تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اشو آف دي ڊي … ڪارونجهر بچايو: سوشل ميڊيا تي مهم

ڪارونجهر بچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي جنهن ۾ ڪارونجهر جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون ويون، ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ تي سيو ڪارونجهر هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ اسد نظام چانڊيو، ونود ڪمار، حفيظان وڌو، ونود شرما، بن يامين لغاري، سعيد احمد، عبدالحفيظ جوکيو، جي ايم ڊيهو، امتياز اعواڻ، باغي عبدالحميد، غلام عباس کوسو، شهزاد شفيع، عباس بلوچ، حنيف سمون،حسن چانڊيو، سرمن بروهي، ذيشان ڪلوڙ سميت وڏي انگ ۾ صارفين حصو ورتو. جاويد قاضي ٽوئيٽ ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي جبل جو ڪجهه حصو ايف ڊبليو او کي ڪهڙي پاليسي تحت ڏنو آهي؟ سحر شاهه رضوي ٽوئيٽ ڪيو ته ڪارونجهر سنڌ جو تاريخي ثقافتي ماڳ آهي جنهن جي وڪري جي مذمت ڪجي ٿي، هن روپلو ڪولهي جي تصوير پڻ شيئر ڪئي، سنڌو نواز گهانگهرو احتجاج جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته فطري حسن جي وادي ڪارونجهر کي بچايو، شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر جو قتلا عام نامنظور، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جن مورن جي ٻولي سمجهندو ئي ڪارونجهر هو ظالمن ان کي به کپائي ڇڏيو، هاڻي ته ڪارونجهر جي کوٽائي تي مور به ماتم ڪندا، ٻيٽن خلاف هلندڙ جهدوجهد جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ جبل کي مسمار ڪيو پيو وڃي پر اهڙي قدم تي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو. رحمت الله ماڄوٺي لکيو ته سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏيندا، امان انصاري لکيو ته اهو سنڌ دشمني وارو قدم آهي، مير جان ۽ ڪامريڊ لياقت پڻ مذمت ڪندي لکيو ته سنڌ مال غنيمت سمجهي ڦري رهيا آهن، اهي پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ سودا ڪري رهيا آهن، ارشاد سومرو لکيو ته ماتم ڪرڻ سان سنڌ نه بچندي، دشمن کي ماتم ڪرائڻ سان سنڌ بچندي. عزيز راج لکيو ته ڪارونجهر جو قتل عام منظور ناهي، محمد يقعوب لکيو ته سنڌ جي سونهن ۽ سڃاڻپ ڪارونجهر کي قتل ٿيڻ نه ڏبو، فهد مصطفيٰ لکيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي، وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، محمد جمن لکيو ته چنڊ جڏهن حال پڇيو ديس جو، لڙڪ ڪارونجهر جي ڪولهي جا ڪريا، ڪارونجهر کي بچايو وڃي، عدنان ميمڻ لکيو ته سنڌ جي سونهن کي بچايو وڃي، علي خواجه لکيو ته وزيراعليٰ سنڌ ۽ سنڌ حڪومت ڪارونجهر کي تباهه ڪرڻ ڇو ٿا چاهين؟ اهي جبل سنڌ جي خوبصورتي آهن، بشير ميراڻي لکيو ته هي وقت آهي ته سنڌ جون سموريون قومپرست پارٽيون اليڪشن ۾ حصو وٺي اڳتي اچن ۽ سنڌ جي مسئلن تي پارليامينٽ ۾ آواز اٿارن. رميش ڪمار لکيو ته سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي جي مذمت ڪريون ٿا، استاد راهي سومرو لکيو ته ڪارونجهر کي بين الاقوامي تفريح گاهه بڻائي مستقل طور اپت حاصل ڪري سگهجي ٿي پر توهان هنن ماڳن جو وجود ئي مٽايو ٿا. ذيشان احمد عبدالواحد آريسر جو جملو شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو آهي ته سموري ايشيا جو حسن مون ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ڏٺو آهي. نور مري لکيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن، سڃاڻپ، تهذيب ۽ ثقافت آهي ان جو سودو قبول ناهي، مير حسن مري لکيو ت ڪارونجهر ٿر سميت سڄي سنڌ جي دل آهي اهو اسان جو قومي ورثو آهي، ان جو تحفظ ڪرڻو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *