Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8vfp84ombutv8jimli31vo9rfd, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... پ پ رد: متبادل ڇا آهي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... پ پ رد: متبادل ڇا آهي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اشو آف دي ڊي … پ پ رد: متبادل ڇا آهي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق واري قبضي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اهو پڻ بحث هلي رهيو آهي ته جيڪڏهن پ پ کي رد ڪيو وڃي ته پوءِ متبال ڇا آهي؟ ان حوالي سان امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ رد هاڻي واٽ از نيڪسٽ؟ تحريڪ انصاف يا جي ڊي اي ؟ سنڌ جي ساڃاهه فيصلو ڪري، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خليل ڀرڳڙي لکيو ته اهي ٻئي ته هن کان وڌيڪ آهن، تاج محمد لکيو ته پ پ شهيد ڀٽو فاطمه ڀٽو متبادل آهي، سيد فدا حسين شاهه لکيو ته نئين سوچ به اڀاري سگهجي ٿي، شفيق انور لکيو ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، قادر سرڪي لکيو ته جيسين سنڌ جو عوام هنن کي ووٽ ڏئي ٿو تيسين اسان کي هنن جي حڪمراني تي ڪوئي اعتراض ناهي، اعتراض هنن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن تي آهي، هاڻي ڪرپشن تي ته هنن لاءِ شاهه جا بيت نٿا پڙهي سگهجن. شڪر ڪيو سنڌي ماڻهن جو ري ايڪشن هنن لاءِ دنيا جي سڌريل ملڪن جي ماڻهن وارو ناهي، فقير پرتاب لکيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي، مراد پندراڻي لکيو ته بس خلائي مخلوق بچيل آهي، فرحان علي لکيو ته هڪ نئين قيادت، باقي ڊي جي اي ۾ به ساڳيا ماڻهو آهن جيڪي پ پ ۾ هئا. اياز حسين شيخ لکيو ته نيڪسٽ پ پ، جيستائين متبادل تيار نٿو ٿئي، امين سرواڻ لکيو ته پ پ سڀ کان بهتر آهي، منظور ميراڻي لکيو ته نيڪسٽ اهو ته پيپلزپارٽي ڊراما ڇڏي، ايوانن ۾ ٻيٽن واري معاملي تي آرڊيننس خلاف قرارداد پيش ڪري. خادم حسين سهتو لکيو ته ڄام يا ارباب اقتدار ۾ پ پ ۽ عوام اپوزيشن ۾ معنيٰ اپوزيشن مضبوط ۽ جڏهن پ پ اقتدار ۾ ته اپوزيشن لولي لنگڙي ڪمزور، تڏهن ته پ پ حڪومتن اهڙا ڪم ڪيا آهن، هينئر ڪير آهي جيڪو ٻيٽن واري معاملي تي اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي. عائشه ڌاريجو لکيو ته ڪير به نه، سڀني سنڌ کي لٽيو آهي، سيما شيخ لکيو ته ڪو چوٿون آپشن ڏيو، مهناز رحمان لکيو ته اسان وٽ ٻي ڪا چوائس ناهي؟ حسين مسرت لکيو ته اهو ڏکيو سوال آهي اسان وٽ اعتراض ڪرڻ وارا گهڻا ۽ حل ٻڌائڻ وارا گهٽ آهن. نورالهديٰ شاهه لکيو ته ‏‎پ پ رد جو اهو مطلب ڪونھي ته پ پ گھر وئي ھلي. ڀلي سياست ڪري پر سنڌ جو حساب ڏي. سنڌ جي تباھي جو حساب ڏي، بحريه ٽاؤن سميت جيڪي به ڳجھا سودا ڪيا اٿن اھي پبلڪ ڪن، ٻيٽن جو معاملو سنڌ اسمبلي م کڻي اچن ۽ رد ڪن، سنڌ جي ترقي جو جيڪو راڳ ڳايو پيو وڃي، اھا ترقي ثابت ڪن، ممتاز بخاري نورالهديٰ شاهه جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو، ذولفي پنهور لکيو ته عوام اڃا تائين واسطن برادري بنياد تي ووٽ ڪري ٿو، منير ڀرڳڙي لکيو ته پي ٽي آءِ بهتر آهي. محمد حسن خان لکيو ته اهو عوام فيصلو ڪندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *