اغوا معاملو: هاءِ ڪورٽ جي ايس ايس پي کي ڇنڊ، ناري والدين حوالي

اغوا معاملو: هاءِ ڪورٽ جي ايس ايس پي کي ڇنڊ، ناري والدين حوالي

سکر (بيورو رپورٽ) نوشهروفيروز واسي طرفان ڌيءَ جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي، ايس ايچ او ۽ ٻيا واسطيدار پيش، عدالت جي ايس ايس پي کي ڇنڊ، سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ نوشهروفيروز واسي علي شير ڪلو طرفان ڌيءَ ريشمان کي بازياب نه ڪرائڻ واري توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس خالد حسين شاهاڻي جي سنگل بئنچ آڏو ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو، ڊي ايس پي سردار چانڊيو، ايس ايچ او نوشهروفيروز ٿاڻو راجا نويد آرائين، مبينا کنڀي گم ڪيل ريشمان ڪلو، ڇوڪري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ جاويد عرف جواد ڪلهوڙو ۽ ريشمان جا والدين پيش ٿيا، عدالت ڏنل حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ايس ايس پي مٿان سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي عدالتي حڪم جي ڪا به پرواهه ناهي، ڇا اوهان قانون جي اهميت کان اڻ واقف آهيو، حڪم تعميل ڪرڻ بجاءِ نظر انداز ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو ٿا، پر ان تي عمل نه پيا ڪريو. ڇو نه اوهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت ايس ايس پي روحل کوسو کي مخاطب ٿيندي چيو ته 17 آگسٽ تي آرڊر جاري ڪيو ويو هو ته ٻن هفتن اندر ڇوڪري کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪريو، پر اوهان غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي عدالتي حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، 82 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ بغير پيش ٿيا آهيو، توهان عدالت کي مذاق پيا سمجهو، جنهن بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز سرڪاري وڪيل معرفت عدالت کان معافي گهري، عدالت ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي ايس ايس پي کي مهلت ڏيندي ٻڌڻي هڪ ڪلاڪ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ ڪيس جي ٿيل ٻيهر ٻڌڻي دوران ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪيل ڪارروائي بابت بيان ڏنو، عدالت کي آگاهي ڏني ته ڇوڪري ريشمان جي والدين کان نياڻي کي ڪو به نقصان نه پهچائڻ جو حلف نامو وٺي ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن کانپوءِ عدالت ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي نياڻي جي حفاظت ڪرڻ جو پابند بڻايو، ان دوران جسٽس خالد حسين شاهاڻي پوليس آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون ڪنهن به طرح پسند جي شادي جي خلاف ناهيان، پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي نياڻي کي کنڀي کڻي شادي ڪري ٿو ته اها قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اسلامي شريعت جي نظر ۾ اهو ڏوهه آهي ۽ اسان جي ملڪ جي قانون موجب 18 ورهين کان گهٽ ننڍي عمر ۾ شادي تي پابندي آهي، جڏهن ته ڪنهن جي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري شادي ڪرڻ واري قانون جي روشني ۾ ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو، آئون اوهان کي واضع ٿو ڪيان ته 18 ورهين تائين جي عمر تي پهچڻ کانپوءِ ريشمان ڪلو رضامندي سان جيڪڏهن ساڳي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهي ته عدالت کي ڪو به اعتراض نه هوندو، ڏسو معاشري کي سڌي سمت ۾ هلائڻ جي وهنوار ۾ ججز، وڪيلن، پوليس جو مک رول آهي، تنهن ڪري اسان سڀني کي قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ گهرجن، غيرذميواري جي صورت ۾ معاشرو بگاڙ ۽ تباهي جي ورچڙهي ويندو، ماڻهن جي فائدي ۽ سماج جي بهتري لاءِ قانون تي عمل لازمي آهي، قانون جي حڪمراني ۾ انسانيت جي ڀلائي آهي، انهي بعد عدالت ريشمان ڪلو کي والدين حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائيندي درخواست اڪلائي ڇڏي. اِن دوران ريشما مسلسل روئيندي رهي.