افغانستان مان اسمگل ٿيل آمريڪي هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال، ثبوت هٿ، جاچ جو مطالبو

ڊسمبر 18, 2023

ڪراچي (م ڊ) افغانستان مان پاڪستان اسمگل ٿيندڙ آمريڪي هٿيار دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جا ثبوت ملي ويا آهن. خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب 12 جولاءِ 2023ع تي زوب گيريزن تي ٿيل حملي ۾ پابندي پيل ٽي ٽي پي پاران آمريڪي اسلحو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته 6 سيپٽمبر تي جديد ترين آمريڪي هٿيارن سان ليس ٽي ٽي پي دهشتگردن چترال ۾ ٻن فوجي چوڪين تي حملو ڪيو. 4 نومبر تي ميانوالي ايئربيس تي ٿيندڙ حملي ۾ دهشتگردن وٽان هٿ آيل اسلحو غيرملڪي هو، جن ۾ آر پي جي 7، اي ڪي 74، ايم فور ۽ ايم 16 اي فور به شامل آهن. ان کان سواءِ 12 ڊسمبر تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن م دهشتگردن جي حملي ۾ به نائٽ ورزن گوگلز ۽ آمريڪي رائفلز جو استعمال ڪيو ويو، 15 ڊسمبر تي ٽانڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي ۾ دهشتگردن وٽان جديد آمريڪي اسلحو مليو. 13 ڊسمبر تي افغانستان مان پاڪستان ايندڙ گاڏي مان بصر جي ٻورين مان جديد آمريڪي هٿيار هٿ آيا. بلوچ لبريشن آرمي انهن ئي هٿيارن سان فيبروري 2022ع ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي جي ڪيمپن تي حملا ڪيا. ياد رهي ته پاڪستان اڳ به آمريڪي هٿيارن جي دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻ جي نشاندهي ڪري چڪو آهي. هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان جي نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي به پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته افغانستان کي دهشتگردن بابت سمورا ثبوت فراهم ڪري چڪا آهيون پر ان باوجود اسان سان ڊبل گيم کيڏي پئي وڃي.  هوڏانهن اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته دهشتگردن وٽ جديد آمريڪي هٿيار ڪٿان آيا آهن، ان جي جاچ ڪرائي وڃي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي محمد علي دراني چيو ته پاڪستان ۾ موجوده دهشتگردي ماضي جي ڀيٽ ۾ ان ڪري وڌيڪ خطرناڪ آهي جو ان ۾ آمريڪي هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي. محمد علي دراني وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ روسي هٿيارن سان ٿيندڙ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ هاڻي عوام، فوج ۽ سمورا قناون لاڳو ڪندڙ ادارا متحد ٿي آمريڪي هٿيارن سان ٿيندڙ دهشتگردي جو مقابلو ڪن. هن چيو ته اها هڪ وڏي دلچسپ حقيقت آهي ته هن وقت اسرائيل جنهن اسلحي ۽ ٽڪينالوجي سان فلسطنين جو قتل عام ڪري رهيو آهي ان ٽيڪنالاجي ۽ اسلحي سان پاڪستان م دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي. هن عالمي برادري تي نوٽيس وٺڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته آمريڪا سميت گڏيل قومن کي سنجيده قدم کڻڻ گھرجن نه ته نائن اليون جھڙي نئين صورتحال پيد اٿي ويندي

Leave A Comment