تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

افسانوي ادب جي جديد صنف، فڪشن-55 … علي رضا قاضي

ڊرئبل يا هڪ سؤ لفظن واري ڪهاڻيءَ جي تشريح هاڻي صرف 100 لفظن تائين محدود ناهي رهي، ڇاڪاڻ ته فڪشن-55 به ان جو حصو بڻجي وئي آهي. فڪشن-55 ڇا آهي؟ جي سوال جي جواب ۾ لکي سگهجي ٿو ته هيءَ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ فقط 55 لفظن ۾ هڪ مڪمل ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي ٿي. جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته فڪشن-55 يا 55 لفظن جي ڪهاڻي بنيادي طور ڊرئبل جي دائري ۾ اچي ٿي، جڏهن ته اها فليش فڪشن جي ان ڇٽيءَ هيٺ آهي، جنهن ۾ ٻيون صنفون به اچي وڃن ٿيون.
نامياري محقق ڪيٿرين سسٽانا لکي ٿي ته:
“One example of drabble is 55, Fiction, which is a form of microfiction that refers to the works of fiction that are either limited to a maximum of 55 words or have a requirement of exactly 55 words.”
(ڊرئبل جو هڪ مثال فڪشن-55 آهي، جيڪو مائڪروفڪشن جو نمونو آهي. اهو ادبي ڪم جيڪو وڌ ۾ وڌ 55 لفظن تائين محدود هجي، يا ان جي گهرج پورن 55 لفظن تائين جي هجي.)
فڪشن- 55 جي اصليت بابت ڪيٿرن سسٽانا جو خيال آهي ته:
“The origin of 55 Fiction can be traced to a short story writing contest organized by New Times, an independent alternative weekly in San Luis Obispo, California, in 1987. The idea was proposed by New Times founder and publisher Steve Moss.”
(فڪشن-55 جي شروعات، هڪ شارٽ اسٽوري مقابلي کان ٿي، جيڪو هفتيوار ’نيو ٽائمس‘ سان لوئس اوبسپو، ڪيليفورنيا ۾ 1987ع ڌاري منعقد ڪرايو هو. هي خيال نيو ٽائمس جي باني اسٽيو موس جو هو.) فڪشن-55، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ لکيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ فڪشن-55 (55 لفظن جي ڪهاڻي) جا ٻه مثال ترتيب سان رکجن ٿا؛ جن جو ترجمو پڻ اوترن ئي لفظن ۾ ڪيو ويو آهي.
Highchair
By: Amanda Gallagher
“She sets a plate of his favorite foods on his highchair. She smiles lovingly throughout dinner. Afterwards, her husband settles her in bed, then cleans up. Routinely, he dumps the untouched food into the trash and crawls in next to her. He prays to their departed son, and counts out his elderly wife’s morning medicine.”
(هن مٿاهين ڪرسيءَ تي پنهنجي پٽ جو پسنديده کاڌو پليٽ ۾ سجائي رکيو ۽ مسڪرائڻ لڳي. ڪجهه ئي دير ۾ معمول مطابق هن جي مڙس هن کي کڻي بستري تي سمهاريو ۽ بچيل کاڌو سانڍي هڪ پاسي تي رکي ڇڏيو. پيءُ، مئل پٽ لاءِ دعا گهري ۽ زال جي لاءِ صبح جي دوا ياد ڪيائين.)
فڪشن- 55 ’مٿاهين ڪرسي‘ جو مختصر جائزو
امنڊا گيلاگر، جو لکيل هي فڪشن-55 بنيادي طور احساسن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ هڪ پيرسن جوڙي جو درد شامل آهي. هنن جو پٽ هاڻي هِن دنيا ۾ ناهي رهيو. والدين جا پنهنجي ٻارن ڏانهن احساس ڪيئن هوندا آهن؟ 55 لفظن جي هن ڪهاڻيءَ ۾اهي احساس پنهنجي عروج تي نظر اچن ٿا. ڪهڙي ريت ليکڪا انهن جذبن ۾ اندر وڃي، مختصر لفظن ۾ اهو شاهڪار اُڻيو آهي. پڙهي حيرت وٺيو وڃي. ڪهاڻيءَ ۾ پورا 55 لفظ شامل آهن، پر ڪجهه لفظ مڪمل ڪهاڻيءَ جو درجو رکن ٿا؛ جيئن: مٿاهين ڪرسي- پسنديده کاڌو- مئل پٽ لاءِ دعا- صبح جي دوا، وغيره. اهي لفظ ان جي سڄي ماحول کي وڌيڪ چٽو ۽ دکدائڪ بنائن ٿا يا انهن منظرن کي بلڪل واضح ڪن ٿا، جنهن ڪرب ۾ والدين گذري رهيا آهن.
55 لفظن جي هن ڪهاڻيءَ ۾ جتي ماءُ جو درد عيان آهي، اتي پيءُ جيڪو هڪ مڙس به آهي؛ ان جون ذميداريون به ڏيکاريون ويون آهن. هو ڪهڙي ريت فوت ٿيل پٽ لاءِ دعا گهري ٿو، ساڳي وقت پنهنجي گهرواريءَ جي دوا به ياد ڪري ٿو، جيڪا هن کي صبح جو کارائڻي آهي. ان کان اڳ عورت کي کڻي بستري تي سمهارڻ ۾ پڻ ڪجهه شيون، جيڪي لکيون ته نه ويون آهن پر امڪاني طور ظاهر ٿين ٿيون ته، اها عورت شديد صدمي جي ڪري هلڻ ڦرڻ کان به لاچار ٿي وئي آهي. هوءَ ايترو ته شديد ذهني صدمي جو شڪار آهي، جو جسم ۽ دماغ مفلوج ٿي ويو اٿس. پٽ جي ياد ۾ هن جو پسنديده کاڌو سجائي رکي ٿي. ڪهاڻي ۾ ان ڪرسي جي به ڳالهه ٿيل آهي، جيڪا مٿاهين آهي، مطلب هو پنهنجي پٽ کي سدائين مٿاهين ڪرسي تي ويهاريندا هئا.ڪهاڻيءَ جي لفظن وچ ۾ درد جو هڪ اهڙو طوفان برپا آهي، جنهن کي جنهن ڪاريگريءَ سان اجاگر ڪيو ويو آهي، ان لاءِ رائيٽر جس لهڻي. ظاهر ۾ ته 55 لفظ آهن، پر 5500 لفظن جي نمائندگي ڪندي ملن ٿا، ان ڪري فليش فڪشن کي جديد دؤر جي نسبت سان اوليت ڏني پئي وڃي، ته ليکڪ ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪري ٿو.
فڪشن-55 جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو مثال به پيش ڪجي ٿو.
Knocked Out of His Wits
By: Alyssa Rose
“After his head injury he began to hear things. When no one believed him, he stopped talking about it. But it left him in constant awe. Everyone was singing. The trees, rocks, animals, bugs, everything. People thought he was crazy and avoided him, but he merely pitied them in their bland, ordinary world.”
)مٿي ۾ ڌڪ کانپوءِ هن عجيب آواز ٻڌڻ شروع ڪيا.ڪنهن اعتبار نه ڪيو ته ان موضوع تي ڳالهائڻ بس ڪيائين، پر خوف ۾ مبتلا رهيو. هر شيءِ وڻ، پهاڙ، جانور ۽ مکيون ڳائڻ لڳا هئا. ماڻهو هن کي چريو سمجهي پري رهڻ لڳا. هاڻي هن کي به عام رواجي دنيا تي رحم اچڻ لڳو.)
فڪشن- 55 ’پنهنجي ڏاهپ کي شڪست‘ جو مختصر جائزو
فڪشن-55 جو هي نمونو اليسا روز جو لکيل آهي. فليش فڪشن جي هن صنف ۾ ڪهاڻيءَ جون سڀ بنيادي عنصر به نظر اچن پيا. جيئن هن جو پلاٽ نهايت سگهارو آهي. ڪردارنگاري پڻ ڪمال جي آهي، ته ڊائلاگ، هن فڪشن-55 جي جان آهن، جڏهن ته اها ڪهاڻي هڪ واقعي جي چوڌاري ڦري ٿي. مرڪزي خيال نهايت اعلى آهي، جنهن جو ثاني ناهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته ان جو اختتام نهايت خوبصورت پيرايي سان بيان ٿيل آهي، جيڪو فڪشن-55 جي سونهن کي اجاگر ڪري ٿو.بنيادي طور فڪشن-55 جو هي نمونو ان شخص جي چوڌاري ڦري ٿو، جنهن جي مٿي ۾ ڌڪ لڳي ٿو،ِ هن جي دنيا تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ هو هن دنيا کي ڪهڙي طريقي سان ڏسي ٿو، سو ليکڪا جو ڪمال آهي. مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ئي فليش فڪشن جو خاصو رهيو آهي. ڪهاڻيءَ جي هن روپ ۾ اسان اهي سڀ خوبيون ڏسون ٿا. فڪشن-55’پنهنجي ڏاهپ کي شڪست‘ جي پلاٽ ۾ شروعات، وچ، مسئلو، عروج ۽ ان جو حل آخر ۾ پڄاڻي خوب طريقي سان ٿيل آهي. هي جملو ته: ”ماڻهن هن کي چريو سمجهي پري رهڻ لڳا.“ مسئلي جو عروج آهي ۽ ان جي پڄاڻيءَ جو جملو:”هاڻي هن کي به عام رواجي دنيا تي رحم اچڻ لڳو.“ فليش-55 کي سموهڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو. هن ڪهاڻيءَ سان سماج جي انهن ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي، جيڪي ذهني طور معذور ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ دنيا انهن کي ڪهڙي ريت ڏسي ٿي.چريا ماڻهو هميشه عام رواجي دنيا کان الڳ رهيا آهن. اهڙي ريت اهي پاڳل انسان هن جهان کي ڪهڙي ريت ڏسن ٿا، سا اپٽار فڪشن-55 ۾ تمام بهتر ريت ٿيل آهي.
هڪ خيال جيڪو، فڪشن-55 ۾ واضح لکيل آهي، ته جن ماڻهن کي سماج ۾ چريي جو درجو حاصل ٿئي ٿو، تن جي ذهني پهچ عام ماڻهن کان مٿي هوندي آهي، ان ڪري هو هن دنيا کي عام رواجي سمجهن ٿا.بحرحال 55 لفظن جي دائري ۾ سرجيل هي ڪهاڻي، فليش فڪشن جو اعلى نمونو آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو، ته مختصر لفظن ۾ هيءَ ڪهاڻي پنهنجا سڀ لوازمات پورا ڪندي ملي ٿي، ساڳي وقت قاري جي ذوق ِ تسڪين جو باعث پڻ بڻجي ٿي. انٽرنيٽ جي دنيا ۾ گهٽ وقت ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ئي سرجي رهيون آهن، جن سان پڙهندڙ جو وقت به بچي ٿو ته ليکڪ جو فن به ظاهر ٿئي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *