اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) تڪراري ٽوئيٽس واري ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن
اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان جي عدالت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير اعظم خان سواتي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي
عدالت اعظم خان سواتي کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڄ طلب ڪيو هو پر هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو
ٻڌڻي کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ جاري ڪيو ويو