اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ڳنڍيندڙ فيض آباد واري علائقي ۾ لامارا ڏيندڙ ٻن ڊرونن کي فضائي دفاعي نظام ڪيرائي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سول ايوي ايشن عملدارن موجب هن واقعي سبب اسلام آباد ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن ڪجهه دير لاءِ متاثر ٿيو، جنهن کي جلد ئي بحال ڪيو ويو. ٻئي طرف ٻنهي مشڪوڪ ڊرونز بابت شڪ ظاهر ڪيو ويو آھي ته اهي افغانستان کان آيا هئا، جڏهن ته افغان طالبان جي وزارت دفاع دعويٰ ڪئي آهي ته افغان فورسز جمعي شام فيض آباد جي ويجهو واقع اهم ھنڌ “حمزه (ڪيمپ)” کي نشانو بڻايو، جنهن سبب ڪافي نقصان ٿيو. پاڪستان جي سڌ سماءَ جي وزارت جو چوڻ آهي ته فتنہ الخوارج طرفان موڪليل ٻن ڊرونز کي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جديد اليڪٽرانڪ دفاعي اوزارن سان ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو. حملي جي هن ناڪام ڪوشش دوران ڪنهن به فوجي تنصيب کي ڪو نقصان نه پهتو. ٻي خبر اھا پڻ آھي ته ڪوهاٽ شهر جي حساس ۽ شهري علائقن ۾ افغان ۽ ڀارتي پراڪسي طرفان ڪيل ڊرون حملا به ناڪام بڻايا ويا. انهن حملن ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته پاڪستاني فورسز ڊرونز کي ڪيرائي ڇڏيو. چوٿون حملو ۽ ڌماڪو ٻيهر ڪوهاٽ قلعي تي ٿيو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڙيسري ملڪ افغانستان جي طالبان حڪومت کي خبردار ڪيو ته پاڪستان جي شهري علائقن تي ڊرون حملا ڪري هنن “ريڊ لائين” پار ڪري ڇڏي آهي. صدر آصف زرداري چيو ته افغان حڪومت دهشتگرد گروهن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم نه ڪرڻ بابت ڪرايل خاطرين کي نظرانداز ڪري رهي آهي۔ هاڻي اها حڪومت اسلامي دنيا جي هڪ وڏي فوجي طاقت کي چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ صدر مملڪت ڪوئيٽا، ڪوهاٽ ۽ راولپنڊي ۾ ڊرون حملن سبب زخمي ٿيل ٻارن ۽ ٻين شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي۔
پاڪستان جي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان تازو پيش ايندڙ واقعا انتهائي سنجيده ۽ ڳڻتي جوڳا آهن. افغانستان مان پاڪستاني علائقن ڏانهن ڊرون حملا ٿيڻ نه رڳو قومي سلامتي بابت سوال اٿارين ٿا، پر ٻن پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي به ظاهر ڪن ٿا. سڀ کان وڌيڪ تشويشناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ڊرونز ايتري حد تائين پاڪستاني فضائي حدن اندر داخل ٿي ويا جو اهي عسڪري اهميت رکندڙ شهرن جي ويجهو پهچي ويا، ۽ پوءِ اسان جي سيڪيورٽي نظام جي نظر ۾ آيا. اهڙي صورتحال ۾ بنيادي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر اهي ڊرونز محفوظ نموني ايترو ڊگهو سفر ڪيئن طئي ڪري ويا؟ ڪنهن به خودمختيار ملڪ لاءِ اهڙي قسم جا واقعا واضح طور تي ريڊ لائين جي حيثيت رکن ٿا. پاڪستان بار بار اهو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي سرزمين کي دهشتگردي يا جارحيت لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ ان اصول تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا ته پوءِ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ وڌيڪ مشڪل بڻجي ويندو.
افغانستان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور ويجها رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي سرحد ڊگهي آهي ۽ عوامي سطح تي به گهرا لاڳاپا موجود آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جي فوجي ڇڪتاڻ يا جارحاڻي قدم نه رڳو سرحدي علائقن ۾ بيچيني پيدا ڪندا، پر مجموعي طور تي ٻنهي ملڪن جي استحڪام تي به منفي اثر ڇڏيندا. ڊرون حملا يا اهڙيون ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهن، ڇو ته اهي سڌي طرح هڪ ملڪ جي خودمختياري کي چئلينج ڪن ٿا. اهڙي ڇڪتاڻ جو سڀ کان وڏو اثر ٻنهي ملڪن جي معيشتن تي پوي ٿو. پاڪستان اڳ ئي معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته افغانستان به سياسي ۽ اقتصادي عدم استحڪام جو شڪار آهي. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي رهي ته واپار، سرحدي واپار ۽ علائقائي اقتصادي سرگرميون سخت متاثر ٿينديون. نتيجي طور عام ماڻهو، واپاري ۽ سرحدي علائقن جا رهواسي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀوڳيندا. ان کان علاوه اهو به انتهائي سنجيده مسئلو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سرزمين دهشتگردي يا حملن لاءِ استعمال ٿئي ٿي ته ان جا نتيجا تمام خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال رڳو پاڪستان لاءِ نه پر خود افغانستان لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي. دهشتگردي ۽ غير رياستي عنصرن جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ان معاملي کي سنجيدگي سان حل نه ڪيو ويو ته اها صورتحال مستقبل ۾ وڌيڪ وڏين تڪرارن کي جنم ڏئي سگهي ٿي.
اهو پڻ ضروري آهي ته پاڪستان پنهنجو سيڪيورٽي نظام وڌيڪ مضبوط بڻائي، جيئن اهڙيون ڪوششون ابتدائي مرحلي ۾ ئي ناڪام بڻائي سگهجن. جديد ٽيڪنالاجي، موثر نگراني ۽ بهتر انٽيليجنس تعاون ذريعي فضائي حدن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. قومي سلامتي بابت ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪمزوري مستقبل ۾ وڌيڪ وڏن خطرن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. تنهن هوندي به، موجوده صورتحال جو سڀ کان ذميوارانه حل سفارتي ذريعن کي مضبوط ڪرڻ ۾ آهي. پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي گهرجي ته هو ڳالهين، سفارتي رابطن ۽ باهمي تعاون ذريعي مسئلن جو حل ڳولين. علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي خدشن کي سنجيدگي سان وٺن ۽ ڪنهن به قسم جي غلط فهمي يا تڪرار کي وڌڻ نه ڏين. اڄ جي نازڪ حالتن ۾ دانشمندي، صبر ۽ سفارتي حڪمت عملي جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن صورتحال کي صحيح وقت تي سنڀاليو نه ويو ته اها ڇڪتاڻ وڏي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اثر صرف ٻن ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهن ٿا. امن، استحڪام ۽ باهمي احترام ئي اهڙا اصول آهن جيڪي پاڪستان ۽ افغانستان کي مستقبل جي خطرناڪ رستن کان بچائي سگهن ٿا.