي مستقبل ۾ اهڙو ڪو ارادو هو پر ان باوجود آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن به شيءِ تي پابندي مسئلي جو حل ناهي ڪنهن به پليٽ فارم تي موجود خامين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي نه ڪي ان کي مڪمل طور تي بند ڪيو وڃي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار مناهل ملڪ ٽوئيٽ ڪيو ته ڪنهن به ايپ کي بند ڪرڻ ڪو حل ناهي جيڪڏهن اهي ئي صارفين فيس بوڪ، ٽوئيٽر، يوٽيوب يا انسٽاگرام تي ساڳيو مواد سان کڻي اچن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا حڪومت انهن کي به بند ڪري ڇڏيندي؟ حڪومت ٽڪ ٽاڪ بند ڪري غريب عوام کان انٽرٽينمنيٽ جو حق کسي ورتو آهي. صحافي انصار عباسي لکيو ته بيهودگي کان پاڪ ٽڪ ٽاڪ تي اعتراض ناهي پر بيهودگي سان ٽڪ ٽاڪ جي بحالي نامنظور آهي، اريبا جلباڻي لکيو ته پهريان ٽڪ ٽاڪرز جون پنجاب حڪومت ڪورونا جاڳرتا مهم لاءِ خدمتون ورتيون ۽ هاڻي وري ٽڪ ٽاڪ ئي بند ڪيو ويو آهي. فيزان خان جنت مرزا جي تصوير شيئر ڪندي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته منهنجا ٽڪ ٽاڪ تي 10 ملين فالوئرز هئا سڀ هليا ويا.پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ فالوئرز واري ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا ٽڪ ٽاڪ بند ٿيڻ بعد پنهنجي فالوئرز لاءِ وڊيو ڏسڻ جو نئون طريقو ٻڌايو آهي، انسٽاگرام تي هن لکيو ته آئون جاپان ۾ آهيان جتي ٽڪ ٽاڪ هلي رهيو آهي، وي پي اين جي ضرورت ناهي ان لاءِ آئون وڊيوز رکندي رهنديس جيڪڏهن اوهان وڊيوز ڏسڻ چاهيو ٿا ته وي پي اين جو استعمال ڪريو جيستائين پابندي ختم نٿي ٿئي تيستائين جاپاني ماڻهو منهنجي وڊيوز انجواءِ ڪن. راجا شعيب ميمڻ لکيو ته شڪر آهي جو ٽڪ ٽاڪ بند ٿيو، هاڻي ڇوڪريون ماني پچائڻ سکنديون ۽ ڇوڪرا ڪمائڻ ويندا. ان کانسواءِ هڪ نينگر ٽڪ ٽاڪر جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته جيڪي غلط پوسٽون رکن پيا انهن کي بند ڪن ها نه سڀني کي ڇو بند ڪيو ويو آهي. شاهانه سيال جي هڪ وڊيو پڻ سامهون آئي آهي جنهن ۾ هوءَ روئندي چئي رهي آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي آئون وڊيو ٺاهيندي هيس هاڻي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي وئي آهي هڪ ئي ته ذريعو هو انٽرٽينمينٽ جو، جيڪو به ختم ڪيو ويو. جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ آن ڪريو هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو.عاديه ناز لکيو ته ٽڪ ٽاڪ بند ٿيڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪهڙي ٽي وي چينل جو ٿيندو جنهن ۾ مختلف ٽي وي چينلز جا نالالکيا ويا. هاديه علي لکيو ته جهڙي طرح پب جي بند ٿيو هو اهڙي طرح ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪيو ويو آهي. نذر پياسي اقصيٰ ڪينجهر جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هاڻي اسان جي گانن تي لپسنگ ڪير ڪندو؟ ٽڪ ٽاڪر منصور چانڊيو چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي غلط حرڪتون ڪن ٿا بي حيائي وڌي وئي هئي مون کي خوشي ٿي آهي ته ان تي پابندي لڳي آهي. هن جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته پابندي لڳائي آهي ته ڇا ٿي پيو وي پي اين لڳائي به ٽڪ ٽاڪ هلايو ويندو. جڏهن ته ڪيترائي صارفين ٽڪ ٽاڪ بند ڪرڻ جي آجيان پڻ ڪري رهيا آهن، ابرار احمد خان لکيو ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي سٺو ڪم ڪيو ويو آهي.جڏهن حريم شاهه ٽڪ ٽاڪ تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، ان کان اڳ پاڪستان ۾ ٽنڊر ۽ سي هاءِ سميت 5 ڊيٽنگ ايپس ۽ لائيو اسٽريمنگ ويب سائٽس تي پابندي لڳائي وئي هئي. پاڪستان کان اڳ آمريڪا ۽ انڊيا ۾ به ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *