تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اشو آف دي ڊي … ڪشمور بعد ڄام صاحب ۽ عمرڪوٽ ۾ نينگرين سان زيادتي: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر

ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ مير محمد حسن واسڻ نينگري نمرا جي قتل ۽ عمرڪوٽ جي علائقي هير آباد ۾ ٻن جوابدارن پاران معصوم نياڻي 13ورهين جي گل ناز سان مبينا جنسي ڏاڍائي خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ انصاف جي گهر ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري لاش فصل ۾ اڇلايو ويو هو. ڪالهه مقتولا نينگري نمرا رند جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن جِي گرفتاري لاءِ ڪَک ڀڃِي ٻيڻو نه ڪري سگهي آهي، مير اخلاف ٽالپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مختيار رند جي 14 ورهين جي نياڻي نمرا کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا هئا ۽ قتل ڪري لاش زرعي زمين ۾ اڇلائي ويا، نديم لغاري، محمد براهيم ٽالپر، ظفرالله لغاري، آصف بلوچ،قمر الدين، مظهر خان، اسلم نذير ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. مير خان کوسو لکيو ته ظلم جي انتها آهي، سردار اي بخش راڄڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور واقعي کانپوءِ ڄام صاحب ڀرسان 13ورهين جي نينگري کي اغوا بعد باهه ڏيڻ کانپوءِ لاش ڪڻڪ جي فصل ۾ اڇلايو ويو، عمرڪوٽ هيرآباد ۾ ٻن جوابدارن پاران 13ورهين جي نينگري گل ناز سان مبينا ڏاڍائي جو واقعو به پيش آيو آهي، وحشي حيوان وڌي ويا آهن، ايڊووڪيٽ عقيل ابڙو، اي ڊي سنڌي، مهراڻ راڄڙ، خان محمد، اشوڪ ڪمار، محبت آريسر ۽ ٻين واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثرن سان انصاف جو مطالبو ڪيو. محمد خان سميجو لکيو ته هن قهر تي لکڻ لاءِ لفظ ئي ساٿ نٿا ڏين، انسان جي ٻچڙن سان ايڏو ظلم ڪيو ويو آهي.تاج محمد لکيو ته افسوس آهي انسان ذات آخر ايترو قهر ڇو ٿي ڪري؟ غلام قادر شر لکيو ته اهي وحشي آهن جيڪي اهڙا ظلم ڪن ٿا. سائين بخش لکيو ته افسوس انسانيت مري وئي آهي، عبدالمجيد هنڱورجو لکيو ته افسوس آهي ايڏو ظلم ڪندڙ وحشين کي موت جي سزا ڏيڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *