افغانستان ويندڙن لاءِ ضابطا سخت: سال جي مالي سيڪيورٽي لازمي: افغانين جي فوري نيڪالي سان وڏو انساني بحران پيدا ٿيندو: گڏيل قومون

آڪٽوبر 7, 2023

اسلام آباد/نيويارڪ(پنهنجي ڊيسڪ) ايف بي آر پاڪستان رستي افغانستان ويندڙن لاءِ ضابطا وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا، فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران ڪسٽمز رولز 2001 ۾ ترميم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن موجب نوان ضابطا ۽ شرط امپورٽرز، ڪسٽم ايجنٽس، بروڪرز ۽ ٽرانسپورٽرز تي لاڳو ٿيندا، افغانستان ويندڙ سامان تي فنانشل سيڪيورٽي جو شرط لاڳو ڪيو ويو

 ايف بي آر موجب فنانشل سيڪيورٽي مجاز بينڪ گارنٽي جي صورت ۾ ڏني ويندي، مالي گارنٽي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ ورتي ويندي، بينڪ گارنٽي ۾ گاڏين ۽ سامان تي لاڳو ٽيڪس ۽ ڊيوٽي به شامل هونديون

نوٽيفڪيشن موجب انهن قدمن جو مقصد پاڪ افغان ٽرانزٽ آپريشن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي

ٻئي طرف گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جي پاڪستان کي اپيل، انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانين کي فوري طور نيڪالي ڏيڻ سان وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو

بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان خطرن جي ور چڙهيل افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انهن کي تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ جو سلسلو جاري رکي، پاڪستان مان جن ماڻهن کي نيڪالي ڏني پئي وڃي انهن لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا

 عالمي ادارو خطري جي ور چڙهيل افغانين جي رجسٽريشن ۽ قيام ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جن افغانين کي تحفظ جي ضرورت آهي پاڪستان انهن کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته افغان شهرين کي زبردستي نيڪالي ڏيڻ سان انساني حقن جي لتاڙ جو خدشو به موجود آهي

Leave A Comment