تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اشو آف دي ڊي …. ڪشمور واقعو: گرفتار جوابدار جو مارجڻ درست قدم يا عدالت کان مٿانهون قتل ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

وحشت جو شڪار معصوم عليشا ڪيس جو مک جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو ۽ سندس ساٿي خيرالله بگٽي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهڙي واقعي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، پوليس مقابلي دوران جوابدار جي مارجڻ جي جتي حمايت ڪئي پئي وڃي اتي اهڙي عمل جي مخالفت پڻ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته انصاف جي نظام تي سوال پڻ اٿاريندي چيو ويو ته ڇا اهڙن مسئلن جو اهو ئي حل آهي؟ ڇا جوابدار کي ان طرح سان مارڻ درست آهي؟ اهو عدالت کان مٿانهون قتل ناهي؟ ڇا پوليس جوابدار کي ماري بهتر قدم کنيو آهي يا ٻين جوابدارن کي بچايو آهي؟ ڇا ريپ جي ڪيسن ۾ ان قسم جي سزا کي درست چئي سگهجي ٿو؟ ان حوالي سان امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنهن به ريپسٽ جي عدالت کان مٿانهين قتل جي سپورٽ نٿي ڪري سگهجي،جنهن تي ديدار شيخ لکيو ته پر آئون اهڙي عمل جي حمايت ڪريان ٿو، منير ڀرڳڙي لکيو ته بلڪل اهو فاشسٽ طريقو آهي، نورين لهڙي لکيو ته ريپسٽ کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي، مختيار ملڪ لکيو ته مون کي هن ڪيس ۾ جوابدارن لاءِ سزا جو امڪان نٿو نظر اچي ڪو به شاهد موجود ناهي، معصوم نياڻي سان ٿيل واردات واري وڊيو ڏسڻ کانپوءِ آئون ننڊ ناهيان ڪري سگهيو. ڪينجهر يوسف لکيو ته گناهه ڪيڏو به وڏو هجي عدالت کان مٿانهين قتل جي سپورٽ نٿي ڪري سگهجي، ايس پنهور لکيو ته اهو انسان نه پر حيوان هيو، ثقلين امام لکيو ته عدالت کان مٿانهون قتل ريپ کان بدتر آهي. محسن جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي به عجيب منطق آهي، گرفتاري کان اڳ ريپسٽ کي چوڪ تي سرعام مارڻ جا مطالبا ۽ گولي هڻڻ بعد ان عمل جي مذمت ڪئي پئي وڃي. اهڙي پوسٽ سان سحر شاهه رضوي اتفاق ڪيو، طوبه گهمرو لکيو ته هتي نه ماڻهو جي اڳيان هلو نه ئي پٺيان، اهو هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي قسم جو لاء سسٽم آهي، قمرالدين مهر لکيو ته جوابدار سان جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي اهو ٺيڪ ٿيو آهي، آغا نوشاد لکيو ته ان واقعي تي اسان وٽ ماڻهن جو ٻٽو معيار آهي. مصطفيٰ حسن جويو لکيو ته سعودي عرب ۾ مجرم کي جلد سزا نه ڏيندا آهن پر ان مجرم جي ذريعي انهن جهڙن ٻين مجرمن جکي يا ان جي گينگ کي گرفتار ڪري سڀني کي گڏ موت جي سزا سرعام ڏيندا آهن. عطاءُالله خان لکيو ته عليشا ڪيس جو مک جوابدار رفيق ملڪ مفرور جوابدار خيرالله بگٽي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو اهو عدالت کان مٿانهون قتل ناهي، عدالتن لاءِ احترام آهي. ريحان لکيو ته سرعام ڦاهي جو مطالبو هو نه ڪي انڪائونٽر جو، مرڪ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس ته هونئن به ڪوڙن مقابلن ۾ بيگناھ ماڻھن کي ماريندي رهندي آھي هاڻي جيڪڏھن هڪڙي وحشي کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو آھي ته اها ڪهڙي وڏي ڳالھه آهي پر ٿيڻ ته ايئن گھرجي ها ته معصوم عليشا سان ظلم ڪندڙن کي گرفتار ڪري عدالت جي فيصلي تحت موت جي سزا ڏني وڃي ها، اهڙي پوسٽ تي سهيل جميل لکيو ته عدالت مان اهو ضمانت تي آزاد ٿي وڃي ها، اياز کوسو لکيو ته ڪيس لڙهي وڃي ها، فاروق لاکير لکيو ته جيڪڏهن اسان وٽ نظام درست هجي ها ته جوابدار رفيق ملڪ کي ڀيانڪ سزا ٻڌائي وڃِي ها، ماضي ۾ ان قسم جا جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيندا رهيا آهن. زاهد حسين لکيو ته جوابدار جي موت تي خوشي ٿي آهي. عبدالهادي چولياڻي لکيو ته پوليس بهتر ڪيو آهي اهو جوابدار آزاد ٿي وڃي ها. شاهه محمد چانگ لکيو ته عدالتن مان انصاف نه ملي ها، نصرالله بلاول لکيو ته اهڙن جوابدارن کي ان قسم جي سزا ملڻ گهرجي ته جيئن اڳتي ڪير به اهڙو قدم نه کڻي. آصف علي کوسو لکيو ته عدالتن ۾ وقت لڳي ها اهڙن جوابدارن سان ايئن ئي ٿيڻ گهرجي، سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آئون ڪڏهن به عدالت کان مٿانهان قتل جي حمايت نه ڪندس، اهڙي پوسٽ تي ساحل سڪندر لکيو ته قوم فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ظلم ۽ ظالم جو ترت خاتمو ٿيڻ هڪ بهترين عمل هجي ٿو، محمود رخشاڻي لکيو ته ڪشمور واقعي جو جوابدار فُل فرائي ٿي ويو گهڻن ماڻهن کي خوشي ٿيندي پر اصل ۾ اها انارڪي اصل واقعي جيان مجرماڻي آهي.پوليس کي ايئن مجاز ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ان ڪري اهو عمل ڪنهن به صورت قابل قبول نه هجڻ گهرجي. ڪورٽ ۾ پيش ڪري باقائدي ٽرائل سان کيس سزا ڏجي ها.ڌڻي بخش باريجو لکيو ته اسين به مخالف آھيون پر اهڙي ظالم جي سزا اها هجڻ گهرجي چئن سالن جي نياڻي کي ست ڏينهن زيادتي ڪري وحشي جيڪو عمل ڪيو ان جي سزا ڪهڙي هجڻ گهرجي؟ عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وحشين کي اهڙي ئي سزا ملڻ گهرجي سنڌ پوليس کڻي قانون کان مٿانهون قتل ڪيو آهي پر حقيقت ۾ اهڙن جو انجام بدتر ٿيڻ گهرجي. امير ڀٽي لکيو ته پوءِ ڪورٽون بند ٿيڻ گهرجن؟ خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس پي امجد شيخ تي رفيق جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي يا پوءِ ملڪ جون عدالتون بند ڪيون وڃن، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نذر پياسي چانڊيو لکيو ته سزا جو حقدار امجد شيخ نه پر رفيق وحشي آهي جنهن کي بهتر نموني سزا ڏني وئي، رشيد سڌايو لکيو ته توهان ڪهڙي قانون تحت روڊن تي احتجاج ڪندا آهيو؟ روڊ رستي تي بيهي روڊ بند ڪرڻ به قانون جي خلاف آهي پوءِ اهڙو عمل ڇو ڪندا آهيو؟ زاهد قمر لکيو ته پهريون ڀيرو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. امداد سيلرو لکيو ته رفيق قتل ناهي ٿيو پر ماريو ويو آهي، راشد محمود سومرو جي نالي سان آءِ ڊي تان لکيو ويو ته ڪهڙيون ڪورٽون جن ۾ 6 ورهين کان هر هفتي ڇنڇر تي وڃي اکين سامهون پي جي قاتلن کي ڏسي تاريخ وٺي زهر جا ڍڪ ڀري واپس ورندو آهيان اهڙيون ڪورٽون بند ئي هجن ته بهتر آهي. علي رضا ميمڻ لکيو ته رفيق ملڪ جي مارجڻ تي ڪو ڏک نه آهي پر هاءِ پروفائيل ڪيس جنهن جا پيرا نمايان ٿيندا پئي ويا اهي مِٽايا ويا آهن قتل پٺيان سوين سوال پيدا ٿيا آهن سنڌ پوليس وضاحت ڪري. غلام سرور ساريو لکيو ته اهڙن ظالمن سان ايئن ئي ٿيڻ گهرجي ته جيئن اڳتي ڪو اهڙو ظلم نه ڪري، محمد بقا تنيو لکيو ته جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي ها ته پوءِ روز روز اهڙا واقعا ڇو ٿين ها؟ موجوده سسٽم تحت اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ اهو بهترين عمل آهي. امر منصور ٻگهيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالتن کان مٿانهون قتل ڪرڻ مطلب پنهنجي عدالت لڳائڻ آهي، عدالتن کان ئي انصاف ٿي سگهي ٿو، باقي ان کان علاوه ڪنهن کي به مارڻ جرم آهي. ڊاڪٽر ڪامران لکيو ته پوليس جو اهو پهريون قدم آهي جنهن تي دل خوش ٿي آهي، گل زيب ارسلان لکيو ته اهو جوابدار ڪنهن سردار يا سياستدان جي مداخلت تي ڇڏائجي وڃي ها، نزاقت ٻگهيو لکيو ته اهو سٺو ٿيو ته مري ويو نه ته آزاد ٿي وڃي ها. اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دنيا ۾ قتل کان به وڌيڪ سخت سزائون موجود آهن، وحشي کي قتل ڪرڻ سان امن قائم نه ٿيندو. فقير سليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امجد شيخ هڪ درندي کي ماري اصل جيڪا گينگ هئي ان کي بچائي ورتو. اشرف ڪنڀر لکيو ته اها ڳالهه ڪير مڃي نٿو، ناشاد سمون لکيو ته ٻيو گرفتار ٿيل به گينگ جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو باقي ماري سٺو ڪيائون، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن متاثر ڌر به دٻاءُ ۾ اچي ٺاهه تي راضي ٿي ويندي آهي. جبار لغاري لکيو ته هڪ جوابدار خيرالله زنده آهي جيڪڏهن گينگ کي بچائڻو هجي ها ته جوابي فائرنگ ۾ خيرالله به مارجي وڃي ها، الهرکيو سيال لکيو ته هڪ ايم اين اي جو نالو آيو هو جنهن کي بچائڻ لاءِ ان وحشي کي ماريو ويو، معاملي جي جاچ ڪري اصل ڏوهارين تائين پهچي انهن کي به سزا ڏني وڃي. انيلا رفيق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻارڙي سان ڏاڍائي ڪندي جوابدار مارجي ويو پوليس کي سلام پيش ڪجي ٿو، جواد هڪڙو، ملڪ محمد خان، امام بخش ڪيريو، ساگر پنهور، محمد رفيق، علي رضا ڀٽو، علي احمد درس، اقبال سومرو، شبير خاصخيلي، نورمحمد ابڙو ۽ ٻين پڻ جوابدار جي مارجڻ واري عمل جي ساراهه ڪئي. آڪاش ملاح پڻ واقعي جي حوالي سان پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي عبدالله ڪلهوڙو لکيو ته پوليس جي نا اهلي آهي جو هڪ جوابدار جيڪو پوليس جي ڪسٽڊي ۾ هو ان کي ٻئي جوابدار هٿان مارائي وٺي انهن ٻنهي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ها. قاسم راڄپر لکيو ته جوابدار مارجڻ واري عمل جي ساراهه ڪجي يا اصل جوابدار پڪڙ کان آجا ٿي ويا؟ جنهن تي زنگيجو ستار لکيو ته جوابدار کي فل فراءِ ڪري مارڻ عدالت کان مٿانهون قتل آهي کيس ڏوهه جي سزا عدالت کي ڏيڻي هئي ايس ايس پي امجد شيخ جذباتي غلطي ڪئي. ذيشان جوڻيجو لکيو ته اصل جوابدار بچي ويا، شفقت نوناري ۽ اظهر احمد لکيو ته اهو سٺو ٿيو، سائمه ارم چانڊيو لکيو ته اهڙن جوابدارن لاءِ فل فراءِ سٺو عمل آهي.فريده پنهور عدالت کان مٿانهين قتل جي مخالفت ڪئي، تانيه سليم پليجو لکيو ته ڇا ڪنهن ٻارڙي سان ريپ ننڍو گناهه آهي ان جي سزا ڦاهي کان گهٽ هجي؟ مشي خان لکيو ته جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي.

پوليس ۾ مقابلن جي تاريخ پراڻي آهي پر گذريل 10 ورهين کان ان مقابلن کي عوامي پذيرائي ملي ۽ ان طرح پوليس آفيسرن جي شهرت وڌي وئي، انهن جعلي مقابلن کي عوامي پذيرائي ملڻ ۽ مقابلن جي شرح ۾ اضافو ٿيڻ باوجود ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪو به محفوظ ناهي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو، ريپ ڪيسز ۾ به ڪراچي جو پهريون نمبر آهي، باقي شهرن ۾ ريپ سميت ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا وڌندا پيا وڃن، ان مان ثابت ٿيو ته جعلي مقابلن جو ڪو فائدو ناهي ٿيو، پاڪستان ۾ هڪ دستور موجود آهي، ان دستور جي پيش نظر پوليس ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارا انتهائي ضروري آهن جيڪڏهن اسان ڪنهن به غيرقانوني عمل جي حمايت ڪئي ته ياد رکو ته پوءِ هي پوليس ٽارگيٽ ڪلر بڻجي ويندي ۽ وڏيرن کان سپاري وٺي انهن جي مخالف نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ ماريندي رهندي.حبيب جمالي جي فيس بڪ وال تان ورتل …

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *