تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

اشو آف دي ڊي … ڪراچي واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي: سوشل ميڊيا تي بحث

ڪراچي واقعي بعد آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو، رينجرز هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جيڪو ٽاپ ٽرينڊ رهيو. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا ۽ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي حوالي سان ڪارروائي سامهون آئي آهي آرمي چيف پاران سٺو قدم کنيو ويو آهي. جاچ بعد ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي فوج جي ساراهه ڪئي وئي. ان حوالي سان حامد مير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته عزت ۽ ذلت الله جي هٿ ۾ هوندي آهي انسانن جي هٿن ۾ ناهي هوندي آءِ جي سنڌ سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي صرف هڪ ٽوئيٽ ڪيو ۽ ڪجهه ماڻهن مون کي غلط قرار ڏيندي سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون هيون اڄ اهي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا پر آئون انهن لاءِ به اڄ به دعا ڪريان ٿو، آءِ ايس پي آر جي پريس رليز چوي ٿي ته اهڙي واقعي ۾ ملوث آفيسرن کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي پر انهن آفيسرن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا. مبشر زيدي لکيو ته فوج جي انڪوائري ۾ آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا جي الزام هيٺ رينجرز، آءِ ايس آءِ آفيسرن کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي. امبر رحيم شمسي لکيو ته عوامي دٻاءُ جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو، آءِ جي اغوا معاملي ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي، افراسياب خٽڪ لکيو ته فوج ۾ اهو سٺو فيصلو ٿيو آهي پر ان تي اڃا وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت آهي، ڪراچي واقعي تي ڪوڙي ايف آءِ آر ڪيئن داخل ٿي؟ مرتضيٰ شاهه پاران ڪامران خان جو ٽوئيٽ شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ ڪامران خان لکيو ته ميان صاحب گذارش آهي ته پنهنجو توئيٽ ڊليٽ ڪريو، مبينا آءِ جي اغوا جي ڪهاڻي يا ته مراد شاهه محمد زبير مريم بي بي جذبات ۾ اچي ٻڌائي يا ته جذبات ۾ اچي چئي ڇڏيو ته سنڌ پوليس تصديق ڪئي آهي اغوا وغيره، اهڙو ڪجهه ناهي ايس ايچ او جذبات ۾ اچي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي، ڪامران خان جي ان ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ علي شاهه لکيو ته ڪراچي واقعي ۾ ملوث آفيسرن کي هٽايو ويو آهي. ڪامران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ سيد نياز غوث لکيو ته اهڙن صحافين غداري جا الزام ڏنا ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس ئي خارج ٿي ويو، ردعمل بعد ڪامران هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته انصاف؟، آرمي چيف بلاول ڀٽو سان وعدو نڀايو، ڪيپٽن صفدر خلاف مزار قائد جي بيحرمتي ڪيس ۾ آفيسرن کي سزائون ملنديون، سليم صافي لکيو ته فوجي قيادت جو مستحق قدم، ڪراچي ۾ ڪيپٽن صفدر جي معاملي تي آءِ جي پوليس سان پيش ايندڙ واقعي تي آرمي جي جاچ مڪمل ٿي وئي، آءِ ايس پي آر موجب رينجرز جي لاڳاپيل آفيسرن کي ذميوارين تان هٽايو ويو آهي.آرمي چيف سٺو قدم کنيو آهي، نصير گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀلا هاڻي اهي ماڻهو ڇا چوندا جيڪي چئي رهيا هئا ته آءِ جي سنڌ اغوا ۽ پريشرائيز ڪرڻ وارو مامرو ڊرامو آهي. ماجد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا واري مامري ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هٽايو ويو آهي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن خلاف جي ايچ ڪيو ۾ ڪارروائي ٿيندي. اصغر سومرو لکيو ته هاڻي لڳي ٿو ته آءِ سنڌ جي به بدلي ٿيندي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *