افغانستان تي حملي بعد اسلام آباد ۾ هاءِ الرٽ، موڪلون رد

افغانستان تي حملي بعد اسلام آباد ۾ هاءِ الرٽ، موڪلون رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪندي پوليس آفيسرن جون موڪلون رد ڪيون ويون، اسلام آباد پوليس جي سمورن آفيسرن کي فوري ڊيوٽي تي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ۽ ڪنهن به قسم جي موڪل ايندڙ حڪم تائين ختم ڪئي وڳئي آهي. اڳ ۾ منظور ٿيل موڪلون پڻ فوري طور ختم ڪيون ويون آهن. ترجمان موجب هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سخت حاظتي قدم کنيا پيا وڃن. صرف ناگزير هنگامي صورت ۾ لاڳاپيل اختيارين اجازت سان موڪل ممڪن آهي. سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي پنهنجي يونٽ ۾ بنا دير رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وفاقي دارالحڪومت جي سيڪيورٽي صورتحال تي سخت نگراني جاري آهي. انسپيڪٽر جنرل جي منظوري سان حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پوليس جي مڪمل نفري طلب ڪئي وئي آهي.