تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اشو آف دي ڊي ..پارليامينٽ جي سياست بابت بحث

پارليامينٽ جي سياست ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث ڪيو ويو، ان حوالي سان راج ڪمار وڻجارا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن پارليامينٽ جي سياست کي حرام چئي وطن چورن حوالي ڪنداسين ته حالت فلسطين کان گهٽ ڪو نه ٿيندي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حفيظ ڪنڀر لکيو ته پارليامينٽ جي حيثيت جو تعين ڪريو ته هن ملڪ ۾ اها رٻڙ پارليامينٽ آهي يا نه ؟ ايوب لغاري لکيو ته هتي ڀٽو جهڙو طاقتور ۽ عوامي حمايت يافته اڳواڻ ۽ وزيراعظم هڪ الزام تي ڦاهي کائي ٿو وڃي. تاج رند به راج ڪمار جي ساڳئي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي ذاڪر بلو لکيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان کي پارليامينٽ ۾ اچي توهان جي ئي مرضي جا فيصلا ڪرڻ ڏيندا؟ اشوڪ ڪمار لکيو ته جيڪي چونڊيل آهن ۽ هئا انهن جي ڏيو خبر، ڀٽي کان مير مرتضيٰ ۽ نواز شريف تائين، خير محمد رند لکيو ته جيڪڏهن محب وطن ماڻهو جيستائين اڳتي نه ايندا تيستائين اسان غلامي جي زنجيرن مان نڪري نٿا سگهون، ڪجهه مفاد پرستن وڏيرن ذريعي سنڌ کي لٽيو آهي، فدا حسين لاکو لکيو ته پارليامينٽ جي سياست ته شيخ مجيب به ڪئي هئي، اهڙي سياست مشڪل آهي، احمد ڪوهستاني لکيو ته جيڪي پارليامينٽ کي بهتر سمجهن ٿا سنڌ پرست انهن کي ته موقعي ئي ناهي مليو ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته پارليامينٽ ۾ اچي عوامي مفاد وارا فيصلا ڪندا؟ راجا ٿهيم لکيو ته ڇا قومپرستن کي اسيمبلي ۾ اچڻ ڏيندا؟ جلال شاهه آزاد کٽي آيو هو جڏهن کان هن پارٽي ٺاهي آهي تڏهن کان اڳتي اچڻ ناهي ڏنو ويو، غلام رسول برفت لکيو ته پارليامينٽ جي سياست وقت جو زيان آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *