تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اشو آف دي ڊي … ٿر جي مومل ميگهواڙ سان انصاف ڪيو وڃي: سوشل ميڊيا تي مطالبو

چيلهار ۾ اجتماعي لڄالٽ بعد انصاف نه ملڻ تي ناري مومل ميگهواڙ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي اهڙي معاملي ۾ انصاف لاءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته چيلهار ڀرسان ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ 14 مهينا اڳ اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار بڻيل 16 سالن جي نينگري مومل ميگهواڙ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مبينا دٻاءُ سبب کوهه ۾ ٽپو ڏئي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. ڪيس جي مک جوابدار آدم دل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مبينا خودڪشي ڪندڙ نينگري جي والد کينئراج ميگهواڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ سان اجتماعي ڏاڍائي جي جوابدارن جو اسان تي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ وڏو دٻاءُ هو. اسان غريب هجڻ ڪري جوابدارن جي ڏمر کان ڊنل هئاسين. منهنجي ڌيءُ کي جوابدار آدم دل ۽ ٻين بليڪ ميل ڪري خودڪشي تي مجبور ڪيو آھي، هن چيو ته واقعو اڻ سڌي طرح قتل جو آھي، سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي جسٽس فار مومل مهم هلائي پئي وڃي، بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿر ۾ ناري مومل ميگهواڙ سان ٽن جوابدارن لڄالٽ ڪئي، سندس وڊيو به ڀري، مسڪين والدين ٿاڻن ۽ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي ٿڪجي پيا، انصاف نه ملڻ تي مومل خودڪشي ڪئي، اهڙي پوسٽ تي نور خاصخيلي لکيو ته وڏو ظلم ٿيو آهي، حاجي شاد راڄڙ، عثمان پنهور، راهو ديو راٺوڙ، راجا الطاف انصاري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جي گهر ڪئي. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪيستائين ريپ جي جوابدارن کي آزاد ڪيو ويندو رهندو، ٿر جي مومل سان انصاف نه ڪيو ويو مومل خودڪشي ڪري ڇڏي، کپرو جي گينگ ريپ ڪيس ۾ ناري جي ڀاءُ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جوهي جي زليخان جو چاچو ماريو ويو ۽ ڪزن کي جيل ۾ وڌو ويو، ريپ ڪيس ۾ جوابدار ڪيئن ايترو جلد ضمانت تي آزاد ٿي ويندا آهن؟ ولايت راءِ راٺوڙ لکيو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿي آهي ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ ڪائنات سومرو لکيو ته هڪ ڏينهن ضرور انصاف ٿيندو، ايم پرڪاش لکيو ته مومل سان انصاف ڪيو وڃي، سليم عاصمي،ڀيمراج، مرلي لال ۽ ٻين پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي مومل سان انصاف جو مطالبو ڪيو. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مومل ميگهواڙ سان انصاف ڪيو وڃي، اجتماعي لڄالٽ بعد انصاف نه ٿيڻ تي مومل خودڪشي ڪئي، اڄڪلهه جيتريون به خودڪشيون ٿي رهيون آهن اهي قتل به ٿي سگهن ٿيون. سيد فرحت علي لکيو ته سسٽم کي هلائيندڙن ۾ خرابي آهي، ايف آءِ آر جي بنياد تي ۽ ثبوتن جي آڌار تي ئي انصاف ٿيندو آهي پر هتي اهڙو نظام درست نه هجڻ ڪري جوابدارن کي سزائون نٿيون ملن. مرزا سعيد احمد مغل لکيو ته ڪمزور عدالتي نظام سبب انصاف جي اميد گهٽ آهي، وشال لکيو ته مومل سان انصاف ڪيو وڃي.نندلال ماڻڪ لکيو ته ظلم جي انتها آهي ڇا مسڪينن سان انصاف ٿيندو؟ نند گهنشام ديوپال لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، 15 ڏينهن اڳ قتل جا جوابدار آزاد ٿي ويا آهن، انصاف هجي ها ته 2 سال ڪيس هليو ڪجهه نه ٿيو ويتر مظلوم زندگي تان هٿ کنيو، قادر بخش فقير لکيو ته مومل ميگهواڙ سان جلد کان جلد انصاف ڪيو وڃي. حسين منصور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مومل ميگهواڙ کي اجتماعي ريپ جو شڪار بڻايو ويو، ڪيس داخل ٿيو، ڪا به اڳڀرائي نه ٿي، متاثره کي ڌمڪيون ملنديون رهنديون، پوءِ سندس لاءِ کوهه مان مليو، قتل ڪئي وئي يا خودڪشي ڪئي پر اهو ضرور آهي ته سندس جان وئي. حفيظ چانڊيو لکيو ته مومل ميگهواڙ جي خودڪشي جون خبرون آهن پر اصل ۾ اهوقتل آهي. شاهد قمبراڻي لکيو ته مومل ميگهواڙ سنڌ جي نياڻي آهي ان ڪري ان لاءِ ڪنهن آواز نه اٿاريو، موٽر وي سانحي ۾ پنجاب جي ناري هئي جنهن لاءِ هر ڪنهن آواز اٿاريو زمين آسمان هڪ ڪيو ويو، مومل ميگهواڙ سان انصاف ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *