اعظم سواتي ڪٿي به نظر اچي ته گرفتار ڪريو: اسلام آباد عدالت جو حڪم

سيپٽمبر 27, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اعظم سواتي ڪٿي به نظر اچي ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي

اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي عدالت اعظم سواتي جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايف آءِ اي کي حڪم ڪيو ته اعظم سواتي کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي

اشتهاري قرار ڏيڻ باوجود اعظم سواتي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، اعظم سواتي تي سرڪاري آفيسرن خلاف تڪراري ٽوئيٽس ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو

اسپيشل جج سينٽرل ايف آءِ اي کي حڪم ڪيو ته اعظم سواتي جٿي به نظر اچي کيس گرفتار ڪيو وڃي

Leave A Comment