Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_2vnooipqdmrt8v9ejoqln1bo1u, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... پنجاب ۾ اٿل پٿل: سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... پنجاب ۾ اٿل پٿل: سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اشو آف دي ڊي … پنجاب ۾ اٿل پٿل: سوشل ميڊيا تي بحث

پنجاب ۾ سياسي ۽ انتظامي سطح تي اٿل پٿل کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ان کانسواءِ فياض الحسن چوهاڻ جي هڪ وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، جنهن تي تنقيد سان گڏ دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۾ 2 وزيرن ۽ هڪ خاص معاون کي فارغ ڪيو ويو، فياض الحسن چوهان کان اطلاعات کاتو واپس وٺي فردوس عاشق اعواڻ کي ڏنو ويو ان کانسواءِ 5 سيڪريٽري به تبديل ڪيا ويا، ان حوالي سان شڪيل ملڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فياض الحسن چوهاڻ کي هٽائي فردوس عاشق اعواڻ کي وزارت اطلاعات جي ذميواري ڏني وئي آهي. پر سوال اهو آهي ته فردوس عاشق کي جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳا هئا ۽ کيس هٽايو ويو ان جو ڇا ٿيو؟ فردوس تي اشتهارن تي رشوت وٺڻ، 3 سرڪاري گاڏيون استعمال ڪرڻ گهر لاءِ پي ٽي وي جا 11 ملازم رکڻ جا الزام هئا. غازي جهنڊير فياض الحسن چوهاڻ جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪا ڳالهه ناهي جيڪڏهن وزارت وڃڻ جي خبر نه پئي، ساجد بجير لکيو ته هنن ويچارن کي پنهنجي نوڪري جي خبر ناهي ۽ ترجماني وري سرڪاري جي پيا ڪن، بابر چاچڙ لکيو ته وزارت وڃڻ بعد چوهاڻ کي پگهر اچي ويا، سارنگ منير سومرو لکيو ته وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن جو منهن لٿل آهي، خان لاشاري لکيو ته اها پراڻي ڳالهه آهي. جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائين ۾ ڳالهائيندي چيو آھي ته فردوس عاشق اعواڻ کان جڏهن وفاقي اطلاعات واري صلاحڪاري جو عهدو کسيو ويو ته هوءَ ٻن ڏينهن کانپوءِ پ پ ۾ شموليت لاءِ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان ملڻ لاءِ آئي هئي، پر بلاول ڀٽو زرداري ساڻس ملڻ کان ئي انڪار ڪيو ۽ کيس پارٽي ۾ شامل ڪرڻ کان به جواب ڏئي ڇڏيو، اهڙي پوسٽ تي ماجد مقصود لکيو ته نواب تيمور ٽالپر صحيح ٿو چوي، فردوس عاشق اعواڻ پ پ ۾ اچڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن پر پ پ قيادت کيس قبول نه ڪيو. عائشه ڌاريجو لکيو ته اها پراڻي ڳالهه آهي ان جي هڪ خبر بلاول ۽ ٻي خبر فردوس عاشق آهي، امر سنڌو لکيو ته فردوس عاشق کي ڪرپشن جا الزام هڻي فارغ ڪيو ويو هو هاڻي عمران خان ٻڌائي ته اهي الزام ڪوڙا هئا يا انهن الزام هڻندڙن کي ڪا سزا ملي، جيڪڏهن الزام سچا هئا ته ڪرپٽ وزير جي واپسي ڪئين ٿي؟ فياض سومرو، رياض سولنگي، ذوهيب لاشاري ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. فياض الحسن چوهاڻ پاڻ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي اهو سٺي لاءِ ئي ٿيندو آهي، وزارت اطلاعات واپس وٺڻ جي سڀ کان وڌيڪ خوشي ڀارتي راء، مڪس اچار پارٽي ۽ خصوصي ليگ کي ٿي پر آئون وزيراعظم عمران خان جو سپاهي آهيان اوهان جي ڪرپشن کي پڌرو ڪندو رهندس.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *