Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fe26a69v1cm0197e7rmcbig4o6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اشو آف دي ڊي ... چرس جي اجازت لاءِ شهري جو عدالت سان رابطو: سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اشو آف دي ڊي ... چرس جي اجازت لاءِ شهري جو عدالت سان رابطو: سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اشو آف دي ڊي … چرس جي اجازت لاءِ شهري جو عدالت سان رابطو: سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا

چرس پيئڻ جي اجازت ڏيڻ بابت هڪ شهري پاران عدالت ۾ درخواست ڏني وئي جنهن کانپوءِ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو ۽ دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، علي ڪامران سهتو لکيو ته شهري چرس پيئڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست کڻي پهچي ويو عدالت دليل ٻڌڻ بعد درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، اهڙي پوسٽ تي ناصر اشفاق لکيو ته موالي جي جرئت کي سلام آهي. عنايت لطف پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوامي مفاد خاطر چرس پيئڻ ۽ 10 گرام تائين گڏ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي اهڙي درخواست شهري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڏني، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شريف ماڻهو چرس پيئن ٿا، پوليس بيگناهه تنگ ڪري ٿي، 10 گرام تائين چرس رکڻ تان ڏنڊ به ختم ڪيو وڃي، غريب ماڻهو آهيان، عوامي مفاد خاطر درخواست کڻي آيو آهيان، اهڙي پوسٽ تي اسرار احمد لکيو ته صفا جوان جو پٽ آهي اهو، رزاق عاصي لکيو ته ان مسڪين جو حق آهي، 10 گرام ته مئخاني تي چلم سر ڪرڻ ۾ ڇڪي وڃن ٿا، ارشد علي لکيو ته اهو ته گهڻن جي ڀلائي ٿو ڪري، نثار کوکر لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري 10 گرام چرس کي ڊي ڪرمنلائيز ڪرڻ جي درخواست کڻي پهچي ويو، درخواستگذار چيو ته ڏهه گرام چرس رکڻ جي اجازت ڏني وڃي، چرس صحت لاءِ به سٺو آهي ۽ روينيو به ملندو.عدالت سندس درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هي ڪهڙيون درخواستون کڻي پيا اچو، اهڙو روينيو ئي نه کپي.رسول بخش لاڙ شهري جي اهڙي درخواست جي مذمت ڪئي، ڪفايت عباسي لکيو ته چرس ۽ ڀنگ پوکڻ جي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي واهپي جي به اجازت ڏئي ڇڏيندا، ثمر حسين لکيو ته ميرپورخاص واري وڪيل ڀنگ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ڪنهن وقت ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو هو جنهن ۾ وڪيل هزارين حڪيمن جا نسخا پيش ڪيا ۽ دليل ڏنا پر عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي، مير حسن مري چيو ته دليل ته تمام مضبوط ڏنا آهن، نياز سومرو لکيو ته عدالت درخواستگذار کي اهو به چيو ته ڇو نه اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪامريڊ لالو سرهيو لکيو ته شراب جا گتا سرعام هلي رهيا آهن، محمد حسن مري لکيو ته درخواستگذار اهو سمجهيو هوندو ته حڪومت ڀنگ پوکڻ جي اجازت ڏني آهي متان چرس جي به اجازت ملي وڃي، شاهنواز رند چرس جي حوالي سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته چرس پيئڻ جي حوالي سان نيويارڪ پهرين نمبر ڪراچي ٻئين ۽ نيو دهلي ٽئين تي موجود آهي، ڪراچي ۾ ساليانو 42 ٽن چرس واپرايو وڃي ٿو، ان جو مطلب اهو آهي ته پابندي باوجود چرس هلي رهيو آهي جيڪڏهن حڪومت سگريٽ وانگر چرس تي به ٽيڪس لڳائي ته پاڪستان کي ساليانو 13 ڪروڙ ڊالر ٽيڪس ملي سگهي ٿو، ديدار علي لکيو ته هي حڪومت جاري رهي ته اهو به ممڪن ٿي ويندو،

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *