Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mn0ao12qig61hitlje34aach26, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ سعودي عرب جو پاڪستان خلاف ووٽ: سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز وائرل - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ سعودي عرب جو پاڪستان خلاف ووٽ: سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز وائرل - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ سعودي عرب جو پاڪستان خلاف ووٽ: سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز وائرل

ڪراچي ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بعد حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون به وڌي ويون آهن، ان کانسواءِ ايف اي ٽي ايف جو اجلاس شروع ٿيڻ شرط ئي پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته ايف اي ٽي ايف ۾ سعودي عرب پاڪستان خلاف ووٽ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي مهم ۾ ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار نظر اچي رهيو آهي، ڊي آر اي پي آر ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پوسٽ شيئر ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ پاڪستان جا 4 فوجي ۽ پوليس جو هڪ سب انسپيڪٽر مارجي ويا آهن ڪراچي ۾ روڊن تي ٽينڪون نظر اچي رهيون آهن، سنڌ پوليس ۽ فوج وچ ۾ فائرنگ ٿي آهي سنڌ پوليس جي سپرينٽنڊنٽ محمد آفتاب کي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس سان ان قسم جا ٽوئيٽ ڪري جعلي خبرون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جي وڪيل پرشانت پٽيل امرائو ٽوئيٽ ڪيو ته پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان ريڊيو تي قومي نغما هلائڻ جو حڪم ڪيو آهي، آمريڪي فوج ڪراچي بندرگاهه تي پهچڻ واري آهي. 10 پوليس آفيسر شهيد ٿي ويا آهن، ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهي به ڪوڙيون خبرون هلايون ويون ته آرمي ڪراچي جي سمورن پوليس ٿاڻن تي قبضو ڪري ورتو آهي، گهرو ويڙهه ٿي آهي، اهڙن ادارن ۾ ذي نيوز، انڊيا ٽوڊي، سي اين اين 18 ۽ ٻيا ميڊيا جا ادارا شامل هئا جن ڪوڙيون خبرون هلايون. انڊيا جو اهو هڪ منظم نيٽ ورڪ آهي جنهن جو تعلق بي جي پي سان آهي، اها ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي ته اها سڄي مهم بي پي پي جي آءِ ٽي سيل پاران هلائي وئي، بي بي سي موجب وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد جو چوڻ آهي ته هو پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارتي ميڊيا ان طرح سان پاڪستان خلاف مهم هلائي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه بي جي پي حڪومت جي پاليسي جو حصو آهي ته پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪئي وڃي. ڀارتي صحافي هرتوش سنگهه بل چيو ته ڪجهه ميڊيا جا اهڙا ادارا آهن جيڪي صحافت نه پر مذاق ڪري رهيا آهن ايئن لڳي پيو ته راند پيا کيڏن، تجزئي نگار مائيڪل ڪگلمين به ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته انڊيا غلط خبرون پکيڙي رهيو آهي ۽ اهڙيون خبرون پکيڙيندڙ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جي سياسي بحران جو فائدو کنيو وڃي پر هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اهو خطرناڪ آهي، صحافي خرم حسين ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ٽوئيٽر ڪڏهن ويندو؟صحافي عباس ناصر ٽوئيٽ ڪيو ته جيڪڏهن اهي خبرون ان ففٿ جنريشن وار فيئر جو حصو آهن جنهن جي باري ۾ سدائين خبردار ڪيو ويندو هو، ته اسان کي کِلي کِلي پنهنجو مٿو ڦاڙڻ کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جو خطرو ناهي. هوڏانهن 21 آڪٽوبر کان ٽن ڏينهن لاءِ ايف اي ٽي ايف جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته سوشل ميڊيا تي اهي افواهه شروع ٿي ويا ته پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ وارين ڪوششن جي سعودي عرب مخالفت ڪئي آهي ۽ سعودي عرب پاڪستان خلاف ووٽ ڏنو آهي، خميس ڏهاڙي اهڙو ٽرينڊ سرفهرست رهيو جنهن ۾ مختلف ماڻهن پاران پوسٽون شيئر ڪندي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي جي حوالي سان سوال اٿاريا ويا، پر حقيقت ۾ جڏهن سوشل ميڊيا تي اهڙي مهم هلي رهي هئي ان وقت تائين نه ته ايف اي ٽي ايف ۾ ووٽنگ ٿي هئي نه وري سعودي عرب ڪو پاڪستان خلاف ووٽ ڏنو هو. اهڙي مهم جي نتيجي ۾ پرڏيهي کاتي کي به وضاحت ڪرڻي پئجي وئي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ گهرا لاڳاپا آهن ۽ ان معاملي تي ٻنهي ملڪن هڪٻئي کي سپورٽ ڪيو آهي. سعودي عرب پاران پاڪستان خلاف ووٽ ناهي ڏنو ويو، صحافي مبشر زيدي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته خبر ناهي ڇو ايف اي ٽي ايف ٽرينڊ ڪري رهيو آهي ووٽنگ ته اڃا ٿي ئي ناهي جنهن جو مطلب آهي ته سعودي عرب پاڪستان خلاف ووٽ ناهي ڏنو. ان کانسواءِ خبر جي جيڪا تصوير شيئر ڪئي وئي اها به سال 2018ع جي هئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *