| اصل مسئلو سبسڊي جي رقم ۾ ڪرپشن آهي، 9 سيڪڙو ٽيڪس سان ملڪ هلي نٿو سگهي، ٽيڪس نيٽ وڌائڻو پوندو: ناڻي وزير |
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اصل مسئلو سبسڊي جي رقم ۾ ڪرپشن آهي، 9 سيڪڙو ٽيڪس سان ملڪ هلي نٿو سگهي، ٽيڪس نيٽ وڌائڻو پوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته مسئلو ملازمن جو ناهي پر اصل مسئلو سبسڊي جي جاري ٿيندڙ رقم ۾ گهوٻين جو آهي، ڪابه اهڙي گرانٽ منظور ٿي ئي نٿي سگهي جنهنجي منظوري پارليامينٽ نه ڏي، هن چيو ته پائيدار ترقي لاءِ ادائيگين ۾ توازن ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ انتهائي اهم آهن، خانگي شعبي کي به اڳتي آڻي رهيا آهيون. ناڻي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ کي تنقيد نه پر سڌارن لاءِ رهنمائي تصور ڪيو وڃي، مالياتي اداري سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي چڪو آهي، پانڊا باند ڊسمبر جي آخر يا جنوري جي پهرين هفتي ۾جاري ڪيو ويندو . هن چيو ته وزيراعظم ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ سرچارج ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ڪابينا کي سمري موڪلي وئي آهي، پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سان قرض جي ادائيگي تي مثبت اثر پيو آهي، سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ بابت ايندڙ هفتي اجلاس ٿيندو۽ اسان سڀ “پاڪستان فرسٽ ايجنڊا“ کي اڳتي وڌائينداسين.، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارن سان گڏ ادارن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ پڻ اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته يو ايس ايگزم بينڪ به ريڪوڊڪ منصوبي جي فنانسنگ ۾ واپس اچي وئي آهي ان جي اچڻ اهو منصوبو ملڪ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، هن چيو ته پرڏيهي ناڻي ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي، هلندڙ سال پرڏيهي ناڻو 41 ارب ڊالر ٿيڻ جو امڪان آهي. معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهيڪلائميٽ فنانسنگ به تمام ضروري آهي، اصلاحاتي عمل جاري آهي، حڪومت ڍانچاجاتي اصلاحات تي عمل ڪري رهي آهي، اسان کي واڌاري ۾ تسلسل برقرار رکڻو آهي، ناڻي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته برآمدات ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. برآمدات اسان جي مدد ڪري رهيون آهن، مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ بهتري به سٺو سنوڻ آهي، محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ماهوار بنياد تي بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، امپورٽ تي به نظر رکيل آهي.