افغانستان مان منشيات اسمگلنگ ڪوشش ناڪام،عورت سوڌو 4 گرفتار

مَي 27, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس جون مختلف شهرن ۾ ڪارروايون، 2 عورتن سميت 11 جوابدار گرفتار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ترجمان اي اين ايف موجب اسلام آباد موٽر وي ٽول پلازه وٽان هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪري جوابدار  کي گرفتار ڪيو ويو

ڪراچي ايئرپورٽ تان ابوظهبي ويندڙ جوابدار جي بيگ مان 5 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي

ڪراچي سپر هاءِ وي تي ڪارروائي ڪري 4 ڪلو چرس هٿ ڪندي عورت سميت 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا

ترجمان اي اين ايف موجب افغانستان مان وڏي مقدار ۾ منشيات پاڪستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي پاڪ افغان سرحد چيڪ پوسٽ تي اي اين ايف ۽ ايف سي آپريشن ڪيو

خيبر جي 5 جوابدارن وٽان 111 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، پشاور جي باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان لنڊن ويندڙ مسافر کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪئي وئي

گرفتار جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

Leave A Comment