تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … پشاور مدرسي ۾ ڌماڪو: سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار: شيخ رشيد جي گرفتاري جو مطالبو

پشاور جي مدرسي ۾ ڌماڪي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڏک واري صورتحال پيدا ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وئي ۽ ڌماڪي جي متاثرن جون تصويرون شيئر ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته شيخ رشيد جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته پشاور جي دير ڪالوني ۾ مدرسي اندر زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 08 ڄڻا مارجي ويا، ٻارن سوڌو 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، مدرسي اندر درس جاري هو ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي واري جاءِ تان شڪي ٿيلهو هٿ آيو آهي، شروعاتي جاچ موجب ٿيلهي ۾ 5 کان 6 ڪلو ڌماڪيدار مادو وجهي مدرسي ۾ آندو ويو هو، ڌماڪي وقت مدرسي اندر 500 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. اهڙي واقعي بعد سوشل ميڊيا تي پشاور بلاسٽ، مدرسا، پريئرس فار پشاور، دير ڪالوني، اريسٽ شيخ رشيد، سيڪيورٽي دو يا استعيفا دو، هيش ٽيگ ٽرينڊز هلايا ويا، ندا ڪرماڻي لکيو ته اسان جي ٻارن جي رت سان اوهان پنهنجي جنگ بند ڪريو، سينيٽر سحر ڪامران لکيو ته دهشتگردي جي مذمت ڪجي ٿي، خرم قريشي لکيو ته مسلمان جي ٻارن کي مارڻ خاڪن کان وڌيڪ اسلاموفوبيا آهي، جهانزيب لکيو ته 2020 پڻ وڏي ڏک وارو سال آهي، احمد وسيم ڏک جو اظهار ڪندي شعر لکيو ته سنا هي بهت سستا هي خون وهان ڪا، اڪ بستي جسي لوگ پشاور ڪهتي هين، سيده ترمزي لکيو ته اي پي ايس کانپوءِ مدرسي جي ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، قوم لاءِ وري ڏک جي گهڙي آهي. شفا يوسفزئي لکيو ته مون ٽي وي تي ڏٺو ته ڌماڪي کانپوءِ اتي ماڻهن جي رش ٿي وئي جڏهن ته ماضي ۾ ايئن ٿيو آهي ته هڪ ڌماڪي کانپوءِ رش ۾ ٻيو ڌماڪو ڪيو ويندو آهي اهڙي صورتحال ۾ رش نه ڪرڻ گهرجي، مهوش اعجاز لکيو ته هن سانحي کي سياست لاءِ استعمال نه ڪجو، شهريار آفريدي لکيو ته منهنجو پاڪستان ۽ قوم بهادر آهن جن ڌماڪي کانپوءِ ساڳئي مسجد ۾ نماز پڙهي آهي. مليحه هاشمي لکيو ته اهي ڪير آهن جيڪي اسان جي معصوم ٻارن کي ماري رهيا آهن، 2014ع واري اي پي ايس پشاور واقعي جو ورجاءُ ڪندي ٻيهر ٻارڙن کي نشانو بڻايو ويو آهي. فاطمه نور لکيو ته هي سال به انتهائي ڏک وارو آهي، چوڌري سرور ڌماڪي ۾ متاثر ٿيل ۽ رتورت ٿيل ٻارڙن جي تصوير شيئر ڪندي کي شام جي ٻار جي تصوير تي سڄي دنيا ردعمل ڏنو هو پوءِ اها دنيا جي ٻارن تي ڇو خاموش آهي. آفتاب شير پائو لکيو ته ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا. عمران خان جو 13جولاءِ 2018ع وارو هڪ ٽوئيٽ پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ عمران خان چيو هو ته نواز شريف مشڪل ۾ هوندو آهي ته دهشتگرد حملن ۾ اضافو ڇو ٿي ويندو آهي؟ ان کانسواءِ شيخ رشيد جي گرفتاري لاءِ پڻ ٽرينڊ هلايو ويو، ان ٽرينڊ ۾ اڪثر صارفين پاران اهو چيو ويو ته شيخ رشيد پاران اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، شيخ رشيد چيو هو ته پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ جلسن لاءِ دعاگو آهيان ته اهي خيريت سان ٿين، دهشتگردي جو خطرو آهي، ڊاڪٽر عزره لکيو ته هر ڀيري پشاور ۾ ئي دهشتگردي ڇو ٿي رهي آهي؟ ڪٿي آهي حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جيڪا 8 ورهين کان اتي حڪومت ڪري رهي آهي.حريم شاهه، علي حيدر کوکر، رحيم بخش مزاري، عامر سهيل محمد، محمد ياسر، اسد علي لغاري، انس خان، ڪومل بت ۽ ٻين شيخ رشيد جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي اهو به مطالبو ڪيو ويو ته عوام کي تحفظ ڏيو يا پوءِ استعيفا ڏيو. ناز بلوچ، نفيسا شاهه، سسئي ظفر راڄپر،سيد عدنان، پڻ واقعي جي مذمت ڪئي، انصار عباسي لکيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ختم رڪڻ ۾ ٻين ادارن سان گڏ آءِ بي جو به وڏو ڪردار آهي پر حڪومت ان کي ٻين ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيو آهي، سمورين ايجنسين کي پنهنجو اصل ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *